Saturday, August 27, 2011

Kidnapping of Shabaz Taseer!

آمنه تاثير هي عوام توهان گڏ آ..!
شهباز تاثير کي اغوا ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

وينگس





پنجاب صوبي جي عجيب ڪهاڻي آهي پر سڄي ڪهاڻي ۾ هڪ رجعت پرستي جي ڳالهه عام آهي، هاڻي جنرل ضياء جي پوکيل کيتي جي آڏو سلجهيل ذهن اُڀيري رهيا آهن. ان نئين رسم جي ابتداء تاثير فميلي ڪري رهي آهي ڪيتري عرصي کان وٺي پنجاب ۾ رجعت پرست پنهنجو داٻو ڄمائي رهيا آهن، ان ۾ شڪ ناهي ته پنجاب مان ڪجهه اعتدال پسند اُڀريا، افسوس اُهي سڀئي وڌيڪ عرصو پنهنجا پير کوڙي نه سگهيا، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ انهن پنهنجا پير جهڪا ڪندا رهيا آهن.




سچ ئي چيو ويو ته ڏاڍ جي عمر ڪڏهن نه ڪڏهن ختم ٿيندي، ۽ ائين آسيه بي بي ڪيس پنجاب صوبي ۾ جنرل ضياء جي رجعت پرست خلاف پهريون پٿر ثابت ٿيو آهي. هر تبديلي پنهنجي قيمت مقرر ڪندڙ آهي، اهو ممڪن ئي ناهي ته عوام اندر تبديلي آساني سان اچي وڃي ان لاءِ قرباني ۽سِرَ جو سانگو ڏيڻ پئي ٿو. جنهن قيمت ادا نه ڪئي ان تبديلي جي ابتداء نه ڪئي ۽ شهيد سلمان تاثير پنهنجي سر جو سانگو ڏئي تبديلي جي رسم وڌي آهي.

شهيد سلمان تاثير ڪهڙو گناهه ڪيو؟ اهو ئي ڪيو جو ان معصوم غريب آسيه بي بي ڪيس ٻڌڻ ويو ۽ حقيقت کي ڏسڻ پئي چاهيو ته اصل معاملو ڇا آهي؟ ڇو جو آسيه بي بي ڪيس پنجاب ۾ پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، ان کان پهرين به مسلسل غير مسلم عوام تي ظلم ٿيندو پيو اچي جنهن تي ڪنهن به سنجيدگي سان ڌيان نه ڏنو. سڀ ڪجه آن دي رڪارڊ آهي ته راڻا ثناء الله قانون وارو وزير هجڻ جي باجود بندش پيل تنظيمن جي جلسن جلوسن ۾ ويندو رهيو آهي. ايستائين جو گوجرا ثانحي جنهن ۾ عيسائين جو سڄو ڳوٺ ساڙيو ويو ان تي تفتيش ڪرڻ بجاءِ احمدين جي ٻن عبادت گاهن تي خوفناڪ حملا ٿيا ۽ گوجرا حادثي ۾ پوليس آفيسر کي عدالت نوڪري تان لاهڻ جو حڪم ڏنو هو پر پنجاب حڪومت انهي ساڳئي آفيسر کي احمدين جي حملي واري جاچ رپورٽ ۾ اهم ذميواري ڏئي ڇڏي. جنهن تي ڪنهن سو موٽ نه کنيو، ائين ڇو ڪيو ويو؟




اهڙي ماحول ۾ جتي پنجاب حڪومت سڌي ۽ اڻسڌي طرح رجعت پرست جي کيتي کي راڻا ثناء ذريعي سرسبز ڪري رهي آهي. اتي آسيه بي بي معصوم عورت جنهن جا ننڍڙا چار ٻار آهن ان جو ڪيس جيڪڏهن شهيد سلمان تاثير ٻڌيو ۽ پنجاب مان جنرل ضياء جي رجعت پرست کيتي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟
يقينن انهن کان اِها ڳالهه هضم نه ٿي. اها رسم اتي ئي ختم نه ٿي ٿئي پر ان کي اڳتي ڪرڻ ۾ تاثير فيملي آمنه تاثير ۽ ٻار غير انساني عملن خلاف آواز اُٿاريندا رهيا آهن. انهي دوران شهيد سلمان ثاتير ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي. جنهن جي ٻڌڻي عوام آڏو ڪرڻ جي بجاءَ بند ڪمري ۾ رکي وئي آهي.



تعجب آهي اسان وٽ عدليه هر ڳالهه تي سوموٽ وٺندڙ آهي، پر اتي ئي ملڪ جي وڏي صوبي جي گورنر کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي قاتل ممتاز قادري کي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر گلن جا هار پارايا، جنهن تي سوموٽو وٺڻ گهربو هو پر سوموٽو نه کنيو ويو، ائين ڇو ڪيو ويو؟ تاثير فيملي جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل پريشان ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ئي 26 آگسٽ 2011 تي شهيد سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير کي اغوا ڪيو ويو آهي. شهباز تاثير جي اغواه ٿيڻ تي روشن خيال ڌرين احتجاج ڪيو آهي، ايڇ آر سي پي، ايڇ آر ڊبليو، پڻ انڊيا جي سياستدانن، صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمين احتجاج ڪيو آهي.




جيتوڻيڪ صدر آصف زرداري تاثير فيملي سان رابطو ڪري يقين ڌياني ڏياري آهي ته اهي شهباز تاثير کي بازياب ڪرائيندا. پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف ۽ قانون جي وزير راڻا ثناء ان معاملي تي ٽيم تشڪيل ڏئي ڇڏي آهي، شهباز شريف تاثير فيملي سان ملاقات ڪئي آهي. راڻا ثناء الله چيو ته شهباز تاثير کي پوليس گارڊز ڏنا ويا هئا، پر راڻا ثناء ٻڌائي ته پوءِ ڪهڙي گارڊ سلمان تاثير کي شهيد ڪيو؟



شهباز تاثير سان جيڪڏهن پوليس گارڊز هجن ها ته به هو اغوا ٿي سگهي پيو ڇاڪاڻ جو هو ڪنهن معاملي جڳهه تان اغواه ناهي ٿيو. پنجاب حڪومت جي ٽيم جوڙڻ کان پوءِ به شهباز تاثير گهر واپس وريو ناهي.



هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته 13 آگسٽ تي لاهور مان آمريڪن شهري اغوا ٿي چڪو هو جنهن کي پئسه ڏئي بازياب ڪرايو ويو. ان جو مطلب هي واقعا نوان ناهن. پنجاب حڪومت ايتري نرمي ڇا لاءِ برتي رهي آهي؟



شهباز تاثير جي اغوا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
• تاثير فيملي آمنه تاثير ۽ ان جي ٻارن جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنجاب ۽ ملڪ ۾ پنهنجي جڳهه نه جوڙي سگهن،
• آمنه تاثير کي سياست ۾ روڪڻ جيڪڏهن سڀاڻي هوءَ قدم رکندي ته رجعت پرستن کي مات ٿي سگهي ٿي،
• سڀ کان اهم ڳالهه آهي ته سلمان تاثير ڪيس تان هٿ کڻڻ ٿي سگهي ٿو هن ڪيس جي هلڻ سان گهڻا رُخُ ظاهر ٿي پون.
اسان اميد ڪريون ٿا ته شهباز تاثير گهر واپس ورندو ۽ آمنه تاثير کي هڪ ڳالهه ضرور چونداسين، توهان جا انسانيت لاءِ اُٿيل قدم روڪجڻ نه گهرجن.



هي سڄي عوام توهان سان گڏ آهي، هاڻي نئين سوچ آڻڻي پوندي ۽ رجعت پرستن کي فُلُ اسٽاپ اچڻ گهرجي ان لاءِ عوام جي سگهه آمنه تاثير توسان گڏ آهي.






Daily News Review Published in Daily Ibrat on 28/August/2011

No comments:

Post a Comment