Monday, December 26, 2011

Martyred Benazir Bhutto.

اڙي موت...!
وينگس
هي در تي ڪنهن ٺڪ ٺڪ ڪئي آ،
هينئر وري ايتري سانت ۽ ٿڌ ۾ ڪير آيو آهي؟
هر پاسي کان خاموشي ڇانيل،
اي دل تون زور سان نه ڌڙڪ،
هڪ ڀيرو ٻيهر در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ڏنو وڃي ٿو،
ٻاهر ڪير آ؟
سانت ۽ ٿڌي تيز هوائين کانسواءِ ڪجهه به ناهي پوءِ به هي ٻاهر ڪير آيو آهي؟
پر هيل ٺڪ ٺڪ عجيب آهي،
ڇا هي ٺڪ ٺڪ موت جي آهي؟
اندر مان آواز اچي ٿو،
اُٿي در کولي ڏس! ٻه پير اڳتي ڪر، ٻڌ ۽ ڏس،
ته هيل موت جي پيغام ۾ ڪير آهي؟
هن ويل در تي آيل دستڪ،
وري ڪنهن کي ڇنيو آهي؟
اي دل! ائين نه چئه،
اڙي موت هتان هليو وڃ ... هليو وڃ ...!
بس ڪر !
ڪنهن پاسي کان آواز اچي ٿو،
موت صرف دستڪ ڏيندو آ،
موت صرف دستڪ ڏيندو آ،
هن ڀيري پنهنجي ديس ۾ ٻيهر موت واپس وريو آ،
هيل آيل دستڪ،
هن کي کڻي وئي،
آسمان ۽ زمين جي سانت ٻڌائي ٿي،
موت تون اسان کان ڪنهن کي ڇنيو آهي،
اڙي موت تون به ته رونيو هوندين،
ڇا تون ڏٺو،
ته تون پنهنجي دستڪ ۾ ڪنهن کي کنيو،
اڙي موت تون هليو ڇو نه وئين،
ڇو نه پنهنجا پير پٺتي ڪيا؟
ها ... ها ... تون صرف دستڪ ڏيڻ ڄاڻين،
تنهنجي هيل دستڪ تو کي به ته اندر ۾ ٽوڙيو هوندو،
ٻه لڙڪ تنهنجا به ته ڪريا هوندا،
اڙي موت هيل ڏينل دستڪ ۾ تون ڪنهن کي کنيو..،
ڪاش! تون هليو وڃي ها..،
۽ دستڪ نه ڏئي ها..! (هلينا)

Published in Daily Ibrat on 27 December 2011

No comments:

Post a Comment