Tuesday, May 17, 2011

On The Record!!!

جنرل پاشا ۽ شريف برادران
ڳالهه رڪارڊ تي هجڻ گهرجي...!!!


وينگس

سڀ کان اهم ترين مسئلو آهي ته اسان وٽ رڪارڊ ناهي ۽ جيڪڏهن رڪارڊ (تاريخ) جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ وري ناراض اکيون به جلد از جلد اُٿڻ لڳن ٿيون. هاڻي وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي. شروع کان اعليٰ قوتن جي لاڏلن جيڪو ڪجهه چاهيو اهي ڪندا رهيا آهن ۽ ننڍن صوبن جي وري سوفسٽيڪ پاسو رکندڙ قوتن پاڻ کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ اعليٰ قوتن جو ساٿ ڏيندا اچن ٿا.
اسان نه پيا چئون ته اسان نظام کي تبديل ڪري ڇڏينداسين، ڀلا اسان جي حيثيت ئي ڪهڙي آهي؟ جن جن جي حيثيت وڏي ۽ اعليٰ قوتن سان بيٺل آهن انهن جي بتن کي لوڏڻ به نه پيا چاهيون.


اڄ تائين ڪنهن شينهن کي چيو آهي ته ميان تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي. ائين ئي پاڻ وٽ به ماجرو ڪجهه ساڳيو آهي. هاڻي اهي ڪردار هليا ويا جيڪي پهرين هر لفظ جي تاريخي حيثيت ۽ ان جي وزن کي سمجهندي استعمال ڪندا هئا.
بس پاڻ وٽ موجوده دور ۾ جيترا خوبصورت لفظ اوتيري جه جه هوندي.
اڄ اسان وري موجوده دور جي امير ترين در تي دستڪ ڏيندي ڳالهه رڪارڊ تي رکڻ چاهيون ٿا ته ماضي ۽ حالتن کي ڏسندي سياسي سمجهه کي درست استعمال ڪريو.


هينئر سياسي ٻوساٽيل ماحول ۾ جتي پنهنجو ڪير ليڊر ناهي، اهڙي ماحول ۾ انڌو ڪاڻو اُٿي ڪري پاڻ کي سماج جو ٺيڪدار پيش ڪري رهيو آهي. هي سياسي ماحول ڪو ماڊلز جو مقابلو ناهي جتي گهٽ بيوٽي رکندڙ ماڊل به پنهنجي lobby هلائي پاڻ کي خوبصورتي جي مقابلي ۾ پهرين نمبر تي آڻي ڇڏي.
هي سياست آهي جتي وڏا کيل کيڏيل آهن، جن کان ماضي وسري ويو آهي اهي هڪ ڀيرو ٻيهر جهاتي پائي ڏسن ته ڪٿي ڪهڙيون شيون رکيل هيون؟


اسان مستقل چوندا آياسين ته هاڻي نواز شريف کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو، ۽ اسان هن ئي سيشن ۾ لکي چڪا هياسين ته نوازشريف دور ۾ ئي ڊرون حملا بند ڪرايا ويندا ۽ ان کانپوءِ نواز شريف اهڙي جيت تي ڀڳڙا پائيندي نظر ايندو. ۽ ان کانپوءِ نواز شريف آمريڪا سان هٿ ملائيندي ان کي پنهنجو بهترين اتحادي چوندو. آمريڪا جنهن کي هن خطي ۾ رهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.


ڳالهه رڪارڊ تي رکجو ته نواز شريف لاءِ خوبصورت ماحول جڙي رهيو آهي هاڻي نواز شريف آڏو پنهنجي پياري پنڪي به ناهي، باقي رهي هن جي اولاد اها ڪنهن کي هضم نه پئي ٿئي، اهي نواز شريف کي منهن ڏيڻ کان اڳ سنڌ ۾ اُٿندڙ مخالف لهر کي ئي منهن ڏين ته ڪافي هوندو. ڇاڪاڻ جو سنڌ جو ووٽ بينڪ تقسيم ڪيو ويندو، ۽ بليٽ باڪس ڀرجي وڃڻ ۾ ڪيترا ڪلاڪ لڳندا؟


نواز شريف 2 مئي 2011 واقعي جو جيڪو دلي صدمو پهچيو آهي ان جو اندازو پريس ڪانفرنس مان ٿي رهيو هو ته ميان شريف برادران ملڪي سلامتي جي خلاف ورزي تي مسڪراهٽ ڏئي ڳالهائي رهيا هئا. شريف برادران ۽ نواز شريف اسٽبلشيمنٽ جي مخالفت ڪري جهٽ پل لاءِ سنڌ جي قومپرست اتحادين (جن کي اسيمبلي ۾ سيٽ به کپي ۽ آجپي واري سنڌ به کپي ... انهن کي کپي ڇا؟) ۽ سياسي ماحول سان گڏوگڏ بلوچستان جون همدرديون به حاصل ڪري سگهي. انهي ڪري شريف برادران سياسي راند کيڏيندي اسٽبلشمينٽ جي مخالف ڪري اسٽبلشمينٽ جي خلاف پاسن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ آهي.


هينئر جنرل پاشا اِنڪميرا سيشن ۾ چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرڻ جو حڪم صدر زرداري ۽ گيلاني صاحب ڏنو هو. ڳالهه رڪارڊ تي رکجو ته پوءِ محب وطن ملڪي سلامتي جي داوَ تي نه لڳائيندڙ شريف برادران ڪٿي هئا؟ شهباز شريف جيڪو صدر کي استقبال ڪرڻ لاءِ لاهور ايئر پورٽ تي وڃڻ پسند ناهي ڪندو اهو وري صدر جي آرڊر کي مڃندو، جنهن اِنڪميرا سيشن ۾ به نه آيو اهو وري ريمنڊ ڊيوس تي حڪم مڃندو. ريمنڊ ڊيوس ۾ سڌو سنئون لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ پنجاب حڪومت ملوث هئي.
ريمنڊ ڊيوس ڪيس کي صدر زرداري ۽ گيلاني تي هڻي صرف ۽ صرف هاڻي ماحول کي گرم ڪيو پيو وڃي.


اسان سمجهون ٿا ته جنرل پاشا کي سڄي حقيقت پيش ڪرڻ گهربي هئي جيڪا حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي رهي ناهي.


هي سڀ ڳالهيون توهان ۽ اسان جي سامهون آهن، هاڻي گيم ۾ پتا مختلف کيڏيا پيا وڃن هڪ پاسي آمريڪا کي انتهاپسندن جو خوف ڏياري پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي نوازشريف جو ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪرڻ آهي.


اسان سمجهون ٿا ته نواز ليگ ڪيتري محب وطن آهي ان جو رڪارڊ صرف ماضي جو ئي نه پر موجوده ۾ به آهي. انهي ڪري جيڪڏهن نواز ليگ کي سنڌي پارٽيون ۽ قومپرست پنهنجن الف، ب، ۽ ي هائوسن تي ويلڪم ڪن ٿا ته ڀل ڪن...پر هي عوام نواز ليگ کي ان وقت تائين عوامي گهر ۾ ويلڪم نه ٿي ڪري سگهي جيستائين نواز ليگ ايمانداري سان سنڌ جي ايشوز تي کُلي نه ٿو اچي.


Published in Daily Ibrat in Session "Daily News Review". in May/17/2011.

No comments:

Post a Comment