Sunday, January 16, 2011

Philosophy! Why am I?

Ethics & Self-Knowledge
مان ڇا لاءِ آهيان؟



وينگس.

فلسفو گهڻو خشڪ ۽ منجهائيندڙ باب آهي، ان ۾ خوبصورتي هي آهي ته فلسفو سوال اٿاري شين کي کولي رکڻ جي قوت رکي ٿو ۽ اها ٻين بابن ۾ ملڻ مشڪل آهي.
فلسفي جي دنيا ۾ هر موڙ تي فلسفي کي آزادي آهي ته هو بغير ڪنهن پاسپورٽ ۽ جهل پل جي هر هنڌ وڃي سوال اٿاري سگهي ٿو. انهي خوبصورتي ڪري فلسفو پنهنجي الڳ ئي جاءِ والاري ويٺو آهي. اسان گذريل شمارن ۾ فلسفي جي معنيٰ ۽ فلسفي ۾ دماغ ۽ جسم جو پاڻ ۾ تعلق تي لکي آيا آهيون.
اڄ اسان انسان جي ذاتي حيثيت تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو وجود ڪٿي آهي؟ مان ڇا لاءِ آهيان؟ مان ڇا لاءِ پيدا ڪيو ويو آهيان؟ منهنجو وجود ئي ڇو آهي؟ ڇا منهنجي وجود ڪري ڪا اهميت دنيا جي سيني تي آهي؟ يا وري انسان محظ ان ڪري پيدا ڪيو ويو آهي جو دنيا جي چرخي کي هلائڻ لاءِ مزدور گهرجن ۽ انسانن کي پيدا ڪري دنيا کي هلايو پيو وڃي؟؟!!!
اسان جي پيتڪڙن ذهنن ۾ هميشه اهڙي قسم جا سوال اٿندا رهن ٿا ۽ جنهن جو واسطو صرف فلسفي سان ئي نه پر تصوف اسان به گهيرو لاڳاپو رکندڙ آهي. جيستائين اسان پنهنجي وجود لاءِ سوال اٿاري نه ٿا سگهون، اسان ڪڏهن به پنهنجي وجود جي اهميت کي جاچي نه سگهنداسين ۽ هڪ اونداهيءَ واري گهٽيءَ ۾ پيا هٿڙا هڻندا رهنداسين جنهن ۾ سواءِ ڌڪن ٿاٻن جي پاڻ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

We are forced to walk on Dark Street where we receive only wrong signals rather than real pathways.

ڪنهن فلسفي هي مٿان سٽ لکندي انسان جي وجودي اهميت تي سوالي نشاني هنئي. هينئر مان پڻ انهي سوال تي اچڻ چاهيندس ته اسان ڇا لاءِ آهيان؟
هي سوال پنهنجي مد ۾ گهيرائي رکڻ سان گڏوگڏ انهي مٿان اسان جي زندگي جي ٻيڙي بيٺل آهي، جنهن ان سوال جي مام کي سمجهي ورتو اهو ئي بهترين ناکو ٿي ڪري زندگي جي ٻيڙي کي پاڙ ڪري سگهي ٿو.
مشڪل ترين سوال جي ڳنڍ کي کولڻ جي ڪوشش صدين کان ٿيندي پئي اچي، جنهن تي سائينس به محنت ڪندي منطق logic ذريعي سوال کي حل ڪري پئي، پر اهي به ڪٿي نه ڪٿي کٽي پون ٿا.
جڏهن به سوالن کي منطق ۽ غير منطق وچ ۾ ڳولهيو ويندو ته منجهارو ايندو ان جي بغير انسان آساني سان اڳتي وڌي نه ٿو سگهي. تصوف جي دنيا ان سوال جي اردگرد گهڻا تهه ڏئي ٿي، جيستائين انسان انهن تهن کي پار ڪري ان جي زندگي پڄاڻي تي پهچي وڃي ٿي، تصوف وٽ انسان لاءِ ويڙهه ئي آهي، هر موڙ تي انسان کي نفس کان وٺي دنيا جي ٺڳي بازين سان ويڙهه جو درس ڏيندو رهي ٿو، تصوف انسانن جي ليبارٽي ۾ رهي ڪري منجهيل ڳنڍن کي کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تصوف کي سمجهڻ لاءِ صرف مذهب جي ليڪي اندر رهڻو ناهي پر تصوف کي سمجهڻ لاءِ تصوف ۾ ئي رهڻ گهرجي.

سوالن جا ڳنڍن ڪنهن جي پڇ کي پڪڙي کلندا ناهي پر سوالن جا ڳنڍ ڊگهن پنڌ ڪرڻ کانپوءِ کلندا آهن. تصوف هر موڙ تي انسان کي پنهنجي عملن تي هلڻ جو درس ڏئي ٿو، جنهن ۾ ٻئي انسان کي ڪٿي به نقصان نه پر لاڀ ملي سگهي، تصوف ته انسان جي لالچي اکين کي چيٿڻ جو پيغام ڏئي ٿو. انسان دنيا ۾ صرف لالچ هٿان مات کائي ٿو. اڄ تائين دنيا ۾ جيڪا گڙبڙ پيدا ٿي آهي جنهن ۾ انسان منجهاري جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. ان ۾ انسان جي اندر جي لالچي لهر آهي جنهن انسان کي گمراهه ڪندي اچي پئي.

جتي تصوف انسان کي لالچ جي ڀنور مان ٻاهر نڪري زندگي کي ڏسڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، ۽ ان کان پوءِ زندگي جي تهن کي سمجهڻ جي ڳالهه ڪيل آهي.
فلسفي جي دنيا به ان سوال تي گهڻو بحث ڪندي انسان تي وڏيون ذميواريون رکيون آهن ته انسان جا عمل ئي ان کي زندگي جي ڳجهارت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا. مان اڳ ئي لکي چڪي آهيان ته فلسفو صرف چانهه جي ڪوپ تي بحث جو نالو ناهي پر فلسفو عملي ڪم جو نالو آهي، جنهن لاءِ انسان شعور کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿو.
Philosophy without action like life without breath.

اتي ئي ايمونيل ڪانٽ (Immanuel Kant 1724, 22April – 1804, 12February )فلاسفر فلسفي جي دنيا جو مسافر به ان سوال تي بحث ڪندي چئي ٿو ته عمل جيڪو اخلاقي طور تي صحيح هجي ۽ ماڻهو پنهنجو عمل ذميوار ٿي ڪري نڀائي، پر جنهن عمل جا نتيجا اڳيان اچن ٿا جيڪي غلط يا صحيح ٿي سگهن ٿا، ان ۾ انسان جا پنهنجا داخلي مقصدن آهن جيڪي عملن ذريعي اڳيان اچن ٿا.

ايمونيل ڪانٽ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “Nothing in the world – indeed nothing even beyond the world, can possibly be conceived which could be called good without qualification except a goodwill”
ڪانٽ انسان جي اخلاقيات ۽ عمل تي گهڻو زور ڏنو آهي. ۽ ان ۾ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي وجود کي عمل ذريعي ئي سمجهي سگهون ٿا، جنهن پنهنجي وهندڙ ندي ۾ پير نه رکيو هجي اهو ٻئي جي وهندڙ نديءَ اندر ڪيتريون به ٽٻيون هڻي ان جي حصي ۾ ڪجهه به نه ايندو جيستائين هو پنهنجن عمل کي سمجهي نه ٿو.
انسان اخلاقيات جي دائري ۾ ان وقت کي داخل ٿي سگهي ٿو جڏهن ان وٽ self – knowledge هي معنيٰ Psychology سبجيڪيٽ ۾ استعمال ٿيندي آهي جنهن ۾ انسان ذاتي طور تي پنهنجي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته What am I like? ان دوران ئي انسان self – consciousness or self – awareness يعنيٰ ذاتي سجاڳئي يا ڄاڻ جو مرحلو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي جسماني قوت کان وٺي شعور قوت تائين هر تهن کي سمجهي ٿو. زندگي جو هر تهه شعور جي نازڪ ڳنڍ سان ڳنڍيل آهي، انسان کي شعور جي بنياد تي ئي غلط ۽ صحيح جي وچ ۾ پيل سنهڙي ليڪي کي سمجهندو.
انهي دوران انسان جي اڳيان ٽئي اهم مرحلا اچن ٿا جن ۾

The physical world
The social world
The psychological world

ڪپهه جهڙي انسان جي اڳيان صرف مرحلا ئي ناهن پر پنهنجي محور ۾ هر هڪ دنيا آهي، مٿان ٽئي جهان هڪ عام انسان لاءِ طئي ڪرڻ ڏکيا آهن، جنهن جي هر موڙ تي انسان جو داخلي ۽ ٻاهرين دنيا سان ويڙهه ڪرڻي پوي ٿي. انسان شايد ڪٿي ٻاهر جي دنيا تي ڪنٽرول ڪري اچي پر ان لاءِ مشڪل آهي جو هو ذاتي اندر جي اٿندڙ اڻڄاڻ لهرن تي ڪنٽرول ڪري سگهي، انهي لاءِ ته گوتم ٻڌ انسان جي نفس تي ڪنٽرول ڪرڻ جي چيو آهي. ۽ جنهن ذاتي نفس تي ڪنٽرول ڪري ورتو ان ئي پنهنجي ماڳ کي ڏسي ورتو.

انهن کي سمجهڻ کان پوءِ ئي ته انسان سمجهي سگهي ٿو ته مان ڇا لاءِ آهيان.
دنيا جي هيڏي وڏي جهان ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو آهن جيڪي بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اصل ماڳ کي سمجهندي پنهنجي وجود جي ڳجهارت کي کولي سگهن. اسان سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا انسان اندر جي لالچي اکين کي چڀاٽي نه ٿو سگهي.
اڄ به انسان ٻرندڙ دنيا مٿان بيهي ڪري سوال ڪري رهيو آهي ته مان ڇا لاءِ آهيان؟ ۽ دنيا ان کان پڇي رهي آهي ته توهان جي زندگي ڇا لاءِ آهي؟
ڇا اسان مان ڪير به پنهنجي وجود کي لالچي اکين کان آزاد ڪرائيندي زندگيءَ جي وجود اصل ماڳ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. سڀ ڪجهه انسان جي پتڪڙن هٿن ۾ ئي آهي ته اسان پنهنجي اخلاقيات کي ڪهڙن اصولن تي رکي ڪري عمل ڪري سگهون ٿا، اصول جيڪي موسم سان گڏ تبديل ٿيندڙ نه هجن پر اهڙا اصول جيڪي دنيا ۽ زندگي کي اصل ماڳ ڏئي سگهن.

۽ ان ئي موڙ تي اسان سمجهون ته مان ڇا لاءِ آهيان؟
هڪ سادو سوال جنهن جو جواب صرف عمل سان اڳيان اچي سگهي ٿو.

Published in Daily Ibrat on 16th Jan. 2011

No comments:

Post a Comment