Wednesday, August 24, 2011

Flood & Rain Victims!!!

آفتون ۽ ڌرتي جي سنڀال ضروري آ..!

وينگس






سنڌ 27 ڊسمبر 2007 ع کانپوءِ مسلسل ڏچي ۾ رهندي پئي اچي، ڪهڙي ڪنڊ بچيل آهي جتي سنڌين کي ساهه کڻڻ جو اختيار هجي. شهيد پنڪيءَ جي شهادت کانپوءِ آفتن ائين منهن ڪڍيو آهي جيئن اهي سڀئي بس تاڙ ۾ هجن.
سنڌ هر دور ۾ صبر و تحمل جو مظاهرو ڪندي پئي اچي، اسان کي سمجهايو وڃي ته سنڌ ڪڏهن ۽ ڪٿي غير مهذب ۽ غير اخلاقيات جو مظاهرو ڪيو آهي؟ سنڌي عوام کي ئي قتل ڪيو ويو، انهن جي درن تان جنازه کنيا ويا، پنهنجن محبوب اڳواڻن جا جنازه ڪلهن تي کنياسين، سڀ ڪجهه برداشت ڪندي سنڌي عوام صبر ڪيو.


ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي داخلائن تي پابندي وڌي وئي ته ان وقت به سنڌي عوام ڪجهه نه چيو. سنڌ ۾ جڏهن گذريل سال ٻوڏ آئي جنهن دوران ڪراچي جا دروازا بند ڪيا ويا، ايستائين جو انهن ٻوڏ متاثرين مٿان آپريشن به ڪرايو ويو، آئي ڏينهن ٻوڏ متاثرين کي ڪراچي ۾ تنگ ڪيو ويو. ڇا سنڌي عوام ڪجهه ڪڇيو؟



ڳالهه صرف اتي ئي نه ٿي بيهي مسلسل سنڌ جي حساس رڳ کي ڇيڙيو ويو ۽ سنڌين کي سوڙهو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ذوالفقار مرزا جي بيان کانپوءِ ڪراچي کي باهه جي مچ تي رکيو ويو جڏهن ته هينئر تائين ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته مرزا ڳالهايو ڇا هو؟ جنهن جي ردعمل تي توهان ڪراچي کي باهه تي رکي 15 کان مٿي زندگيون ختم ڪيون ۽ وري ان تي ڪير آکڻ وارو نه هو؟
ان کان مٿي ميڊيا تي نذير ناجي جهڙا سينئر ماڻهو اچي ڪري سنڌ کي وڏيرن جي جاگير طور پيش ڪري رهيا هئا صرف اهو ئي نه پر هن هي به چيو ته هي اسان ئي هئاسين جن سنڌ ۾ نئون نظام آئيندو، ڪنهن وڃي نذير نائجي کي ڇو نه ٻڌايو ته اڃا تاريخ زندهه آهي!!!
ان کانپوءِ متحده جو چيئرمين سنڌين کي گاريون ڏنيون، صرف اهو ئي نه پر ان کانپوءِ متحده جي ذميوار ڪارڪنن ٽي وي چينلز تي اچي ڪري سنڌي ڪلچر لاءِ جيڪا ٻولي ڳالهائي گهٽ نه هئي.


هڪ ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ناانصافي تي ڪير به ساڌو ٿي ڪري چپن تي آڱريون رکي پنهنجي تباهي ڏسندا رهن، ظاهر آهي ته جنهن مٿان وڌيڪ ظلم ٿيندو ته پوءِ ڪٿي نه ڪٿي ڪير ڪڇندو، پوءِ ان تي الزام هڻڻ جو ڪنهن کي ڪيئن اختيار آهي؟ جڏهن سڀئي هڪ ٿي ڪري وڏي سياسي گيم کيڏي رهيا آهن ۽ انهي گيم جو اصل مقصد سنڌ کي نئين شڪل ڏيڻ آهي.
جنهن ڪري ئي سنڌ مٿان مسلسل آفتون آهن ته جيئن پاڻ کي سنڀالي نه سگهي، گذريل سال مان پنهنجي ڪالم ۾ لکي چڪي هوس ته هيل آيل ٻوڏ جيڪا هٿرادو آهي، ان جو مقصد ئي آهي ته سنڌين کي ڳوٺن مان لڏ پلائڻ ڪرائجي ۽ اهي پاڻ پنهنجن گهر کي وڪڻي هليا وڃن، ۽ جڏهن اهي وري شهرن ڏانهن رخ ڪن ٿا ته انهن کي جڳهه به نه ٿي ملي، پوءِ هو نه گهر جا نه گهاٽ جا رهن ٿا.
هاڻي سڀني آفتن کي منهن ڏيندي ڏيندي سنڌ کي برسات جي آفت ۾ ڦاسايو ويو آهي، برساتن سان ايتريون تباهيون صرف سنڌ ۾ ئي ڇو آهن؟

اها هڪ سوچيل سمجهيل گيم آهي، ۽ اهي شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مستقبل ۾ اهميت رکندڙ آهن، اهي ئي آفتن جي ٽارگيٽ تي آهن. جيئن ٿر جو مثال وٺو جيڪو ايندڙ وقت ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهي، هاڻي اتان جي ماڻهن کان زمينون ڪيئن خريد ڪجن جيستائين انهن وٽ ڏڪار نه ايندو ۽ اهي مشڪل ۾ ڦاسين نه ٿا تيسائين زمين نه وڪڙيندا.
اها چال پراڻي آهي ته ماڻهو کي سوڙهو ڪري ڪم ڪڍي وٺو، ۽ هاڻي سنڌي عوام سان به ائين ئي ٿي رهيو آهي.
سڀني کي خبر آهي ته سنڌ زراعت جي حوالي سان گهڻي خوشحال آهي، مستقبل ۾ زراعت تي گهڻو توجه ڏنو ويندو جنهن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ به انهن علائقن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي، جتي انهن کي مارڪيٽ ملندي، ۽ سنڌ زمين جي حوالي سان سوني جهرڪي جهڙي آهي.
هاڻي سنڌي پنهنجا گهر غير ماڻهو کي وڪڻي هليا ويندا ڇاڪاڻ جو آئي ڏينهن آفتون منهن ڪڍيو بيٺيون آهن، هاڻي اهڙي ڏڪار ۾ جيڪڏهن ڪير انهن جي در تي پئسه کڻي بيهي ٿو ۽ زمين خريد ڪري ٿو ته پوءِ ظاهر آهي اهي زمين وڪرو ڪرڻ لاءِ سوچيندا. اتي اهي سڀئي ڇو نه ٿا سوچن ته آخر نئين آيل همراهه کي ڪهڙو فائدو آهي جو اهو تباهه ٿيل زمين کي خريد ڪري رهيو آهي؟
سنڌ مٿان 27 ڊسمبر کانپوءِ آيل آفتن جو سلسلو هڪ نيئن سياسي شڪل جوڙڻ وڃي پيو اتي سنڌي عوام کي سمجهه ڀريا قدم کڻڻا پوندا ۽ انهن کي ڪيئن به ڪري ٻوڏ يا برساتن جي تباهي کي عذر بڻائي پنهنجن زمينن کي وڪرو نه ڪرڻ گهرجي.


ايندڙ وقت ۾ اها ئي زمين سوني ڪڪڙ جيان اهميت اختيار ڪري ويندي ڇو جو مستقبل ۾ عالمي مارڪيٽ زراعت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ وڃي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌي عوام هاڻي ڪٿي به ڪا هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو ته پوءِ مستقبل ۾ اهي پنهنجن ٻارن لاءِ ڪجهه نه بچائي سگهندا، موجوده حالتن ۾ پاڻ تڪليف ۾ آهن پر ان سان گڏوگڏ اهي مستقبل ۾ پنهنجن ٻارن کي به وڏي مشڪلاتن ۾ وجهندا.
تنهن ڪري اسان سنڌي عوام کي صرف ايترو چونداسين ته سورن جو سفر جيئن تيئن ڪري پار ٿي ويندو، هي آيل ٻوڏ ۽ برساتن جو پاڻي اڄ نه سڀاڻي لهي ويندو، پر انهن آفتن کي ڏسندي پنهنجون زمينون نه وڪڻو، ڀل شهرن ڏانهن ڪمائڻ لاءِ اچو پر شهرن ۾ رهڻ لاءِ پنهنجي زمينن کي سستي اگهن تي وڪرو ڪري مستقبل کي ڪاري غار ۾ ڦٽو نه ڪريو، ڪجهه سمجهه ڀريا فيصلا ڪريو.


ايندڙ وقت زراعت جو آهي ۽ مستقبل ۾ اهي خوشحال هوندا جن وٽ پنهنجي زمين هوندي. انهن جي گهڻي ڪوشش آهي ته سنڌي کي ڏٺو ڪجي ظاهر آهي پاڻ هاڻي سياسي يتيمي ۾ هلي رهيا آهيون جتي هڪ يتيم کي جتان ڪٿان سور ملندا رهن ٿا.
هي آفتون سنڌي عوام جي لاءِ مستقبل ۾ جڳهه جوڙڻ لاءِ آهن جيڪڏهن سنڌي عوام انهن جا پيرا سمجهي وڃي ۽ ڄاڻي وٺي ته انهن جي من ۾ ڇا آهي ته پوءِ سڀئي معاملا حل ٿي ويندا. هر مسئلي کي روايتي انداز سان نه ڏسڻ گهرجي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته عالمي سياست ۽ عالمي مارڪيٽ پنهنجا مزاج ڪيئن ۽ ڪهڙي ميار تي رکڻ وڃي رهيا آهن؟






ان ۾ سياسي پارٽين کان وٺي عام سنڌي تائين ڪنهن کي جلد بازي جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي، آفتون اينديون رهنديون آهن، مڙس ماڻهو جو ڪم آهن آفتن کي منهن ڏيڻ نه ڪي آفتن کي ڏسي ڀڄي وڃڻ. اها روايت سنڌ ۾ ناهي. پهرين انهن ٻوڏ سان اسان کي تباهه ڪرڻ چاهيو هاڻي وري برسات جو پاڻي آهي. اڃا ٻئي تباهي به ضرور موڪليندا، پر سنڌي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندي، پنهنجو پاڻ کي آفتن جي امتحانن مان پار ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سنڌي عوام هيل آفتن کي منهن ڏئي ويو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ اندر سنڌين جي حصيداري هوندي.
هاڻي سنڌي عوام جي هٿ ۾ آهي ته اهي ڪٿي پاڻ کي بيهارين ٿا ڇا اهي وقتي آفتن کان ڀڄي پنهنجي زمين کي سستي دام تي وڪڻن ٿا يا وري اهي ان جي سنڀال ڪري ايندڙ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ حصيدار ٿين ٿا؟








Published on daily Ibrat on 24/August/2011

No comments:

Post a Comment