Tuesday, August 9, 2011

A State between Truth & Lie!!!

هڪ رياست، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾...!!!



وينگس


مهاتما گانڌي ڪيترو نه درست چيو آهي ته There is no God higher than Truth.
سچ کان مٿي ٻيو ڪو به خدا ناهي. دنيا ۾ هينئر تائين جيڪا به ويڙهه هلندي رهي آهي انهن سڀني ويڙهن مان سڀ کان پراڻي ۽ قديم ترين ويڙهه سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ هلندڙ جنگ آهي، جيتوڻيڪ سچ جي حصي ۾ هميشه هر دور ۾ ٿورڙا ماڻهو آيا آهن، ان هوندي به جيت سچ جي حصي ۾ ئي آئي آهي.


ڇاڪاڻ جو سچ پنهنجي پَرَ ۾ ديو مالائي ڪردار جيان آهي جنهن کي جيتريون مشڪلاتون ڏنيون وينديون، هو ڪمزور نه ٿيندو پر ان جي ابتڙ پنهنجي اندر وڏي سگهه حاصل ڪندو.
سچ جي اهميت کي به اهي ڪردار سمجهي سگهن ٿا جن وٽ سچ کي محسوس ڪرڻ جي حِسَ هوندي، ۽ گانڌي جي، به انهن ڪردارن مان هڪ آهي جنهن سچ جي سچائي کي محسوس ڪيو آهي. هونءَ به سچ ئي چيو ويو ته ڪيسين رهندي نيٺ ته ڊهندي دوکي جي ديوار او يار...!





سچ کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان کان اکيون ڦيري سگهجن ٿيون. جيڪڏهن ڪجهه ڪردار سچ کان منهن ڦيرائي، ڪوڙ کي درست ڪرڻ جي ڪوششن ڪن ته ان جو مطلب هرگز اهو نه ٿي پوندي ته ڪوڙ سچ ٿي پوي ۽ سچ ڪوڙ ٿي وڃي.
وقتي سطح تي ڪوڙ ديده دليري ۽ هٺ ڌرمي سان بيٺل هجي ائين نه ٿيندو جو ڪوڙ، سچ ٿي وڃي. ائين ئي پاڪستان رياست ۾ اڄڪلهه ئي نه پر شروع ڏينهن کان وٺي ڪوڙ کي داداگيري سان جڳهه ڏني وئي آهي، ۽ جڏهن جڏهن ڪوڙ خلاف قدم مٿي اُٿيا آهن انهن کي ختم ڪيو ويو آهي.


بنگلاديش ڪڏهن به نه ٺهي ها جيڪڏهن ان کي ڪوڙ ۽ ٺڳيبازي جي زور تي دٻايو نه وڃي ها، هڪ اهڙي ڌرتي جنهن جي هر رڳ ۾ تاريخي ورثو، ثقافت، ادب، ۽ قديم مهذب ٻولي ڊوڙي رهي هئي ان ڪري ڪيئن ممڪن هو جو بنگال کي دٻايو وڃي ها.
انهن بنگالين کي دٻائي نه سگهيا پر اهي بنگال کان پوءِ ٻين تاريخي ۽ تهذيب يافته صوبن کي دٻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا رهيا آهن. تاريخ جي سيني تي اڄ به لفظ موجود آهن جڏهن جنرل ٽِڪا خان چيو ته، بنگال کي فتح ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇاڪاڻ جو اسان جي فوج مارچ نه پئي ڪري سگهي، بنگال جي بنسبت سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن آساني سان مارچ ڪري سگهجي ٿي ۽ ڌارين کي آباد ڪري اصل رهاڪن کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


جنرل ٽِڪا خان جو ڪوڙ منظم طريقي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي سچ کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ۽ ائين ٿيندو رهيو آهي.
سنڌي ۽ بلوچ کي پاڪستاني ثابت ٿيڻ لاءِ سرٽيفيڪيٽ ڏيڻا پئي وڃن ٿا، هاڻي جنهن ملڪ ۾ هر موڙ تي سرٽيفيڪيٽ پيش ڪيا وڃن ۽ پنهنجي سچائي جو ثبوت ڏيڻو پوي ته پوءِ اصل رهاڪن جي اهميت ڪيتري وڃي بچي ٿي؟ مٿان وري سچائي جو ثبوت اهو آهي جو انهن جي ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيو وڃي ۽ سنڌي ۽ بلوچ جي سچ کي ڪوڙ چيو وڃي، اها ئي هن رياست ۾ سچائي جي قيمت آهي.
جڏهن ڪنهن رياست ۾ سچائي جي اِها ئي قيمت رهجي وڃي ٿي ته پوءِ بچي ڇا ٿو؟


اڄڪلهه ملڪ ۾ حالتون خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خراب ٿيڻ جا سبب ئي هي آهن جو انهن جي اصل حيثيت کي ڪوڙ جي زور تي دٻايو وڃي ٿو. جيئن ته هينئر سنڌ جيئن ٻري رهي آهي، ان جو پهريون سبب ئي اهو آهي ته انهن ٻيهر غلطي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي جو انهن سنڌ کي ڪوڙ جي ڏاڍ تي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، يقينن سنڌ جون اکيون ۽ دل اڃا مري کپي ناهن وڃون جو اهي پنهنجي تاريخي قديم سچ کي لوڙهي ڇڏين.


ايترو آسان ناهي، پر جيڪڏهن بندوق ۽ گولي جي زور تي هيسايو ويندو ته پوءِ اهو به وقتي هيسائڻ هوندو، هڪ نه هڪ ڏينهن ردعمل پريشر ڪوڪر جيان ڦاٽي پوندو.
سنڌ جي شهر خاص ڪراچي ۾ مسلسل خراب ٿيندڙ حالتن تي مان پنهنجي گذريل سال جي ڪالمن ۾ لکندي آيس ته ڪراچي ۾ اصل جنگ مال پاڻي تي آهي، ۽ ظاهر آهي مال پاڻي ان کي ئي ملندو جيڪو پنهنجو ڏاڍ رکندو، پڻ ٻئي پاسي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي الڳ ڪرڻ جا منصوبا جڙي چڪا آهن جتي مون لکيو هو ته هاڻي ڪجهه چوڻيون ماضي جو حصو ٿي وڃون ته سنڌ کي ڪير به فتح نه ڪري سگهيو آهي.


درحقيقت سنڌ کي فتح ڪرڻ جي ضرورت ڇا جي آهي؟ سنڌ جي اڌ ڌرتي ڌارين جي پيرن هيٺيان اچي چڪي آهي، ان وقت ڇو نه سوچيو ويو ته ايندڙ مستقبل ۾ سنڌين جي حيثيت ڪيتري رهندي؟
هاڻي ان جو ثبوت ملي رهيو آهي جو سنڌين کي پنهنجن شهرن ۾ رهڻ پري جي ڳالهه آهي انهن کي ٻچن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي به حيثيت ناهي، تعليم حاصل پري جي ڳالهه رهي، پر سنڌ جي هڪ وزير لاءِ چيو ويو ته هو ڪراچي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڇڏي هليو وڃي. هي هڪ ڌمڪي نه هئي پر ان مستقبل جي خاڪي جو عڪس هئي جيڪو جڙي چڪو آهي. هڪ وزير جڏهن ڳالهائي ٿو ته باهه مچي وڃي ٿي.
اتي ئي جڏهن متحده جو چيئر مين سنڌ خلاف گار ڪڍي ٿو ان وقت سنڌي ڪيئن خاموش رهيا؟ جَسُ هجي عوامي تحريڪ کي جنهن تذليل کي محسوس ڪندي، احتجاج ڪيو. اسان سڀئي مڃون ٿا ته متحده ۽ پي پي وچ ۾ ويڙهه اقتدار جي آهي، هاڻي ڳالهه صرف اقتدار جي ئي ناهي، هي ماجرو اقتدار کان مٿي ٿي سنڌ جي حدن تي مالڪي جو ٿيندو پيو وڃي.


عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ وقت هو ته سنڌ سراپا احتجاج ٿي وڃي ها جڏهن سنڌ مٿان متحده جي ڪنهن عام ڪارڪن نه پر هڪ ذميوار عهدي تي ويهندڙ گٿا لفظ ڳالهايا. جيتوڻيڪ ان معافي گهري پر ڇا سڄي ڳالهه اتي ختم شُدِ تي وئي.
رياست ۾ هميشه عوام جي ردعمل کي جاچڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا پٿر اڇلايا ويندا آهن ۽ ڏٺو ويندو آهي ته ان قوم جا باشنده ۽ اڳواڻ ڪيتري سگهه ۽ مستقبل تي نظر رکندڙ آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ڇا چئجي؟ شهيد پنڪيءَ جي پارٽي ڪٿي وڃي بچي آهي؟ ان جو اندازو ان وقت ٿيندو جڏهن بلاول ڀٽو پير رکندو ته شايد ان کي پي پي ڀريل ملي، اصل ٽف ٽائيم بلاول ڀٽو لاءِ هوندو. ڪاش! پيپلز پارٽي سمجهه ڀريا قدم کڻي.


سنڌ عوام لاءِ ڪير به سڄڻ ناهي، جن کي آباد ڪيوسين ۽ جن کي ووٽ ڏنوسين پوءِ اهو ووٽ پاڪستان ٺهڻ لاءِ هجي يا ايوانن تائين پهچائڻ جي ٽڪيٽ، هر پاسي کان گهاوَ ئي مليا آهن.
موجوده حالتن ۾ هڪ ٻيو ڪوڙ سچ ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ ڪمشنري نظام نه ٿو هلي سگهي ۽ ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي.
پهرين ڳالهه ته ڪراچي ۾ ڪمشنري نظام ڇو نه ٿو هلي سگهي؟ جيڪو نظام ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ هلي سگهي ٿو، اهو سنڌ ۾ ڇو نه ٿو هلي سگهي؟ ٻئي پاسي ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ جو احترام مان ڇا مراد آهي؟ ڇا ڪراچي جي سڄي عوام هڪ گروهه کي مينڊيٽ ڏنو آهي؟ جيتوڻيڪ ائين بلڪل ناهي، هڪ ئي صوبي ۾ ٻه ٻه مينڊيٽ ڪيئن اچي سگهن ٿا؟ مينڊيٽ هميشه صوبن جا هوندا آهن.
جڏهن متحده ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ جي ڳالهه ڪري ٿي ته ان کي لياري، ملير ۽ گڏاپ کي باءِ پاس ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
هڪ گروهه ڪري سڄي سنڌي عوام جي مينڊيٽ ئي نه پر ملڪ جي سسٽم کي لتاڙيندي 2001 جي سسٽم کي بحال ڪندي ڪراچي جي پراڻي حيثيت کي ختم ڪندي هڪ يونٽ ۾ بحال ڪيو ويو آهي.


هاڻي سڄي سنڌ ٻري پئي، سنڌ کي پهرين ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ گهربو هو جڏهن سنڌ مٿان گار آئي هئي ته هو غلام ۽ جلاد آهن. خير اڄ سڄي سنڌ ٻري رهي آهي، هي سڄي سنڌ ڪوڙ خلاف احتجاج ڪري ٿي، آخر هڪ قوم ڪوڙ کي ڪيستائين ڀوڳندي رهندي؟
انهي ڪري رياستي هٿڪنڊن کي سوچڻو پوندو، اهي ڪوڙ کي سچ مٿان ڪيئن ٿاپيئندا رهندا؟ هاڻي ڪوڙ کي مڙهڻ واري راند بند ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان کي فل اسٽاپ نه آيو ته پوءِ تاريخ جا ورق شاهد آهن، سچ هميشه کٽيو آهي.


سنڌ کي فتح ڪرڻ يا جاگير سمجهڻ کانپهرين سوچڻو پوندو ته سچ کي فتح يا ان کي جاگير نه ٿو بڻائي سگهجي.
هاڻي سنڌ کي ڪوڙ تي فتح ڪرڻ آسان ناهي، سوچڻو گهرجي ته هن رياست ۾ ڪنهن کي ڪهڙي حيثيت ۽ بنيادن تي رهڻو گهرجي؟ ڪاش! سچ ۽ اصل رهاڪن جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي. ڇا ائين ممڪن ٿيندو؟






Published in Daily Ibrat newspaper on August - 9th - 2011

No comments:

Post a Comment