Sunday, May 15, 2011

Three Uncles & Sharif Brothers.

ٿرِي انڪلز ۽ شريف برادران...!!!

وينگس


2 مئي 2011ع کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اسان جي اڳيان هوندي به اسان جي اڳيان ناهي. هڪ اهڙي جنگ جنهن جي شروعات 2001ع کان ٿي هئي ۽ ان جي عمر هاڻي 10 سال اچي ٿيڻ تي آهي. War on Terror جملو نئون ناهي رهيو، جيترو هن جملي اسان جي مٿي ۾ سور وڌو آهي شايد ئي ٻئي ڪنهن جي مٿي ۾ سور وڌو هجي.


انڪل بش، انڪل مُشُ ۽ انڪل اسامه ٽنهي جي وچ ۾ هلندڙ جنگ سڄي دنيا جي محور ۽ ماحول کي منجهائي رکيو هو. دنيا جي سڄي فوج ملي ڪري به اسامه کي ڳولي نه سگهي، ڪڏهن ڪهڙيون ڳالهيون ته ڪڏهن ڪهڙا رايا اسامه جي بابت ايندا رهيا.


اسامه پر هٿ چڙهڻ وارو نه هو، ڪٿي به ڪو ثبوت ملي نه رهيو هو ته آخر سونو سڪو (اُسامه) ڪٿي آهي؟ بش جي ٻئي اليڪشن دوران اُسامه جي ٽيپ ٿيل مووي منظر عام تي اچي وئي، هيڏانهن اُسامه جي مووي اچڻ هوڏانهن بش اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي ويو. هاريل اليڪشن بش اُسامه جي مووي تي کٽي ويو. هاڻي ان کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟

خير ائين انڪل بش اُسامه جي ڪڍ لڳندو رهيو پر بش پنهنجن ٻنهي دورن ۾ اسامه کي پڪڙي نه سگهيو. تبديلي جي نعري هيٺ اوباما آيو جنهن گهڻي ڪوشش ڪئي ته معاملي کي ٿڌو ڪري جنگ کي ختم ڪجي، ڇاڪاڻ جو طاقت صرف سائوٿ ايشيا خطي ۾ ئي نه هجي پر ان کي اڃا اڳتي ٻين خطن جن ۾ آفريڪا جهڙا خطا به اچيو وڃن، به آڻجي.


آمريڪا پاور فل ملڪ آهي، يقينن ان کي پنهنجي طاقت جو توازن سنڀالڻو آهي. آمريڪا ملڪ آهي ڪا ويلفيئر آرگنائيزيشن ڪانهي جو بغير ڪجهه ڪڇڻ جي ڏيندو رهي. ٿرِي انڪلز جيڪا جنگ شروع ڪئي هئي، ان جنگ ۾ صرف پئسو ئي پئسو هو. انڪل مُشُ (مشرف) انڪل بُشُ کان انڪل اُسامه جي نالي تي ايترا پئسه ميڙيا جو ان کي اها به ڄاڻ نه رهي ته هو ڪهڙا معاهدا ڪهڙي مَدَ ۾ ڪري رهيو آهي.

هونءَ به اسان جي پياري ملڪ ۾ آمرن ۽ آمرن جي ڪک مان پيدا ٿيلن کان ڪنهن پڇيو آهي. انهن جيڪو ڪجهه ڪيو انهن جي مرضي، انهن جي غلطين کي شروع کان وٺي پ پ صاف ڪندي آئي آهي.

2 مئي 2011ع جو واقعو ٿيو جنهن ۾ آمريڪي جهاز ايبٽ آباد ۾ اچي ڪري اُسامه کي ختم ڪري ڇڏيو. اُسامه جيڪو آرمي اڪيڊمي کان صرف 2 ڪلاڪن جي ڊارئيو تي ترسيل هو، هُو اتي 2005 کان رهندو آيو. اُسامه جو گهر سيڪيورٽي بنيادن تي نئين طرز جو جوڙيل هو ۽ گهر اندر گهر ٺهيل هو. ان سان گڏ ان جي آسپاس سيڪيورٽي پڻ هئي. اهو گهر سائونڊ پروف هو. هاڻي جيڪڏهن آمريڪا سوال ڪري ٿو ته هي سڀ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو ته ان ۾ آمريڪا ڪهڙي غلطي ڪئي آهي؟


آمريڪن 16 کربن کان مٿي پئسا مشرف کي ڏنا هئا، ٻنهي انڪلز يعني انڪل بش ۽ انڪل مش ۾ معاهدو اڳ ئي ٿي چڪو هو ته آمريڪا اُسامه تي آپريشن ڪرڻ جو خودمختيار هوندو.

چوندا آهن ته جنهن شيءِ جو بنياد پئسن جي ڍير تي ٿئي اتي اخلاقيات ۽ مانَ جون ڳالهيون ديواني جي خواب جيان لڳنديون آهن. جنرل مشرف ۽ جنرل ضياءَ ٻنهي عوامي اڳواڻ کسيا ۽ ٻنهي جي حصي ۾ افغان جنگ آئي جنهن ٻنهي جي خاندانن کي امير تر ڪري ڇڏيو.

مشرف کان سوال ڪرڻ گهرجي ته هن دهشتگردي خلاف جنگ جو پئسو ڪيڏانهن ڪيو؟ ان کي اُسامه جي خبر هئي يا نه؟ مشرف ڊبل گيم ڪئين کيڏندي ٻنهي رياستن جي عوام کي بيوقوف بڻايو؟

هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته رياست جي سلامتي کي نقصان آمريڪا نه پر مشرف پهچايو آهي، جنهن معاهدا ڪري پئسا ميڙيا. اڄ جيڪڏهن ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪرڻ گهرجي ته انهن کي جن معاهده ڪري پئسا ورتا، جيڪي هتان جي عوام کي ٻن ٽڪن تي وڪرو ڪندا رهيا. ٿرِي انڪلز جي جنگ جتي دنيا کي وڪوڙي وئي هئي، هاڻي 2 مئي 2011ع جو واقعو هتان جي عوام کي جيئن ڏچي ۾ وجهندو اسان سڀئي ڏسنداسين.


2 مئي 2011ع جي واقعي تي هاڻي اچي ڪري سڀني کي ملڪي سلامتي هٿن مان کسڪندي نظر اچي رهي آهي. نواز شريف هينئر تائين اُسامه جي موت تي اکر نه ڪڇيو آهي، ان کي صرف ملڪي سلامتي جو خيال آهي. آخر ڪير وڃي نواز شريف کان پڇڻ جي جسارت ڪندو ته توهان جي نظر ۾ ملڪي سلامتي ڪهڙي معنيٰ ۾ آهي؟

اڃا صرف ڇنڇر جي اخبار ۾ تصوير آيل آهي ته لاهور جي وڪيلن اُسامه جي لاءِ نماز جنازه پڙهي هئي.

هڪ طرف انتهاپسندي جي خلاف ۽ ٻئي طرف انتهاپسندي کي ڀَر ۾ رکي ڪري پالڻ کي ڇا سمجهجي؟ هاڻي اصل راند شروع ٿيندي. نواز شريف لاءِ اُسامه جڏهن زنده هو ان وقت ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان جو باب ختم ٿي چڪو آهي، ان کانپوءِ به نواز شريف لاءِ ويندي اقتدار جي راهه آسان ڪري ويو.

ان ۾ شڪ ناهي ته پاڪستان اسٽبلشمينٽ هڪ طرف آمريڪا کان پئسا وٺندي رهي ته ٻئي طرف اينٽي آمريڪن سينٽيمينٽس عوام ۾ وجهندي رهي ته جيئن آمريڪا کان لانگ ٽرم تائين وٺبو رهجي. سوال هي آهي ته آمريڪا ڪيستائين پئسن سان فيڊ ڪندو رهندو؟ جنهن جو جواب انهن ڪيري لوگر بل ذريعي ڏئي نظام کي ئي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان جي پياري هليري ڪلنٽن روم ڪانفرنس ۾ چئي ڏنو ته we are not destroyers but builders. ڪير به ڪنهن قوم جي گناهن جو بار پنهنجي سرَ تي کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندو.

ائين ئي آمريڪن به هاڻي اصل چهرا اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسان تي الزام نه هڻو، ڪجهه پنهنجن ڏانهن به ڏسو ته انهن توهان سان ڇا ڪيو آهي؟


ٿرِي انڪلز هينئر منظر تي ناهن رهيا، بس هڪ انڪل رهجي ويو آهي، جنهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اهو ٻيهر سياست ۾ ايندو. مشرف کي ڪهڙي پاسي ۾ اسٽبلشمينٽ رکي ٿي ان جي مستقبل ۾ خبر پئجي ويندي.

پر هاڻي نواز شريف جهڙي نموني سان ملڪي سلامتي جي بين وڄائي آهي جنهن ۾ هن سڌو سنئون آرمي سان ناراضگي ڏيکاريندي اِن ڪيميرا سيشن ۾ وڃي ڏيکاري، ايستائين جو هن پنهنجي ڀاءُ کي به نه موڪليو، جيڪو هڪ صوبي جو وزيراعليٰ آهي، جنهن تي آئين ۽ قانوني فرض پيو بڻجي ته ان کي وڃڻ گهربو هو. ان ڪيميرا سيشن ڪو جنرل پاشا، جنرل ڪياني يا وزيراعظم جو ذاتي ڪاڄ ڪونه هو جو ان ۾ هو شامل نه ٿيو. پر ان تي ڪنهن به سوال نه اُٿاريو ته آخر پنجاب رياست اندر پنهنجي رياست الڳ ڪيئن جوڙي رهيو آهي؟

ان ۾ شڪ ناهي ته آمريڪا ايبٽ آباد جي گهر جي حوالي سان سنجيده سوال اٿاري رهيو آهي، پر هتان جا اصل حڪمران سوالن جا جواب ڏيڻ بجاءِ انتهاپسندن جي ساٿين کي اقتدار ڏيڻ جي موڊ ۾ آهن، جنهن جو ثبوت شريف برادران جي مسڪراهٽ ڀريل ڪانفرنس مان ملي رهيو هو.


نواز شريف بار بار چوندو رهيو ته بيلٽ باڪس جو تقدس ڪيو وڃي. ڇا هن پاڻ ڪڏهن بيلٽ باڪس جو تقدس ڪيو؟ خير اسان هڪ اهڙي رياست ۾ رهون ٿا جتي بيلٽ باڪس ڀرڻ ۾ دير ناهي ٿيندي ۽ شايد شريف برادران لاءِ به بليٽ باڪس ڀرجي وڃن. ائين آمريڪا کي شريف برادران جي حڪومت ڏيکاري معاملو دٻايو ويندو.

ٿرِي انڪلز جي جنگ ۾ اسان ڇا ڇا نه وڃايو ۽ آخر ۾ وري به انتهاپسندن جي ٽيم کي فائدو رسيو، مشرف کان وٺي پنجاب ۾ انتهاپسندن کي سپورٽ ڪندڙن سڀني کان فائدو رسيو. ٿرِي انڪلز جي جنگ ۽ 2 مئي 2011ع جي واقعي اُسامه جي باب کي ختم ڪيو پر ان انتهاپسندي جي اوپن چيڪ کي اڃا ختم ناهي ڪيو، اڃا هي راند هلڻي آهي ...!

Published in Daily Ibrat on may 16, 2011.


No comments:

Post a Comment