Monday, August 15, 2011

Martyred Salmaan Taseer honored by Nishan Imtiaz




!!! آخر ڪار انهن قبول ڪيو ته تون درست هوئين





وينگس


جيستائين ڪنهن به ملڪ ۾ انساني حق برابر سطح تي هر شهري کي نه ٿا ڏنا وڃن اهو ملڪ ناڪام آهي. ڇاڪاڻ جو رياست جو وجود ئي انهي ڪري پيو ته هر انسان کي تحفظ ملي سگهي ۽ هو پنهنجي زندگي آرام سان گذاري


هر رياست تي پهريون فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي بينا ڪنهن فرق، رنگ روپ ۽ مذهب جي سڀني شهرين جو تحفظ ڪري ۽ هڪ شهري به پنهنجي رياست مان اها ئي اميد رکي ٿو ته ان جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو ويندو، جنهن رياست ۾ شهري کي تحفظ مهيا ناهي اها رياست ان شهري لاءِ جيل برابر آهي جنهن جي هر موڙ تي ان کي خوف هجي ته ايندڙ ڪجهه گهڙين ۾ ان سان ڪٿي به اڻ وڻندڙ حادثو ٿي سگهي ٿو

.
اسان کي گهڻي افسوس ۽ شرمندگي سان لکڻو پئجي رهيو آهي ته پاڪستان جهڙي رياست ۾ صرف غير مسلم ئي نه پر مسلمان به ڏچي ۾ آهن ڪنهن کي به ڪٿي تحفظ ۽ شهري حق ناهن، هتي صرف هڪ مخصوص گروهن جي چهيتن کي شهري ڪيو ويو آهي ٻيا ته ڄڻ گناهه ڪبيريٰ ڪري آيا آهن جو انهن کي شهري هجڻ جا حق نه ٿا ڏنا وڃن.
تصور ڪيو ته پوءِ اتي غير مسلم شهرين جو حال ڪهڙو هوندو؟
ڇا اهي آزادي سان ساهه به کڻي سگهندا هوندا؟ يقينن اسان سڀني جو جواب ”نه“ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ڇو جو اسان سڀني جي اڳيان گذريل سال احمدين جي عبادت گاهه تي حملا ٿيا ۽ جنهن ۾ سوء جي لڳ ڀڳ احمدي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ان کان اڳ گوجرا واقعو ٿيو جنهن ۾ عيسائين جي سڄي ڳوٺ کي تباهه ڪيو ويو، پر موجوده حڪومت ڪنهن به واقعي تي سنجيدگي سان نوٽس نه ورتو.
ان جي ابتڙ راڻا ثناء الله جيڪو پنجاب حڪومت ۾ اهم ۽ ذميواري نڀائي رهيو آهي پر ان جا بيان ۽ عملي ڪم ڏسندي نه ٿو چئي سگهي ته هو ڪنهن ذميوار سيٽ تي فائض به آهي

.
ڇاڪاڻ جو راڻا ثناء الله جا انتهاءپسند تنظيمين سان واسطا آهن ۽ هي انهن جي جلسن ۾ به ويندو رهيو آهي. پنجاب حڪومت کي عيسائين ۽ احمدين سان ٿيندڙ ناانصافي تي نوٽس وٺڻ جي بجاءِ نظر انداز ڪندي پنجاب ۾ انتهاء پسند تنظيمين کي ڇوٽ ڏني وئي ته اهي آرام سان پنهنجو ڪم ڪري سگهن ٿيون، پنجاب حڪومت لاءِ اڃا ڇا چئجي جڏهن لاهور جي ڀتين تي احمدين ۽ عيسائين خلاف بينر ۽ نعرا لکيا ويا ته ڪنهن نوٽس ناهي ورتو

.
هاڻي جڏهن گناهگار هٿن کي سزا نه ڏني ويندي ته پوءِ ٻين شهرين جي من ۾ به غلط ڪم ڪرڻ جي سوچ پيدا ٿيندي. ڪنهن سچ چيو ته جڏهن انصاف خاموش ٿي وڃي ته پوءِ پڪ ڪري وٺو ناانصافي توهان جي اردگرد لامارا پائي رهي هوندي، ڇاڪاڻ جو ان تي ڪير قانون لاڳو ڪرڻ وارو ناهي

.
ائين ئي آسيه بي بي ناانصافي جي وَرَ چڙهي وئي، جنهن مٿان توهين رياست جو الزام لڳايو ويو، آسيه بي بي چئن ننڍڙن ٻارن جي ماءُ آهي، جيڪا مسلسل رڙيون ڪندي چوندي رهي ته مونکي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ۽ ملڪ جي غيرت مند ميڊيا آسيه بي بي جي ڳالهه نه ٻڌي سگهي، اتي ئي پنجاب جي ڌرتي مان ئي بلي شاهه جي آواز ۾ گورنر سلمان تاثير قدم اڳتي ڪندي آسيه بي بي جي ڪيس کي ٻڌيو، سلمان تاثير سان گڏ هن جي سلجهيل گهرواري آمنه تاثير ۽ ڌيءَ شهر بانو سلمان تاثير سان گڏ ٿي ڪري آسيه بي بي ڪيس کي ٿڌي دماغ سان ٻڌو

.
ان ۾ شڪ ناهي ته مذهب کي گهڻن لالچي ذهنن غلط استعمال ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن مان هتي هي لکان ته آسيه بي بي ڪيس ۾ به ائين ئي ٿيو جو ان کي ذاتي دشمني ۾ اچي ڪري توهين رسالت جو الزام هنيو ويو. جڏهن سلمان تاثير آواز اٿاري رهيو هو ان وقت هن مٿان هر سطح جا الزام هنيا ويا ۽ پاڻ کي مذهب جا چئپين سڏرائيندڙن هن کي عوام اڳيان غلط ڪري پيش ڪيو ان سان گڏوگڏ راڻا ثناء الله سلمان تاثير کي واجبل قتل قرار ڏنو.
سلمان تاثير جيڪو هڪ ماءُ کي انساني بنياد تي حق ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهيو هو ان تي اهڙا غيرذميواراڻا بيان ڏيندڙ راڻا ثناء الله تي ڪنهن نوٽس ورتو؟
اتي سپريم ڪورٽ جو سو موٽو ڪٿي هو ته هڪ گورنر لاءِ ڪيئن بيان ڏنا پيا وڃن؟
سلمان تاثير کي غلط ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ائين انهن جي ناانصافي ڪري سلمان تاثير 4 جنوري 2010 تي شهيد ڪيو ويو. هڪ اهڙو آواز جيڪو رياستي بنياد تي شهرين کي بينا رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق تي برابري جي بنياد تي انساني حقن لاءِ آواز اُٿاري رهيو هو.
سلمان تاثير جي شهادت کان پوءِ ڪير به مڙسي ڪري ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو ته سلمان تاثير درست هو جيڪو ڪجهه هن ڪرڻ چاهيو اهو انساني حقن ۽ مذهبن جي نظر ۾ درست هو ته هر ڪيس کي ٻڌيو وڃي ۽ جاچيو ته ڪير اصل ڏوهاري آهي؟ ائين نه ٿئي ته ڪير بيگناهه سولي تي چڙهي وڃي. پر افسوس! سلمان تاثير جي آخري موڪلاڻي کانپوءِ جنهن ۾ هن 25 گولين جا گهاوَ کاڌا، جنهن کانپوءِ سڀني محسوس ڪيو ته اسان 4 جنوري تي بلي شاهه جي آواز جو پروڪار سلمان تاثير جهڙو پروگريسوِ ذهن وڃائي ويٺاسين.
هينئر تائين ڪجهه ناسمجهه ممتاز قادري جنهن سلمان تاثير کي شهيد ڪيو، ان کي گلن جا هار پارائي رهيا آهن. ڇا انهن کان ڪنهن پڇيو ته ممتاز قادري کي ڪنهن مارڻ جو لائسنس ڏنو؟


سچ هميشه جيت حاصل ڪندو آهي، جن سلمان تاثير جي شهادت کي قبول نه ڪيو انهن 14 آگسٽ تي تسليم ڪيو هوندو جڏهن سلمان تاثير کي نشان امتياز سان نوازيو ويو، ۽ رياست قبول ڪيو ته سلمان تاثير تون درست هوئين.
اسان سمجهون ٿا ته سلمان تاثير جهڙا سلجهيل ذهنن کي ياد رکڻ ضروري آهي، جتي ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا اتي سلمان تاثير جو ڪيس اڄ به پنهنجي حصي جي ٻڌڻي جي انتظار ۾ آهي


Daily newsreview published in Daily Ibrat newspaper on 16th August 2011.

No comments:

Post a Comment