Friday, October 28, 2011

Open Letter to my Mother.

کليل خط ماءُ ڏانهن! نثري نظم




وينگس



(اڄ يقينن ماءُ جو ڏيهاڙو ناهي، پر ماءُ کي ياد ڪرڻ لاءِ مقرر تاريخن جي محتاجيءَ جي ضرورت ناهي هوندي. هي نثري نظم ماءُ جي نانءُ آهي جنهن هميشه پنهنجي زندگي اسان سڀني جي ناءُ صدين تائين ڪندي پئي اچي، ماءُ جي روايت ڪنهن به دوءر ۾ جهڪي ناهي ٿي.)
امان!
تون چيو هو ته،
زندگي انتهائي خوبصورت آهي،
جيڪڏهن توهان وٽ ڪتاب، دوست، موسيقي ٽئي شيون هجن،
مون کي اڄ به ياد آهي،
تون ڪيئن نه زور سان ڀاڪر ڀرندي چيو هو ،
زندگي بهادر تي ان وقت گذاري سگهجي ٿي،
جيڪڏهن توهان اصولن تي هلو،
تنهنجي هر هڪ ڳالهه منهنجي اندر محفوظ آ،
مان ڪيئن ٿي وساري سگهان،





جنهن وقت تون مون کي خوبصورتي تي صلاح ڏيندي چيو هو ته،
انسان خوبصورت پنهنجي سوچ سان ٿيندو آ ۽ مون کلندي پڇيو هو ته،
نه ... نه ... ماڊلنگ لاءِ ٻاهرين خوبصورتي جي ضرورت هوندي آهي،
ان گهڙيءَ تون ٽهڪ ڏيندي مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي سمجهايو هو،
اصل خوبصورتي اندر مان جنم وٺندي آ،
۽ اندر جي خوبصورتي اسان جي سوچن سان ڳنڍيل آهي،
مون هڪ ڀيرو تون کان سوال ڪيو هو،
زندگي ايتري مشڪل ۽ ڏک سان ڀريل آ، ائين ڇو؟
۽ تون مون کي مڪسم گورڪي جو ڪتاب (ماءُ) هٿ ۾ ڏيندي چيو هو،
جنهن جي زندگي ۾ ڪتابن جو سرمايو آهي،




ان جي زندگي مشڪل ۽ ڏک سان ڀريل نه ٿي رهي،
اڙي ها! تون مون کي اهو به ته چيو هو،
اسان جو اصل رشتو بهترين دوستن سان جڙيل هوندو آهي،
پوءِ اهي دوست ڪڏهن انسانن جي روپ ۾ ته ... پر ڪتاب بهترين دوست آهن،
۽ مون تعجب جيان سوال ڪيو،
اهو وري ڪيئن ڪتاب اسان سان راند نه کيڏيندا آهن؟
ڪتاب انسان ته ناهن..؟





۽ تون ڪتابن کي ڪٻٽ ۾ رکندي چيو هو ته انسانن جي خوبصورت تخليق آهن،
ڪتاب اسان جي سوچن سان راند کيڏيندا آهن،
ڇا تو کي ياد آهي؟
جڏهن تون آمر جنرل ضياءُ الحق جي دوءر ۾ پفليٽ ۽ ڪتابن کي باهه ڏئي رهي هوئينءَ،
اسان سڀئي (ڀائر ۽ ڀيئنر) پڇيو هو ته امان هي سڀ ڇا لاءِ؟
تون ڪيترو نه ڏک جي لهجي ۾ چيو،




ڏسو! مون توهان جي پڙهائي لاءِ اهم ڪتاب سنڀالي رکيا آهن ۽ پڻ انهن سڙندڙن ڪتابن جو هڪ هڪ سيٽ مون سنڀالي رکيو آ،
بس پٽ! بزدل ماڻهو ڪتابن جي ڏاهپ کان ڊڄندا آهن ۽ هن ملڪ ۾ موجود آمر جنرل ضياء به خوف زده آ،
ان جا ماڻهو ڪڏهن به هيڏانهن اچي سگهن ٿا،
۽ اسان سڀني کي ڪتاب رکڻ جي سزا ڏئي سگهن ٿا،
۽ اسان تنهنجي ڀر ۾ بيهي ڪتابن کي سڙندي ڏسي رهيا هئاسين،
پر تون اسان ڏانهن ڏسندي چيو هو مون انهن جي هڪ هڪ سٽ سنڀالي رکيو آ،




هڪ ڏينهن توهان وڏا ٿي پڙهندوء...!
مون کي سڀ ڪجهه ياد آ،
جڏهن تون ذهني غربت کي وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو هو،
۽ تون هن سڄي دنيا کي پنهنجو گهر چيو هو،
مون کي اڄ به ياد آهي،
مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو هو ته،
ان وقت تون ئي منهنجي ڀر ۾ بيهي ڪري چيو،
پٽ! قلم ۽ ڪاغذ کي سچائي لاءِ استعمال ڪجانءِ،
زندگي کي اصولن تي هلائجانءِ،
ان کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي،




ها! اهي مون کي جملا ياد آهن جڏهن تون چيو هو ته،
جيڪڏهن بهادر ٿي سچ لکنديءَ ته جيت تنهنجي ٿيندي،
۽ اڄ وقت ڊگهو سفر طئه ڪري آيو آهي،




پر اي امان،
مون ڪيترو نه چاهيو ڪتابن سان گڏ انسان به بهترين دوست ٿين،
پر ائين ممڪن نه ٿيو،
انسانن وٽ هزارين لڪيل چهرا آهن، اهي ڪتابن جهڙا ناهن،
مون ڪوشش ڪئي آ،
ته مان اصولن تي هلي بهادر ٿي سچ جي راهه تي هلان،
سماج ۾ موجود ڪوڙ کي واکو ڪيان،




پر امان،
هي سماج جنهن اندر ڊيڪولا جهڙا شيطان رهن ٿا،
اهي سڀئي طاقتور آهن،
اهي مختلف چهرا چاڙهي،
اسان کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌن ٿا،
اهي سڀئي وڏي واڪي رڙيون ڪري چئي رهيا آهن،



نه ڳالهائي ... نه لِکِ ... نه سوچ ... !!!
مون پاڻ کي تنهنجي ڳالهه ياد ڏياري،
ڪتاب ... اصول .. بهادري ... ۽ جيت اسان جي ٿيڻي آ،
پر جيڪڏهن مان خاموش ڪئي وڃان،
يا مان ٻيهر لکي نه سگهان،




ته سوچي وٺجانءِ،
مان بهادر نه آهيان،
مون کي معاف ڪجانءِ،




امان،
مان هينئر به خوفناڪ طوفاني لهرن سان مقابلي ۾ آهيان،
۽ جيڪڏهن منهنجا هٿ جواب ڏئي ويهي رهن،
ته مون کي معاف ڪجانءِ،
اهي سڀئي ڪيترا نه گهڻا ۽ خوفناڪ آهن،
۽ مان سحرا ۾ اڪيلي،
اهي چاهين ٿا،
سچ جي هار ٿئي،
پر مون کي يقين آهي،
هڪ ڏينهن جيت سچ جي ٿيڻي آهي،



ها!
تون غلط نه آهين،
تون سچ ئي چيو هو ۽ آهي،
پر جي مان هن جنم ۾ ناڪام ٿيان،
ته پوءِ مون کي پنهنجي ڪُکُ مان ٻيهر جنم ڏيجانءِ،
جيڪو ڪم هن جنم سرانجام نه ڏئي سگهان،
اهو مون کي ٻئي جنم ۾ ڪرڻ جو موقعو ڏيجانءِ،



پر اي امان،
مون کي ڪڏهن بزدلن جي فهرست ۾ شمار نه ڪجانءِ،
مان اڄ به اصولن تي بيٺل آهيان،
بس! اهي سڀئي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا
۽ جيڪڏهن مان خاموش ڪئي وڃان،
ته مون کي يقين آهي،
تڏهن به جيت سچ جي ٿيڻي آهي،


امان! تنهنجي هر ڳالهه منهنجي سيني ۾ سانڍيل آهي،
مان زندگيءَ کي سچ ۽ اصولن تي هلايو آ،
پر منهنجي امان هڪ ڳالهه مون کي ٻڌائجانءِ،
زندگي جي پيڙاهه کي ڪتاب، اصول، ۽ موسيقي به ختم نه ٿا ڪري سگهن،
ڇا تنهنجي اکين ۾ موجود غم ختم ٿي سگهيو؟
ڪڏهن زندگي جي ان پاسي تي به سوچجانءِ. (هلينا)






Published on Daily Ibrat in 29/October/2011

1 comment:

  1. Thats is good poem, expressing your feelings in detail and intensity. I appreciate.

    ReplyDelete