Tuesday, March 15, 2011

Flood Victims!!!

ٻوڏ متاثرين جو حال ڪهڙو آهي؟

وينگس.

ملڪ ۾ هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا سور لڳا پيا آهن، ڪنهن وٽ به مشڪل سان ئي عوام جي سورن جو درد هجي. جڏهن عوامي مسئلن کي ٽن يا چئن ڏينهن تائين کنيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي بنياد ۽ پاس کان مسئلا حل ٿي سگهندا؟
هي ائين آهي جيئن توهان کي ڪنهن ڪاري غار ۾ ڦٽو ڪيو ويو هجي، پر ان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ توهان کي خوش رکڻ لاءِ دلاسا ڏنا وڃن ته اجهو پيا نڪرون بس منزل پنڌ تي آهي.

سچ ان کان گهڻو ئي مختلف آهي. اڄڪلهه اسان کي پڻ دلاسن مٿان دلاسا ڏنا پيا وڃن جن ۾ ڪٿي صداقت ملي ناهي رهي. اسان پنهنجي جڳهه تي مستقل لکندا رهيا آهيون ته ٻيلي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيو.
جيڪڏهن اڄ اسان ٿورڙو به ڪنهن اڳواڻن جي خلاف يا کڻي چئون ته ان بابت سچ لکي ڏيون ته اهي سڄي ميڊيا کي مٿي تي کڻي بيهندا، يا وري ڪنهن اڳواڻ کي هلڪڙي رونڊهه به اچي وڃي ته انساني حقن جي ديوي کي رسواء ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي.
باقي غريب عوام جا ٻچا مرن ۽ انهن جا گهر برباد ٿين ته ڪنهن کي ڪجهه به نه ٿيندو، ڄڻ ملڪ ۾ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي، اسان وٽ غريب عوام جي حيثيت جانورن کان به ويل آهي.

قومن جي زندگيءَ ۾ سانحه نيئن تاريخ لکندا آهن، پر اسان وٽ سانحه ٿيڻ عام ڳالهه ٿيندي پئي وڃي، جڏهن اسان جا رويا وڃي ان حدتائين پهچن ته پوءِ اسان ڇا ٿا چئي سگهون؟
هر مسئلا کان سڀئي واقف آهن بس هر هڪ منهن تي ٻُٽَ ٻڌي ويٺل آهي انهن جا گهر برباد ٿيا هجن ته انهن جي من ۾ به چنڊي پوي انهن جا هٿ به آسمان ڏانهن کڄن ها، انهن کي ڪهڙي پرواهه ته قطار ۾ بيهي ماني ٽڪر وٺڻ لاءِ ڪيتريون لٺيون جهلڻيون پون ٿيون.
عوام کي مليو ڇا آهي؟ عوام کي سڀ ڪجهه ته مليو آهي، عوام پنهنجا اڳواڻن کي شهادت جا چوغا اوڙهندي ڏٺو، گهرن کي برباد ٿيندي ڏٺو، پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطني جو ڪرب سٺيون، گهر هوندي ٻارن کي روڊن تي راتيون گذاريندي ڏٺو، خصيص علاج جي سهولت نه هجڻ ڪري عوام پنهنجن ٻچن کي هميشه لاءِ مٽي جي چادر اوڙهائي ڇڏي.

اڃا چيو وڃي ٿو ته عوام کي مليو ڇا آهي؟
عوام کي دوزخ جو هر منظر ڌرتي تي ڏنو ويو آهي. عوام جي مسئلن تي سياسي پارٽيون جيڪي اقتدار ۾ هجڻ يا ٻاهر هجن سڀني جا رويا هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن، سڀئي ٻن ٽن ڏينهن تائين عوامي مسئلي تي چپ چورين ٿا ان کانپوءِ سڀئي خاموش ٿيو وڃن. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر مخالف ڌر وارا عوام جي مسئلي کي ٻن ٽن ڏينهن تائين ڇو پيا کڻن؟
ڇا انهن جي نظر ۾ مسئلا حل ٿي ويندا. انهن جي اطلاع ۾ عرض آهي ته عوام جا مسئلا پهرين کان وڌيڪ گهيرا ٿيندا پيا وڃن. انهن تي آواز اٿارڻ گهرجي. سنڌ ۾ هينئر اولين مسئلو ٻوڏ متاثرين جو آهي جيڪڏهن انهن جي مدد نه ڪئي وئي ته آدمشماري ڌارياشماري ۾ تبديل ٿيڻ ۾ هڪ سيڪنڊ تي دير نه لڳندي.
اسان پنهنجي پر ۾ مسلسل حڪومت جي آڏو ٻوڏ متاثرين جي مسئلي تي لکندا آيا آهيون پر حڪومت وٽ وقت هجي ته اهي انگريزي اخبارن مان منهن ڪڍي سنڌي اخبارن ۾ نهارين جتي انهن جي اصل خبرون منتظر آهن ته انهن عوام لاءِ ڪيو ڇا آهي؟ حڪومت جي لاءِ ٻڌائيندا هلون جنهن انگريزي اخبارن کي اڳيان رکندا آهن انهن به اهو ئي چيو آهي ته ايندڙ برساتي موسمن ۾ ٻوڏمتاثرين کي وڏو نقصان رسندو، هينئر تائين ملڪ ۾ 78 ضلعا ۽ 20 ملين ماڻهو گهرن کان دربدر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺن تباهه ٿي چڪا آهن.

ان سان گڏوگڏ گهڻو نقصان سنڌ کي ٿيڻو آهي جتي اڄ به ماڻهو ڪئمپن ۽ روڊن تي زندگي گذاري رهيا آهن.
ٻوڏ متاثرين جي حالتن تي شهيد ڀٽو پارٽي جو اڳواڻ حميد بلوچ عبرت سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي عوام ڪنهن جي پيءٌ جي جاگير ڪانهي جو انهن سان اهڙو حشر ڪيو پيو وڃي جنهن جا اهي حقدار ناهن. موجوده حڪمران صرف الطاف حسين، نوازشريف، اسفنديارولي ۽ مولانا فضل الرحمان کي خوش ڪرڻ ۾ پورا آهن. انهن وٽ ٻوڏ متاثرين جي ڪا به پريشاني ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. وطن ڪارڊ جو ڊرامو رچايو ويو ۽ انهن جي پنهنجن پسنديده ماڻهن کي وطن ڪارڊ ڏنا ويا آهن. هينئر تائين جيترو ٻاهريان کان رليف فنڊ آيو آهي. اهو دڪانن تي وڪرو ڪيو وڃي پيو. موجوده حڪومت ٻوڏمتاثرين جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. اسان جي خيال ۾ ته هينئر هڪ آزاد ڪميشن جوڙي جيڪا ٻوڏمتاثرين جي مدد ڪرڻ، انهن جي برباد ٿيل گهرن ۽ ٻارن جي تعليم کي پهتل نقصان جو اصل ڪاٿو لڳائي سگهي، ان سان گڏوگڏ هي به ٻڌائيندا هلون ته ايندڙ مئي جو مهينو سنڌ لاءِ ڳرو مهينو هوندو ڇاڪاڻ جو برساتن جي موسم اچڻ واري آهي ۽ بندن جي ڪا به مرمت ناهي ڪئي وئي. مئي ۾ ايندڙ پاڻي سنڌ کي لوڙهي ويندو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت اکيون نه کوليون ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.

حميد بلوچ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو پنهنجي جڳهه تي لک ڀيرا درست پر ڇا سنڌ حڪومت ٻڌي سگهندي ته سنڌ ڇا پئي سوچي؟ حڪومت کي پنهنجي حال کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي حال تي ڌيان ڌرڻ گهرجي ته انهن جو حال ڪيئن آهي؟
سنڌ حڪومت کي پنهنجي روايت ناڪارا ڪاردگي کان هٽي ڪري ڪجهه ٻوڏمتاثرين لاءِ بهتر ڪرڻ گهرجي. ڇا سنڌ حڪومت ڪجهه ڪري سگهندي؟
Published in Daily Ibrat newspaper on Marach/15/2011

2 comments:

  1. Ms.Veengas
    Mein ap ke artical shouk se parta hoon aur mujhe yakeen hay ke ap humesha huk aur such ki khatir likhtee raheinge
    qadir Rind
    71 Clifton karachi
    Email: qadirbux38@gmail.com

    ReplyDelete
  2. Mr. Qadir Bux Sb,

    So nice of you. Thanks

    ReplyDelete