Monday, April 4, 2011

Z.A Bhutto! A case has no head & tail!!!

مان انهن کي ڏيکاري ڇڏيندس ته مربو ڪيئن آهي؟

وينگس

If you ou claim to be a student of history, as I am informed you also claim to be a maker of history


هي مٿان جملا اهي ئي چئي سگهي ٿو جنهن جي من اندر چڪور جهڙو جنون ۽ مقصد سان عشق هجي. تاريخ ۾ جڳهه ٺاهيندڙ ئي نه پر تاريخ کي پڻ خوبصورت ڪندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا آهن، جنهن عدالت ۾ پنهنجي ڪيس دوران جج کي چيا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي واقعي ۾ تاريخ جوڙي آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو آيو، شين جي رخن کي تبديل ڪيو، ماڻهن ۾ جان وڌي، ماڻهن کي ايمان ڏنو، هن رُڪجي ويل نظام کي طاقت سان اڳتي ڪيو. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف شهيد ڀٽو ئي هو. ڪنهن سچ ئي چيو هو ته تاريخ انهن کي ساريندي آهي جيڪي تاريخ جي لاءِ زندگي گهارين. ۽ اهڙا ڪردار گهٽ هوندا آهن جيڪي پنهنجي زندگي کي تاريخ لاءِ ارپي ڇڏين. تاريخ ۽ ماءُ ۾ فرق ناهي ڇاڪاڻ جو ٻئي پنهنجي ڪک مان نئين زندگي کي جنم ڏيندڙ آهن، ۽ هر نئين زندگي جو جنم سورن کان پوءِ ٿيندو آهي.


اڄ تائين جن به تاريخ ۾ نئون جنم ورتو آهي، انهن پنهنجي زندگي کي سورن ۾ گذاريو. آسمان هيٺ تخليقڪار ئي واحد آهن جن جي جهول ۾ ڊگها ۽ مشڪل ترين سفر مليل آهن. اهڙن ئي سورن ۽ ڏکائين کي منهن ڏيندڙ ڀٽو خاندان آهي. شهيد ڀٽي پنهنجي ئي زندگي نه ڏني پر هن جي سڄي خاندان ۽ پياري نصرت به زندگي ڏئي ڇڏي آهي.


انگريزي ۾ چوڻي آهي ته lies has no legs, and a scandal has wings ، ڀٽو ۽ هن جو خاندان ڪوڙ ۽ هٿ سان جوڙيل اسيڪنڊلز جو ورچڙهي ويو. ڀٽو خاندان ديو مالائي ڪهاڻي جيان آهي، جنهن ۾ اهم ماڻهو کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ٻين کي آساني سان ختم ڪري سگهبو آهي.

انهن به ائين ئي ڪيو هو، هڪ ڪوڙي ڪيس کي جوڙي جنهن ڪيس جو اڳ نه پٺ آهي. ان ڪيس ۾ معصوم ۽ بيگناهه عوامي اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو. شهيد ڀٽي ڪيس کي ائين هلايو ويو ڄڻ هو وڏو مجرم ۽ قاتل هو. ان جي ڪيس سان ورتاءُ ڪيئن ٿيو؟ اهڙو ورتاءُ ته تڪ جي چور سان به نه ڪيو ويندو آهي. پر هڪ ملڪ جي ان وزيراعظم سان ورتاءُ ڪيو ويو جنهن 70 ڏهاڪي کانپوءِ نئين پاڪستان کي جنم ڏنو، جنهن آئين ڏنو، جنهن Atomic Power ڏنو، جنهن نوي هزار ماڻهو واپس ڪرايا، جنهن 5000 مربح ميل زمين واپس ڪرائي، هڪ اهڙو ملڪ جيڪو آءِ سي يو ۾ پيل هو انهن کي زندگي ڏني.

ان جي ڪيس کي ڪيئن هلايو ويو؟ ان مٿان قتل جو الزام هنيو ويو. احمد رضا ڪسوري جي پيءُ جي قتل جو ڪيس مهذب شخصيت ۽ وڏي اڳواڻ مٿان ڪيو ويو. احمد رضا ڪسوري هاڻي ڇا به چوي؟ حقيقت هي آهي ته احمد رضا ڪسوري جيڪڏهن ايترو غيرت مند هو ته پوءِ 77 جي اليڪشن ۾ پي پي پارٽي جي ٽيڪٽ وٺڻ جي ڇا لاءِ ڪوشش ڪئي؟ ٽن سالن کانپوءِ احمد رضا ڪسوري کي پيءُ جو درد جاڳئي ٿو ۽ ان کي خيال وري ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو هن جي پيءُ جو قاتل آهي.

مان عبرت سنسار ۾ اڳ ئي ڀٽو ڪيس کي تفصيل سان لکي چڪي آهيان، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿي سگهي ٿو ته هي ڪيس جنرل ضياء جي مڪاري سان جوڙيل هو. هتي مان شهيد ڀٽو ۽ چيف جسٽس جا ڪجهه جملا پيس ڪرڻ چاهيندس،شهيد ڀٽو سپريم ڪورٽ ۾ چيو ته مون تي قتل ڪيس جو الزام هنيو ويو آهي. هاڻي مان هي ٿو پڇڻ چاهيان ته آخر مان اهڙي غير ذميواراڻو ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهان. مسعود محمود ڊائريڪٽر جنرل سيڪيٽوري فورس جو آهي. ان سان گڏوگڏ مان ان کي مستقل زور ڀرندو رهيس ته هو احمد رضا ڪسوري کي قتل ڪري ڇڏي. جيڪڏهن مان ائين ڪيان ها ته مان خفيا انداز سان هي ڪم سرانجام ڏيان ها ان ۾ غيرذميوارڻو رويو نه اختيار ڪيان ها.


ان کان وڌيڪ منهنجي پارٽي ۾ اهڙا جيالا موجود آهن جن کي مان اشارو ڪيان ها ته اهي رضا ڪسوري کي هٿ ۾ رڳڙي اکين ۾ سورمي جيان وجهي ڇڏين ها ۽ ان جي ڪنهن کي خبر به نه پئجي سگهي ها. مسعود محمود سان گڏ ٻين ماڻهن کي ڇا لاءِ شامل ڪندس؟ ان لاءِ مان گرين لائين فون جي ڪيئن استعمال ڪري سگهان؟ جڏهن مسعود محمود منهنجي پهچ ۾ هو. سڀ کان پهرين ۽ اهم سوال آهي ته آخر مان احمد رضا ڪسوري کي قتل ڇا لاءِ ڪرائيندس؟ جيڪو منهنجي پارٽي ۾ پاڻ شامل ٿيڻ چاهي پيو؟ مون کي ان کان ڪهڙو نقصان ٿئي پيو؟ ها! پنهنجي قتل ٿيڻ سان گهڻن ماڻهن کي فائدو رسندو جيڪي ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا اهي ضرور اهو عمل ڪندا.

ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ چيف جسٽس بي بي سي جي صحافي مارڪٽيلي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪيس جي حوالي سان چيو ته افسوس ٿيو جو ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجا Observers نه موڪليا ان سان گڏوگڏ عام قانون تحت صرف ٻه جج به ڪيس هلائي سگهن پيا. هاڻي هي ٻه واقعا پڙهڻ کان پوءَ بخوبي اندازو ٿي ويندو ته ڪيس کي ڪيئن ۽ ڇا لاءِ هلايو ويو. شهيد ڀٽو ملڪ کي ڇا ڏنو؟ ان جو اندازو سڀني ئي آهي، هن ملڪ جو سودو نه ڪيو هو. هن ملڪ جي نئين جوت لاءِ پنهنجي زندگي جو سودو ڪري ڇڏيو. ڀٽو هڪ ڳالهه سمجهڻ کان رهجي ويو ته جنهن ملڪ جي شروعات کان هر رڳ ۾ غيرجمهوري رت ڊوڙي رهيو هجي جيڪي پنهنجن مفادن خاطر ملڪ کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي سگهن ٿا، اهي ڪئين ان کي هضم ڪري سگهندا جيڪو انهن جي غير جمهوري راڄ کي ختم ڪرڻ چاهيندو هجي.

تاريخ يا وقت بيرحم آهن؟ بس هتي غريب عوام جي سهاري کي رات وچ ۾ ئي قتل ڪيو ويندو آهي. جنرل ضياء اسان کان ڀٽو رات جي اوندهائي ۾ جسماني طور کسي ڇڏيو، پر ان عوام جي دلين ۾ ڀٽو جي عشق کي ختم نه ڪري سگهيو. مون کي اها خبر ناهي.

ته محبوب سان سڄي زندگي گذارڻ ۾ ڪهڙو سرور ملندو؟

پر مون محبوب جي ملڻ لاءِ ڪشالا ڪڍيا آهن،

جنهن ۾ تڪليف ۽ تڙپ آهي، ڇا تون ڪڏهن اهڙا ڪشالا ڪڍيا آهن؟ هلينا

ڪاش! جنرل ضياء جي عقل ۾ تاريخ ۽ عوام جي عشق جو اندازو هجي ها. هونءَ به ذاتي مفاد پرست ٽولي جي من ۾ تاريخ ۽ عوام جي عشق جو لنگهه ئي ناهي ٿيندو. پر ڀٽو جي جهان جي هر گهٽي هر دڳ تي تاريخ ۽ عوام جو عشق ئي هو، جنهن جي رڳ رڳ ۾ ڌرتي ۽ عوام جو عشق ڊوڙي اهي ڪئين ٿا منهن موڙي سگهن؟ شهيد ڀٽو هڪ هنڌ چيو هو ته I will show them how to die . مرڻ به هڪ آرٽ آهي، ۽ هي ڏانءُ به ڪنهن ڪنهن کي اچي، شهيد ڀٽو واقعي ۾ جنرل ضياء ۽ ان جي باقيات کي ڏيکاري ڇڏيو ته موت ڇا آهي؟ مربو ڪيئن آهي؟

اڄ به ڀٽو عوام جي اکين ۾ زندهه آهي. 4 اپريل تي جنرل ضياء شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏني پر انهي تاريخ تي شهيد ڀٽو موت کي مات ڏيندي پاڻ امر ڪري ڇڏيو.

ها! آسمان هيٺ مائيرون زندگيءَ کي جنم ڏين ٿيون جن جي من ۾ مرڻ جو آرٽ هوندو آهي، ۽ هي آرٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀٽن ۾ هو. عدالت جيڪو فيصلو ڪيو، تاريخ ڦيرائي عدالت ڏانهن رکيو آهي ته جهاتي پائي ڏسو انصاف ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهي؟ تاريخ جنهن وٽ انصاف آهي، اڄ هوءَ موجوده عدالت جو درکڙڪائي چئي رهي آهي ته هاڻي ڀٽن جي قاتلن جي نشاندهي ڪريو. ڇا ملڪي عدالتون ڪڏهن تاريخ جي من ۾ جهاتي پائي انصاف ڪري سگهنديون؟ جڏهن ته تاريخ پنهنجي عدالت ۾ ڀٽي کي امر ڪيو آهي. اسان اهڙن ڪردارن جا وارث آهيون جن موت کي مات ڏني.

اڙي ميان جنرل ضياء ڏسي سگهين ته ڏس ڀٽو اڄ به زندهه آهي.

Published in Daily Ibrat newspaper on 4th April 2011

No comments:

Post a Comment