Thursday, January 5, 2012

Sindh archaeology & Aseefa bhutto's visit.

موهن جي دڙي جي حفاظت سڀني جو فرض آهي..!

وينگس

دنيا جي ڪهڙي مهذب قوم آهي جيڪا پنهنجي قومي قديم ورثي کي تباهه ٿيندي ڏسي خاموش رهي. پنهنجي قومي قديم ورثي کي تباهه ڪرڻ موت جي وارنٽ تي دستخط ڪرڻ جي برابر آهي.

افسوس سان لکڻو پئجي رهيو آهي ته سنڌ اهڙي موت جي وارنٽ تي دستخط ڪري پئي، جنهن ڪري سنڌ جا ڪيترائي قومي قديم ورثا تباهه ٿي ويا آهن، مومل جي ماڙي، مڪلي جو مقبرو، چوڪنڊي مقام، لاکن جو دڙو، ڪراچي ۾ هندن جون قديم جايون، حيدرآباد جو پراڻو قلعو، ارڙو جو قلعو، روپا ماڙي ۽ رني ڪوٽ وغيره سڀئي پنهنجي آخري پساهن ۾ آهن، سنڌ ۾ آيل ٻوڏ ۽ برساتين ڪري قديم ورثن کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي.

ڪهڙا سبب آهن جو ايڏي وڏي قديم ورثي کي تباهه ڪيو ويو پيو وڃي، هڪ حڪمت عملي تحت قديم ماڳن تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ڪري ڪراچي ۾ هندن جي قديم جڳهون تباهه ٿين پيو پر ڪير ڪڇڻ وارو ناهي، ارڙو جو قلعو، روپا ماڙي، چوڪنڊي مقام سڀني جڳهن تي نظر ڦيرائي ڏسون ته اهي تباهه ٿي چڪيون آهن، جنهن تي حڪومت طرفان عملي قدم کڻندي نظر ناهي اچي رهي.

حڪومت ايترا انتظام نه ڪري سگهي ته آفتن دوران قديم ورثن کي ڪيئن محفوظ ڪندا، پر حڪومت جو رويو غير سنجيده ڏسڻ ۾ رهيو آهي، قديم جاين کي لاوارث ڪري بلڊرز جي ماتحت ڇڏيو ويو آهي ته جيئن اتي نيون بلڊنگز جوڙي سگهجن، مندرن تي غير قانوني قبضا ٿي رهيا آهن، حڪومت جي لاءِ ڇا چئجي جو اهو ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري سنڌ جي قديم ورٽن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن حڪومت کان پڇيو ويندو ته قديم ورثن جو ڇا ٿيو؟ انهن وٽ رٽيل پٽيل جملو موجود آهي ته اسان اڳوڻي حڪومت کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، ۽ وفاق کان سنڌ جا قديم ورثا واپس ورتا آهن.

اسان مڃون ٿا ته موجوده حڪومت برابر اڳوڻي حڪومت کان بهتر ڪم ڪري سنڌ جا قديم ورثا سنڌ حڪومت کي ڏياريا آهن، عوام پڇي رهيو آهي ته قديم ورثا جيڪڏهن وفاق يا صوبائي حڪومت وٽ آهن پر انهن جي سنڀال ڪيتري ٿي رهي آهي، جيڪڏهن صوبائي حڪومت وٽ اختيار هجڻ جي باوجود به قديم ورثن جي سنڀال نه ٿي پئي ته پوءِ هاڻي سنڌ جو عوام ڇا سمجهي؟ پهرين کڻي وفاق جي لاءِ عذر موجود هئا هاڻي ڪهڙا عذر سنڌ حڪومت پيش ڪندي؟

سنڌ جا سڀئي قديم ورثا مٽي سان ملي رهيا آهن ۽ انهن مان موهن جو دڙو تباهه پيو ٿئي، حڪومت جي ڇا ڳالهه ڪجي جو اتي نئون روڊ ٺهي رهيو ته حڪومت کي خبر ئي نه هئي جڏهن مقامي ماڻهن ۽ سنڌي ميڊيا آواز اٿاريو ته حڪومت ننڊ مان جاڳي ۽ چيو ته اسان ان تي نوٽس وٺنداسين، هاڻي جڏهن نوٽس وٺندا تيستائين موهن جو دڙو پنهنجي پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي.

هاڻي پاڻ ئي آصفه ڀٽو موهن جو دڙو گهمي وزيٽر بڪ تي ريمارڪس لکيا آهن ته موهن جي دڙي جي حفاظت اسان سڀني جو فرض آهي.

اسان سڀئي انهي موقف سان سهمت آهيون پر عملي قدم حڪومت کي کڻڻا آهن جيڪڏهن انهن قديم ورثن کي نه بچايو ويو ته پوءِ هي ورثا ئي مٽي سان نه ملي ويندا پر ان سان هن خطي جي تاريخ ۽ اسان جي شناخت مٽي ۾ ملي ختم ٿي ويندي.

قديم ورثن کي بچائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن ته بهتر ٿيندو ڏسو حڪومت بهتر قدم کڻڻ جي موڊ ۾ آهي؟


Daily news review published in Daily Ibrat newspaper.

No comments:

Post a Comment