Tuesday, February 22, 2011

We, Who Killed by Guards!

شهيد سلمان تاثير !
اسان جيڪي پنهنجن محافظن هٿان ماريا وياسين!!!


وينگس.

جڏهن ڪنهن حڪومت کي ڪرائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪنهن جو قتل يا وڏو حادثو ڪرايو ويندو آهي. حڪومت ڪيترو ڪجهه به چوي ته ان کي ڪير هٽائي نه ٿو سگهي، جيتوڻيڪ هينئر حالتون اهڙيون ناهن پر ڪنهن امڪاني حادثي ٿيڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.
هي مٿان سٽون اردو اخبار جنگ ۾ ڪالمنگارن لکندي موجوده حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ لکيون هيون. ڏٺو وڃي ته انهن جون ڪيل پيش گوئيون درست ثابت ٿيندي محسوس ٿي رهيو آهن. حڪومت هڪ پاسي جنازو کڻي رهي آهي ته ٻئي پاسي کان مسلم ليگ ن الٽيميٽ ڏيندي حڪومت خلاف روڊن تي ايندي. هاڻي جڏهن حڪومت دلدل ۾ ڦاسي پئي آهي يقينن ان جو فائدو مخالف پارٽين کي ٿيندو. هي سوچيل سمجهيل راند آهي. پاڪستان ۾ حڪمراني ڪندڙ جا هٿڪنڊا نوان ناهن، هميشه وڏي تبديلي آڻڻ لاءِ عوام جي جهول ۾ جنازا ڏنا ويا آهن.

گورنر پنجاب سلمان تاثير کي شهيد ڇو ڪيو ويو؟
سلمان تاثير پنجاب جي رجعت پرست ٽولن مان سيڪيولر سوچ رکندڙ شخصيت هئي، سلمان تاثير جنهن لاهور ۾ نئين سياسي لهر پيدا ڪندي مخصوص ٽولي کي چئلينج ڪندو رهيو. سلمان تاثير پنجاب ۾ سيڪيولر رول ماڊل طور تي اُڀري رهيو هو جنهن پنهنجي خاندان کي اڳتي آڻي ڪري نئين لهر اُڀاري رهيو هو.
سلمان تاثير پراڻي نظام خلاف قدم کڻي پيو. پر سلمان تاثير ڇا ڪيو؟ هن کي آساني سان قتل ڪيو ويو. هڪ منظر عام تي آيل فيڪٽر ٻڌايو ويو آهي ته سلمان تاثير کي مذهبي انتهاء پسند پنهنجي گارڊ ئي قتل ڪري ڇڏيو. قتل جو سبب ٻڌايو ويو آهي ته سلمان تاثير توهين رسالت جي خلاف وڃي رهيو هو.
سلمان تاثير ڪڏهن به توهين رسالت خلاف بيان نه ڏنو هو ان صرف آسيه بيبي جي لاءِ معافي جي اپيل ڪئي هئي ڇو جو آسيه بيبي ڪيس سڄو دشمني تي ٻڌل هو. سلمان تاثير ته مظلوم جي مدد ڪئي هئي. ڇا اسلام ۾ مظلوم جي مدد ڪرڻ تي قتل ڪيو ويندو آهي؟ اسان نه ٿا سمجهون ته هي ڪو ايترو حساس واقعو هو جو هڪ گورنر کي ائين قتل ڪيو ويو؟

ڏٺو وڃي ته گولي هلائيندڙ ملڪ ممتاز کي هڪ ڏينهن اڳ شامل ڇو ڪيو ويو؟ ۽ جڏهن ملڪ ممتاز گولي هلائي رهيو هو ان وقت روڪيو ڇو نه ويو؟ ڇا سلمان تاثير واحد ماڻهو هو جنهن آسيه بيبي لاءِ رحم جي اپيل ڪئي هئي؟ هتي هر هڪ آواز آسيه بيبي لاءِ آواز اٿاري رهيو هو. آخر سلمان تاثير ئي نشاني تي ڇا لاءِ هو؟

سلمان تاثير جي شهادت سان ڪنهن کي فائدو پهچي رهيو هو. سلمان سينيٽرل پنجاب ۾ ڪنٽرول حاصل ڪري پيو ۽ بيزنيس ڪميونٽي جو پاسو به هن ڏانهن ٿي رهيو هو. ظاهر آهي پ پ پارٽي کي سينيٽرل پنجاب ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ کٽائي سگهي پيو، ۽ پنجاب ۾ ٻين پارٽين لاءِ وڏي رڪاوٽ هو.
هاڻي سلمان تاثير کي هٽائڻ لاءِ بهترين موقعو هو ته مذهبي انتهاء پسندي جي ڪلهي تي بندوق رکي ڪري هڪ تير سان گهڻا شڪار ڪيا وڃن، هڪ طرف سيڪيولر سوچ کي دٻائيو وڃي، ٻئي طرف پ پ پارٽي کي پنجاب ۾ ڪمزور ڪندي، هلندڙ صورتحال ۾ ختم ڪري سگهجي.
سلمان تاثير شهادت ۾ ظاهري طور تي مذهبي رنگ ضرور آهي پر ان ۾ پردي پٺيان سياسي مفاد پرستي به آهي. گورنر کي آساني سان قتل ڪرڻ ايترو آسان ناهي، هي سڄي سوچيل سمجهيل راند آهي، جيڪڏهن توهين رسالت ئي سبب هو ته پوءِ جيڪي آواز قانون ۾ تبديلي آڻڻ ۽ آسيه بيبي لاءِ آواز اٿارين پيا انهن کي به قتل ڪرڻ گهربو هو.

ان صليب تي صرف سلمان تاثير ئي ڇو آيو؟

سلمان تاثير هڪ نيئن سوچ جو بنياد ضرور وڌو ۽ سيڪيولر سوچ جو بنياد وڌو. يقينن جڏهن به ڪا سوچ تبديلي جي ڳالهه ڪندي ان کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ سلمان تاثير هڪ شخصيت ناهي جنهن کي ائين شهيد ڪيو ويو هجي. اسان هميشه پنهنجن محافظن هٿان کي قتل ٿيندا رهيا آهيون. فاطمه جناح جنرل ايوب دور ۾ قتل ٿي، شهيد ذوالفقار ۽ پنڪي محافظ جنرلن دور ۾ قتل ٿيا، شهيد چي مير پڻ محافظن هٿان قتل ٿيا. سوال هي آهي ته انهن محافظن کي ايتري سگهه ڪير ڏئي ٿو جيڪي تحفظ ڪرڻ جي بجاءِ قتل ڪري ڇڏين ٿا.
سلمان تاثير جي شهادت هن ملڪ ۾ سياسي تبديلي جو بنياد وجهندي، جن گولي هلائڻ جي سگهه ڏني هئي هاڻي اهي انتهاء پسندي جي غار ۾ گم ٿي ويندا. سلمان تاثير جا اصل قتل ملي نه سگهندا. پر اسان سمجهي سگهون ٿا ته سلمان تاثير جو قتل پٺيان وڏي سياسي راند آهي ۽ هي راند هاڻوڪي نه پر گهڻي پراڻي آهي.


Published in Daily Ibrat Newspaper on Jan.06.2011

Thursday, February 10, 2011

Stones & Anguish..!



I don’t know,
Why has it been happening?
Why I am only?
You told me,
Life, has to pay at each journey,
I was taking your all sayings in my heart,
I never went oppose them,
You warned me,
"This world might throw stones at us,
When we ask for justice",
That time,
You hugged and strongly advised me that those stones would be temporary,
You won’t feel pain,
I shook head and agreed with you,
You left me alone,
I have not complained and knocking door for helping,
Just remaining silent and following your all sayings,
But
World throws stones and rejects me,
I don’t get pain and thinking they are temporary,
Isn't it?
Ahh...
You didn’t tell me one thing,
When we get stones from our own home,
Then,
How can we say those are temporary?
Do you know, it has unending anguish?
You are not here,
But this pain is in me,
I have not received stones from others,
But stones from home, 
I don’t say even a single word,
Just remaining silent and waiting for you,
When you come, I will let you know,
That
You were wrong all throwing stones are not temporary,
Some of them have pain,
Yes,
I have received those stones,
And my inner is injured,
I don’t know, why are people saying,
You will never return,
And I am standing on road,
Waiting for you,
You will have to return,
You will have to return,
Come and see stones those are in my cradle,
Because,
Some of stones are timeless and have unending pain,
Yes,
I will show you,
That
Those stones are in my cradle..! (Helena)