Sunday, May 29, 2011

Hillary Clinton Visits to Pakistan.

3 ڪلاڪ ۽ 6 ڪلاڪن جي ملاقات...!!!





وينگس





دنيا جيڪڏهن هڪ گهر هجي ها ۽ ان ۾ رهندڙ سڀئي گهر جا ڀاتي پيار ڪندڙ هجن ته هي دنيا ڪيتري نه خوبصورت هجي ها.“
مٿان سٽ مون کي هميشه ياد ايندي رهندي آهي جڏهن جڏهن منهنجي آڏو دنيا جون ٺڳيبازيون اينديون رهنديون آهن. مون کي هينئر تائين هڪ منطق سمجهه ۾ ناهي آئي ته آخر آسمان هيٺيان زمين تي انسانن کي پيدا ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن انسانن کي پيار ۽ امن لاءِ پيدا ڪيو ويو ته پوءِ خون جون نديون ۽رت جا ليڪا ڇا لاءِ آهن؟




ڪاش! ڪڏهن پاڻ هي سوال ڪائنات جي تخليقڪار کان ڪري سگهون ته ائين ڇو ٿيو؟
اسان سڀئي انسان ڪجهه ماڻهن جي غلطين ڪري ماريا ويا آهيون. اسان ڪڏهن به مشڪلاتن کي منهن نه ڏيون ها جيڪڏهن اسان جي حصي ۾ غلط ۽ تعصب پرست ذهن نه اچن ها. انهن پنهنجي تحفظ لاءِ اڪثريت کي داءُ تي لڳا ئي ڇڏيو.
ائين ئي ڪجهه پاڪستان سان ٿيو آهي. پر پاڪستان کان وڌيڪ هن خطي برصغير سان گهڻي جٺ ٿي، ڪنهن سچ ئي چيو هو ته هن خطي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جنهن ڪري هن خطي (برصغير) سک جو ساهه نه کنيو.




مون کي هينئر تائين ياد آهي جڏهن مان اسلام آباد ۾ هئس ته ان وقت منهنجي دوست جناح مارڪيٽ ۾ آرام سان گهمندي سوال ڪيو هو ته جنهن قوم کي پنهنجو تحفظ ڪرڻ نه اچي ۽ ساڳين غلطين کي اڳتي ڪندي رهي اها قوم ائين ئي برباد ٿيندي آهي جيئن مس وينگي، تنهنجي ۽ منهنجي قوم برباد ٿي چڪي آهي ۽ مون کلندي جواب ڏنو شايد ائين ئي هجي پر ڇا ڪجي اسان جي رت ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ جي سُتي ئي ناهي.
جيڪڏهن اسان تاريخ ۾ ڏسون ته هن خطي صدين کان پاڻ تي گهاوَ سٺا آهن پر ٻاهرين سان ڪنهن به بنياد تي بي ايماني نه ڪئي.
جتي موسم ساڳيا نه ٿا رهن اتي خطن جون تاريخون به تبديل ٿينديون رهن ٿيون.
پاڪستان ٺهڻ ۽ برصغير جي سيني تي ليڪا پئجي وڃڻ کانپوءِ قومن جون روايتون ڪجهه مخصوص ٽولن هٿان يرغمال ٿي ويون. جيئن پاڪستان ۾ اصل قومن جي تاريخ آمرن هٿان يرغمال ٿيندي رهي. جيڪي قومون جمهوري قدر رکندڙ ۽ امن پسند هيون انهن کي ٻن ٽن آمرن ملي ڪري آمريتپرست ۽ انتها پسند ڪري پيش ڪيو.
پاڪستان ۾ جنرل ايوب خان ۽ يحيٰ خان ملي ڪري ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ته ٻئي پاسي جنرل ضياء ۽ مشرف ملي ڪري ملڪ کي انتها پسندي جي آڙاهه ۾ ڌڪيو ۽ جمهوري اڳواڻن کي شهيد ڪندي عوام جي جهول ۾ سياسي يتيمي ڏني.




هي آهن اسان جي حصي ۾ آيل اهي چار جنرل آمريت جا گهوڙا هئا جن اسان جي امن پسند گهرن کي ائين ميساري ڇڏيو جيئن تاتاري ۽ منگول مفتوح قومن کي برباد ۽ تباهه ڪندا اهڙي ئي طرح پاڪستان کي تباهه به انهن چئن آمرن ۽ انهن جي ساٿارين ڪيو.
پاڪستان ۾ لڪيل دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگرد اسامه بن لادن کي مارڻ لاءِ ڪيل ايبٽ آباد آپريشن کان پوءِ انهن ڌرين جيڪي اقتدار کان ٻاهر آهن پر ڪُرسي ڪارڻ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ۽ آتيون آهن، پاران هن ملڪ جي حاڪمن ۽ حمايتين جي لاءِ اڄڪلهه اها مرلي وڄائي پئي وڃي ته ملڪ جي سلامتي کي نقصان پهچايو ويو آهي. اسان اڄ انهن کان پڇڻ چاهيون ٿا ته انهن سمورين حالتن جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي؟ سڀ چون ٿا ته اسامه ايبٽ آباد ۾ 5 سالن کان هو ته پوءِ اهو ٻڌايو وڃي ته هُو ڪهڙي دور ۾ هتي آيو يا هُن کي ڪير وٺي آيو. سپريم ڪورٽ چيو ته حڪومت جي سگهه ناهي ته اهي حالتن ۽ ملڪ کي سنڀال سگهن پر ڪڏهن اسان جي اداران محسوس ڪيو آهي ته جيڪي حالتون هينئر ٿيون آهن انهن جو اصل ذميوار ڪير آهي؟




ملڪي سلامتي کي 11 سالن تائين جنرل ضياء وڪرو ڪندو رهيو ۽ ان کانپوءِ آمر مشرف ملڪ جي رهيل سلامتي کي ختم ڪري ڇڏيو.
نائين اليون کانپوءِ مشرف پاڪستان کي مفت جو مال سمجهي وڪرو ڪندو رهيو هُن پاڪستان کي ڪچي مال جي منڊي ٺاهي ڇڏي جتي جنهن کي قتل ڪرڻو هجي بس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي گهر مان کڻڻو هو ان کي کنيو ويو، جيئن معاهده ڪرڻا هئا تيئن اهي ڪيا ويا.
مشرف جي خوشقسمتي هئي جو ان وقت آمريڪا ۾ بش جي حڪومت هئي جيڪو عوامي اڳواڻ گهٽ پر سرمائيدار گهڻو هو ۽ ان عوامي حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. انسان گڏوگڏ ڪونڊليزا رائيس پرڏيهي وزير هئي ۽ ان ۾ به عوامي مزاج گهٽ ئي هو.
مشرف جنهن جنگ جي شروعات ڪئي اها سڄي جي سڄي پئسن جي ڍير تي جڙيل هئي، آمريڪا پنهنجي عوامي کيسن مان ٽيڪسز ڪٽي، مشرف جا کيسا ڀرندو رهيو ۽ انهن رپورٽ موجب 16 اربن کان وڌيڪ ڏوڪڙ مشرف کي ڏنا.




جنهن شيءِ جو بنياد ئي ڏوڪڙن تي هجي اتي معاهده به انهن جا هوندا آهن جيڪي ڏوڪڙ ڏيندا آهن. هاڻي جڏهن 2 مئي 2011 کان پوءِ جيڪو ڪجهه آمريڪا اچي ايبٽ آباد ۾ ڪيو اها ڪا لڪيل گيم نه هئي اها انهن معاهدن جي ئي هڪ ڪڙي هئي جيڪي معاهده مشرف ڪري ويو هو.





بش انتظاميا جي وڃڻ کانپوءِ اوباما سان گڏ سلجهيل ماڻهو ٽيم ۾ آيا جيڪي پنهنجي مزاج ۾ عوامي رکندڙ آهن ۽ انهن مان هڪ اسان جي پياري هليري ڪلنٽن آهي. هن هر موڙ تي پاڪستان جي مدد ڪئي، اهو ڄاڻيندي به ته گيم ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاراڻ آهي. ان هوندي به هوءَ ڪيري لوگر بل دوران به اچي ڪري ماحول کي ٿڌو ڪري ٿي، موٽ ۾ ڇا ڏنو ويو؟
اصل گيم وڌيڪ خراب ان وقت ٿئي ٿي جڏهن ريمنڊ ڊيوس کي گرفتار ڪيو ويو. جيڪڏهن ريمنڊ ڊيوس واقعو پشاور يا ملڪ جي ٻئي ڪنهن هنڌ ٿئي ها ته ڇا ملڪي غيرت هٿن مان ائين نڪرندي وڃي ها؟ ان سوال کي اتي ئي ڇڏيون ٿا.
ريمنڊ ڊيوس واقعي کي هڪ طرفو پيش ڪرڻ ڪو ڪيس سان انصاف نه هو. ڇا ريمنڊ ڊيوس جو جن ٻن ماڻهن پيڇو ڪيو اهي عام شهري هيا؟ ڇا عام شهري ائين ڪري سگهن ٿا؟




ريمنڊ ڊيوس واقعو دوران حميد گل جهڙا ڪردار جهڙي ٻولي ڳالهائي، ان ٻولي ٿوري وقت لاءِ انهن کي عوام ۾ مقبوليت ڏني پر اڳتي هلي معاملا بگڙجي ويا ۽ پوءِ آمريڪا پنهنجي حڪمت عملي تيز ڪندي، 2 مئي 2011 تي اسامه جي باب کي ختم شد ڪندي مامري کي فُل اسٽاپ ڏنو.



پر هاڻي مسئلو پاڪستان چواڻي ته انهن جي سلامتي جو آهي. سوال اُٿي ٿو ته پاڪستان جي سلامتي کي نقصان آمريڪا ڏنو يا مشرف جهڙن آمرن پهچايو؟
هميشه گيم ساڳين پتن تي ناهي کيڏي ويندي ڪڏهن ڪڏهن پتا اُلٽ پئجي ويندا آهن. ايبٽ آباد ۾ 2005 کان اُسامه جو گهر اڏيل هو. هي سوال صرف آمريڪي عوام ئي نه پاڪستان جو عوام به ڪري ٿو ته آخر جنهن ڊفينس تي هيڏي وڏي بجيٽ خرچ ڪئي وئي آهي ۽ جنهن کي ٻاهريان پئسه پاڻي جيان مليا هجن اهي ڪاڏي ويا ۽ ڪئين 2005 کان وٺي اڄ تائين اهو گهر اڏيل رهيو ۽ آباد رهيو انهن گهر ڀاتين سان جن دنيا ۾ رت جون نديون وهايون هيون.




دراصل گيم ۾ هڪ پتو اينٽي آمريڪي سينٽيمنٽ جو به رکيو ويو آهي ته جيئن اڳتي هلي ڪري آمريڪا جي لاءِ استعمال ڪندي، آمريڪا مخالف ملڪن مان همدرديون حاصل ڪندي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي بليڪ ميل ڪجي.
اها ڳالهه خود آمريڪا به سمجهي ٿو. ان جي باوجود به آمريڪا 26 مئي تي هليري ڪلنٽن پاڪستان آئي. هليري ڪلنٽن 23 ڪلاڪن سفر ڪندي ان وچ ۾ 6 ڪلاڪ ميٽنگ ڪئي. پاڪستاني ميڊيا مطابق هليري ڪلنٽن جو خاص استقبال به نه ڪيو ويو.
پر بي بي سي جي رپورٽ مطابق هليري ڪلنٽن ۽ جنرل مائڪل مولن جو ڀرپور استقبال ڪندي پاڪستان جي اعليٰ اختيارن هليري ڪلنٽن کي خاطري ڪرائي آهي ته اهي دهشتگردي خلاف اهم قدم کڻندا. جڏهن ته ٻنهي پاسن کان پريشاني محسوس ڪئي وئي.
هڪ ڳالهه آن دي ريڪارڊ هجڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ اعليٰ اختيارين عوام کي ڪجهه ٻيو ٻڌايو آهي ۽ معاهده ڪجهه ٻيائي ڪيا آهن. جيڪو ڪجهه هليري ڪلنٽن جي بابت پاڪستاني ميڊيا ڪري پئي ۽ عوام کي ٻڌايو وڃي پيو ته اسان خودمختياري تي ڪمپرومائيز نه ڪنداسين. اهو رڳو دوکو آهي.




جڏهن ته ملڪي سلامتي کي پئسن جي ڍير تي آمرن اڳ ئي بيهاري ڇڏيو آهي. موجوده ملٽري جنرل چيف ڪياني ڪيترو به سنجيده هجي ته اهو بهتري آڻي سگهي پر ان جي وس ۾ ناهي جو مشرف جو ڪيل معاهدو جهٽ پل ۾ ختم ڪري ڇڏي.
اسان وٽ اصل جوبدار کي ڇڏي صرف آمريڪا تي الزام عائد ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. جيڪڏهن مسئلا حل ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ اصل ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجن جن ملڪي سلامتي کي داؤ تي لڳايو.







هليري ڪلنٽن جي ميٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر اميد ڏيکاري آهي ته پاڪستان وٽ ٻيو چانس آهي. 6 ڪلاڪن جي ميٽنگ مان ظاهر آهي ته هاڻي آمريڪا جو موڊ اڳوڻي جيان ناهي ظاهر آهي انهن به جيترا پئسه ۽ يقين ڪندي پاڪستان کي جنگ ۾ اتحادي رکيو ان کي بدلي ۾ به ايترو ئي گهرجي. ڊو مور چوندڙ آمريڪا کي جڏهن ڊو مور جي عيوض اسامه ايبٽ آباد ۾ ملي ٿو ته پوءِ ان جو ڪهڙو ردعمل هجڻ گهرجي ها؟
جتي معصوم عوام ٻنهي پاسن کان قتل ٿيندو رهيو آهي ۽ ان ڳالهه کي پياري هليري ڪلنٽن به محسوس ڪري ٿي.
اصل ڳالهه آهي ته ملڪي سلامتي فيڪٽري ۾ ٺهندڙ آئيسڪريم ناهي جو جهٽ پل ٺهي پوندي ۽ توڙي سيڪ لڳڻ سان وگهري ويندي. ان لاءِ جمهوري قدم کڻڻا پوندا ان کانپوءِ ئي ملڪي سلامتي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي. اينٽي آمريڪن سينٽيمنٽ کي اڳتي ڪري هڪ ڌر جي خلاف ملڪي سلامتي کي بچائڻ واري ڳالهه ڪرڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته هن ملڪ کي اڌ صدي کان مٿي وقت اچڻ تي ٿيو آهي ۽ ملڪي سلامتي کي هميشه اندروني هٿن ئي نقصان پهچايو آهي.
هليري ڪلنٽن جي ڇهن ڪلاڪن جي ميٽنگ جنهن ۾ هن جو رويو گهڻو فهميدو هو اتي هن چانس ڇڏيو آهي، ۽ اهو به سمجهو ته هليري ڪلنٽن ڪا ڪونڊوليزا ناهي.
هليري ڪلنٽن وٽ عوامي سمجهه ۽ تاريخ جو احساس آهي. انهي ڪري هيل آيل هليري ڪلنٽن تبديل ضرور هئي پر اها تبديلي ڇو آئي؟ جڏهن هوءَ چوي ٿي ته اسان گهڻو ڏنو آهي هاڻي جيڪي سوال آهن انهن جا جواب گهرجن ۽ هوءَ انهن جواب کي ٻڌڻ باوجود به چئي ٿي ته اسان پاڪستان جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي ڏسڻ چاهيون ٿا.



If there had not happened to be that particular man at that particular moment, the whole of history would have been different.” G.K Chesterson



معنيٰ جيڪڏهن خاص ماڻهو ، اهم حالتن ۾ نه هجن ها ته سڄي تاريخ تبديل ٿيل هجي ها.
قومن ۾ ڪجهه لمحا اهڙا ايندا آهن جن تي ايمانداري سان عمل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هينئر به روايتي انداز سان هلندي صرف آمريڪا کي ڌر بڻايوسين ته پوءِ معاملا بگڙجي ويندا.
ڪنهن سچ ئي چيو هو ته ميرن کي پنهنجن کي ماريو.
ڳالهه سڌي رکو ته هن ملڪ جي سلامتي ڪنهن داءُ تي لڳائي آهي ۽ ڪنهن ان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هاڻي عوامي کي پراڻي راڳ سان ريجهائي پاڻ کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ مان ڪجهه نه ورندو.
هي دنيا اها ناهي رهي جيئن ماضي ۾ هئي هن وقت گهڻو ڪجهه تبديل ٿئي پيو. ان ڪري پراڻا پتا ختم ڪندي، اصل پتي (عوامي) تي اچي عوام کي سچ ٻڌايو.

















Published in Daily Ibrat Newspaper on 30th May 2011

2 comments: