Monday, January 13, 2014

“Even if you don't like it, Sindh is Sindh"



سنڌ ته سنڌ آهي پوءِ به توکي نه ٿي وڻي...!
وينگس
سنڌ مٿان وري ڪجهه هٿ هٿوڙا کڻي بيٺا آهن جيڪي سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ چاهين ته اڃا سنڌ 27 ڊسمبر 2007 واري غم مان نڪتي ناهي جو انهن اسان کي ٻڌائڻ شروع ڪيو آ ته اهي سنڌ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيندا.
پنهنجا نصيب خراب آهن يا نصيب نالي ڪا شيءِ وجود ئي نه ٿي رکي! حيدرآباد جلسي ۽ ڪراچي جي جلسي ۾ متحده سنڌ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڳالهايو  اهي سڀني ٻڌو، جنهن وقت الطاف حسين سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو ان وقت منهنجي اندر ورايو ته
If you break Sindh, I will save sindh because the waves of Indus (sindhu) are in my soul.
”معنيٰ تون سنڌ ٽوڙيندي مان سنڌ بچائيندس ڇو جو سنڌوء جون لهرون منهنجي روح ۾ آهن.“
 ڪاش! الطاف حسين کي سنڌ جي سيني تي رهندڙ بهادر ڪردارن جي خبر هجي ها، هو سنڌ جي تاريخ کي پڙهي سگهي ٿا ته هي سنڌ هن برصغير  جي سيني تي ڪيتري نه منفرد حيثيت رکندڙ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ کي سمجهيو آهي ان کي خبر آ ته هتان جي پيار ڪندڙن کي ڪڏهن به اهو نه چئجو، توهان کان سنڌ کسي ويندي ۽ جڏهن توهان ائين چيو ته پوءِ پيار ڪندڙ دليون ڪيئن ٿيون خاموش رهي سگهن؟
Original scanned article ~ Even if you don't like it, Sindh is Sindh

سنڌ جا سنڌي صرف شهري سنڌي ناهن سنڌ جا سنڌي هن ڌرتي سان پيار ڪندڙ آواز آهن اهي جيڪڏهن  زندهه آهن ته صرف سنڌ جي ڪري ئي ساهه کڻي رهيا آهن.
سنڌ جي روايت رهي آهي ته اهي پنهنجي پيار خاطر سر جي قرباني ڏئي ڇڏيندا آهن يقينن الطاف حسين کي خبر  نه هوندي ته ٻيجل جي هڪ سُرُ  تي سنڌ جي بادشاهه راجا پنهنجي قرباني ڏئي ڇڏي هئي.
 ان کان پوءِ اسان وٽ ڪيترائي مثال آهن جن هڪ واعدي تي  پنهنجي سر جي قرباني ڏئي ڇڏي هئي. جيڪا قوم هڪ واعدي خاطر  پنهنجي زندگي قربان ڪري سگهي ٿي. اها پنهنجي ڌرتي کي ٻه اڌ ٿيندي ڪيئن ڏسندي؟ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان سنڌين تي هزارين الزام آيا، اسان خاموش رهياسين ... صرف الزام ئي نه هنيا ويا پر  اسان جي ڪلهن تي عوامي اڳواڻن جا لاش ڏنا ويا ان وقت به خاموش رهياسين.
سنڌ ماتم ڪندي رهي پنهنجي درد تي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي پر پوءِ به هن ملڪ جي جمهوري نظام کي هلائڻ ۾ سنڌ ئي ووٽ ڏنو. ان کانپوءِ به سنڌ جو امتحان ورتو وڃي پيو.
ائين ڪرڻ سان ڪنهن کي فائدو رسندو؟ جيڪڏهن ميان الطاف حسين جي ذهن ۾ اها ڳالهه آ ته اهي ڪجهه وقتي سياسي مفاد حاصل ڪري ويندا انهن کي هڪ ڳالهه نه وسارئڻ گهرجي ته لفظن جا گهاوَ ناهن وسرندا.
متحده جنهن سنڌ جي محبت جا ڍڪ ڀريا پئي خير انهن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ واري ڳالهه ڪري پنهنجا پتا واضح ڪري ڇڏيا ته انهن جي من ۾ ڇا آهي؟ هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي ته اسان تي تنقيد ڪندڙن کي عيان ٿي ويو، انهن جي سياسي پاليسي ڪيتري نه ڪمزور  آهي جو  اهي بيرحم سياست کي نه سمجهي سگهيا.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف مارچ ۽ ڳالهائڻ آسان آهي شايد ان ڪري به جو هاڻي اهو هڪ سياسي فيشن ٿي چڪو  آهي جو پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري پاڻ کي جمهوري ۽ سنڌ پرست سڏائي سگهجي.
جيڪي ڀر  ۾ بيٺل آهن انهن تي خاموشي ڪهڙي سبب آهي؟ پاڪستان ۾ سياست ٿئي ڪارڊز  تي آهي جن عوامي سياست ڪئي انهن کي قتل ڪيو ويو. هاڻي متحده وٽ مهاجر ڪارڊ، سنڌ خلاف آهي. متحده کي سنڌ جا وڏيرا هضم نه ٿا ٿين. پاڻ ڪراچي ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟
متحده سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ کي 1 سنڌ ۽ 2 سنڌ ۾ ورهايو آهي. تعجب آ جو سنڌي سياستدان 1 سنڌ ۽ 2 سنڌ تي خاموشي جو روزو رکيو ويٺل آهن. سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه متحده ڇو ڪئي؟
متحده جو چوڻ ته انهن سان تعصبپرستي ٿئي پئي انهن جي حق نه پيا ڏنا وڃن. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو هڪ سياسي اڳواڻ سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ها ته اڄ پاڪستان جي ميڊيا کان وٺي اسٽبلشمينٽ تائين ان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين ها.
متحده سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه کان پوءِ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي. متحده کي ميڊيا کان وٺي اسٽبلشمينٽ تائين ڪنهن ڪجهه نه چيو. ها يقينن سنڌي ميڊيا هاءِ گهوڙا ڪئي ... سنڌي ميڊيا هاءِ گهوڙا نه ڪري ته ٻيو ڪير ڪندو؟ سنڌ جي زخمن تي اسان پاڻ کي آواز اُٿاريندا آهيون.
خير! متحده وڏي واڪي سان اعلان ڪيا ان کي ميڊيا تي ڪوريج ملي ۽ ڪنهن ڪجهه به نه چيو ته ميان الطاف حسين صاحب توهان پاڪستان جي خلاف ڇو ڳالهايو  ۽ اسان توهان کي ميڊيا تي ڪوريج نه ڏينداسين پر انهن کي ميڊيا تي ڪوريج ملي پوءِ به متحده رڙيون ٿي ڪري ته انهن سان ناجائزي پئي ٿئي. متحده کي حق نه ٿا ملن. ڪهڙا حق نه ٿا ملن؟ اسان به سمجهڻ چاهيون ٿا سنڌ جو گورنر  عشرت العباد هيڏن سالن کان سنڌ جو گورنر تي ويٺو آهي اهو متحده جو ئي آهي. ڪراچي ۾ متحده جي مرضي کان سواءِ سنڌ حڪومت ساهه به نه ٿي کڻي سگهي.
ڪراچي يونيورسٽين ۾ سنڌي نوجوانن کي داخلائون نه ٿيون ملن، ڪراچي جي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن کي نوڪريون نه ٿيون ملن ... ميڊيا تي سنڌي نوجوانن کي نه ٿو رکيو وڃي پر  مهاجرن کي رکيو ويندو  آهي انهن کي هر جڳهه تي آساني سان جاءِ ملي ويندي آهي.
الطاف حسين کي ٻڌائيندا هلون ته مهاجرن کي هر هنڌ اينٽري ملي ويندي جيڪڏهن ڪنهن کي حق نه ٿا ملن ته اهي بلوچ ۽ سنڌي آهن پوءِ الطاف حسين سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. متحده جو چوڻ ته انهن کي پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران تڪليف ٿيندي رهي آهي باقي ٻين جي حڪومت ۾ انهن کي ڪا شڪايت نه ٿي.
آمريت دور  ۾ متحده مشرف جي ساٿي رهي سنڌ ۾ ارباب رحيم صرف ڪرسي تي وزيراعليٰ جي حيثيت سان ويٺل هو  پر  ان کي ايتري به اجازت نه هئي ته هو  هڪ فائل هيڏانهن کان هوڏانهن ڪري سگهي. متحده جيڪڏهن اقتدار جو پاور  پنهنجي مُٺ رکي سنڌي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ غير جمهوري عمل ڪيئن قبول ڪري سگهجي ٿو.
پيپلز پارٽي گذريل حڪومت ۾ متحده جي هر ڳالهه قبول ڪئي لوڪل باڊيز آرڊيننس تي پ پ پارٽيءَ تنقيد کي منهن ڏنو  پوءِ به متحده کي شڪايت آهي. متحده ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ نواز ليگ سان ملي ڪري سنڌ ۾ مخالفت ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي اسيمبليءَ تائين رکيو وڃي ان ۾ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
الطاف حسين پاڻ کي مهاجر سمجهي ٿو  ته ان ۾ الطاف حسين ۽ متحده جي لاءِ ڇا چئجي؟ سنڌ ۾ رهندڙ  سنڌي آهن اردو ڳالهائيندڙ  ڪٿا ٿيا؟ متحده پنهنجي موقف ۾ ڪليئر  ٿئي.
سنڌ وٽ هينئر سياسي محاذ ڪمزور ضرور آهي جو سنڌ اهي اردو ڳالهائيندڙ  جي موقف کي نه ٿا سمجهي سگهن. اردو ڳالهائيندڙ مطلب توهان وري انهن کي هڪ قوم قبول ڪيو پيا جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ پنهنجن گهرن اندر ڪهڙي به ٻولي ڳالهائين پر  انهن کي سنڌ ۾ رهندي سنڌي ڳالهائڻي پوندي.
ڪاش! سنڌ جي سياستدانن کي ڪلچرل جي حوالي سان هڪ ڪلاس وٺڻ گهرجي جو انهن کي ٻولي جي اهميت جي خبر  پئجي ته سنڌي ٻولي جي اهميت ڪيتري ضروري آهي. سنڌ ۾ سڀ سنڌي آهن جيڪڏهن ڪير پاڻ کي هينئر  به ليڪي ۾ قيد ڪري سنڌ کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿو  ته اها انهن جي پنهنجي غلطي آهي.
سياسي، آئيني ۽ تاريخي تسلسل کي اڳيان رکندي اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي آهن. سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ واري بيان تي سنڌ احتجاج ڪيو  پر  هي احتجاج ان انداز سان اڳيان نه آيو جيئن بلدياتي آرڊيننس خلاف سنڌ جي ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب کان وٺي روڊن تي احتجاج ڪيو. ان جو جواب سنڌي عوام کي انهن ان وٺڻ گهرجي.
متحده جو چوڻ ته 1 سنڌ ۽ 2 سنڌ چاهين ٿا. سنڌ جي پارٽي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پلئجي اعلان ڪيو  ته هو  متحده جي ان بيان خلاف هڙيال ڪندا ۽ متحده کي هي بيان واپس ۽ معافي وٺڻ گهرجي.
“You can awake someone who is asleep but you can not awake someone who is pretending to be asleep,
مٿان انڊين چوڻي آهي جنهن جو مطلب ته توهان ان کي جاڳائي سگهو ٿا جيڪو سُتل هجي پر ان کي ڪيئن جاڳائيندوء جيڪو سمهڻ جو ناٽڪ ڪري.
سنڌ متحده طرفان نه معافي ٻڌي ۽ نه ئي انهن بيان واپس ورتو  پر  ان جي ابتڙ  انهن 1 سنڌ ۽ 2  سنڌ جي ڳالهه ڪئي. اياز لطيف پلئجو سنڌ کي واضح ڪندو  ته ڇا ان کي الطاف حسين جو حيدرآباد جلسي يا ڪراچي جلسي مان ڪهڙي بيان سان سهمت آهي جو ان هڙتال جو سڏ واپس ورتو؟
متحده پنهنجا ٻه ماڻهو  اياز لطيف پلئجي جي گهر  موڪلي ڏنا ته هن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. جيڪڏهن اختلاف عوامي تحريڪ ۽ متحده وچ ۾ هجي ها ته سنڌي عوام غصو نه ڪري ها پر هينئر ڳالهه سنڌ تي آهي جو هڙتال جو سڏ ڏئي پوءِ واپس وٺي ڇڏڻ جنهن ۾ متحده پنهنجي ڪنهن به بيان کان واپس نه ٿي آهي. اهڙي عمل سان عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اياز لطيف پلئجو  سنڌ جي موقف کي ڪٿي بيهاري ٿو؟
هڪ ڳالهه ان عمل ۾ واضح ٿي اڳيان اچي وئي ته هاڻي سنڌ جو عوام عوامي تحريڪ جي سڏ کي ڪيئن ٿو  سنجيده وٺي سگهي جڏهن رات جو پهر ۾ اهي ڪڏهن به هٿ کڻي سگهن ٿا.
سنڌ کي انتهائي سنجيده ٿي سوچڻو  پوندو  ته اهي ڪٿي ۽ ڪنهن جي ڀر  ۾ ڪهڙي موقف ٿي بيهن ٿا جيڪڏهن سنڌ سنجيدگي جو  مظاهرو نه ڪيو ته پوءِ ڪمزور  سياسي پل ٽٽي پوندي ۽ ان جي ٽٽڻ جو مطلب سنڌ کي نقصان پهچڻ آهي.
متحده سنڌ کي ٻه اڌ يا 1 سنڌ ۽ 2 سنڌ نه ٿي ڪري سگهي شايد انهن کي خبر ناهي ته سنڌ اقتدار جي تارازي ۾ رکيل ناهي ڀل سنڌ تي سياست ڪئي وڃي پر  ان کي ڪنهن به خاني ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي.
سنڌ هڪ حقيقت کي قبول ڪري ٿي ته هاڻي سنڌ وٽ ماضي جهڙا مضبوط ذهن ۽ سياسي پختگي رکندڙ  گهٽ آهن پر  سنڌ کي هڪ ڀيرو  ٻيهر  پاڻ کي تيار ڪرڻ آهي. سنڌ نه ٿي ورهائي سگهجي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ هڪ قوم جنهن جو تسلسل صدين تائين آهي جيڪڏهن سنڌ کي ڪنهن ورهايو  ته 1 ۽ 2 سنڌ ۾ بيهاريو  ته پوءِ پاڪستان کي ڪٿي بيهاريندوء؟
سنڌ ته سنڌ آهي پوءِ توکي نه ٿي وڻي ته ڇا ان ۾ سنڌ جو قصور آهي. سنڌ جو موقف هينئر  به ساڳيو  آهي جيڪو ڪنهن پارٽي جي هڙتال جي سڏ واپس وٺڻ کان پوءِ به تبديل نه ٿيو  آهي ته متحده کي سنڌ ٻه اڌ يا سنڌ 1 ۽ سنڌ 2 وارن بيانن کي واپس وٺڻ گهرجي.
سنڌ ان تي ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿي؟ سنڌ، متحده کان واضح بيان گهري ٿي. سنڌ کي ڪنهن سياسي ايشو يا پاور شيئرنگ تي نه ورهايو. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي پاڪستان جي سياست بند گهٽي ۾ ڦاسي پوي. ان ڪري ڪارڊز سياست کي اقتداري سياسي کسي تائين رکو  ته بهتر ٿيندو.  

Published in Daily Ibrat weekly magazine in Sansar, on Sunday 12 ,2014

No comments:

Post a Comment