Sunday, January 16, 2011

Mind & Body!

Shadow of Philosophy
دماغ ۽ جسم!!!

وينگس.

آسمان هيٺ گهڻا مسئلا صدين تائين ساڳيا رهندا اچن ٿا. حقيقت آهي ته انسان کي ڪجهه جهڳڙا وراثت ۾ ملندا رهيا آهن. انهن جهڳڙن جي تاريخ گهڻي طويل ۽ پنهنجي پَرَ ۾ صدين جو سفر رکندڙ آهي.
اهڙا ڪجهه جهيڙن مان هڪ جهيڙو اسان جي سامهون ۽ خاص طور تي فلسفي جي دنيا ۾ رهندو آيو آهي هي ته انسان ڪنهن جي حڪم تي هلي رهيو آهي، دماغ، جسم يا وري خدا جي حڪم تي بندو زمين تي گهمي ٿو. ڪهڙي قوت آهي جيڪا هن کي هلائي رهي آهي؟
مذهب جي دنيا ۾ ان حوالي سان ڪليئر ڪٽ جواب موجود آهي ته بندي کي هلائيندڙ خدا آهي، ۽ جنهن ان جي خلاف ڦير کاڌي ته پوءِ معاملو خراب ٿيندو. انهي ڪري اسان جون اکيون تاريخ جي ورقن تي معصوم انسانن کي سوليءَ تي چڙهندي ڏسنديون رهيون آهن، منصور ۽ مخدوم شاهه بلاول رت جي هولي ۾ انهي ڪري رنڱيا ويا جو انهن منطق جي لهر ڇڙيو.
انسان جي حصي غير منطقي ۽ منطق وچ ۾ ويڙهه هلندي پئي اچي. ڇاڪاڻ جو هي ويڙهه هڪ اهڙي قسم جي آهي جتي لفظ پاڪ ۽ مذهب جي قبيلي جا آهن ۽ ٻئي پاسي وارن جو واسطو وري لفظن ۽ دنياوي قبيلي سان آهي جنهن ڪري هميشه شيون منجهاري جو شڪار ٿينديون رهن ٿيون.
بقول هڪ استاد جي ته انسان جي اندر پهرين گهر خوف ڪيو ۽ انسان جي پهرين ڳانڍاپو مذهب سان جڙيو، جتي انسان پهرين قدم رکي ڪري شيون جوڙيون هجن اسان مان ڪير به انهن کي آساني سان چيئلنج نه ٿو ڪري سگهي. انسان مٿان مذهب جو رنگ گهڻو قديم آهي.

پوڙهي سوال ڪندي پڇيو ته
تون ڇا ٿو ڪرين؟
تون کي خبر ناهي ته مان هن قديم وڻ کي ڪٽي رهيو آهيان،
هن ڪيتري عرصي کان وڻ کي ڪٽڻ شروع ڪيو هو،
ها! هو ان ڏينهن گهڻو خوش هو ته هاڻي مان پنهنجو ڪم پورو ڪيو،
ان جڳهه تان ٻارڙي گذريندي رڙ ڪري چيو ته
هي ڇا توهان جي ڪٽيل وڻ جو پاڙون زمين ۾ مليل آهن،
انهن کي ڪير صاف ڪندو؟
پوڙهي وري کلندي چيو ته،
برابر تون وڻ ڪٽي سگهين ٿو،
بلڪل تون وڻ ڪٽي ڪم پورو ڪيو،
پر وڻ جون رهجي ويل پاڙين کي زمين مان ڪيئن صاف ڪندي؟
تون سمجهين ڇو نه پيو ته قديم شيءِ هميشه پنهنجا آثر ڇڏيندي آ،
ان کي نيئن روپ ۾ ٻيهر جنم وٺڻ لاءِ وقت لڳندو،
۽ تون ان کي وقت ڏيڻ لاءِ راضي ڪانهي،
ٿورو راضي ٿي وڃ،
سمجهه ته ڪجهه شيون پنهنجي نيئن جاءِ ٺاهڻ ۾ وقت وٺنديون،
پر تون راضي ٿيڻ لاءِ تيار ڪانهي.(هلينا)

مٿان نظم مون ان ڪري ڪوڊ ڪيو آهي ڇاڪاڻ جو اسان کي سمجهڻ پوندو ته قديم شين کي نئون روپ اختيار ڪرڻ ۾ وقت درڪار آهي، ۽ مذهب انسان جي رڳ ۾ ڊوڙي رهيو آهي، غير منطق ۽ منطق ويڙهه ۾ هڪ ڌر وٽ سپاهي نه هجڻ جي برابر آهن ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سپاهي منطقي هٿيار کڻي ڪري غير منطقين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتل آهن، هي جنگ گوريلا ويڙهه جيان آهي جيڪا صدين تائين هلندي رهي ٿي، گذريل ڪالم ۾ اسان ان تي لکي چڪا هياسين ته ڏاهپ جي ذميواري ڪيئن هجڻ گهرجي؟
ائين ئي ان ڏاهپ جي ذميواري جو سڌو سنئون رشتو غير منطق ۽ منطق جي رشتيدارن سان آهي، هاڻي جنهن ڏاهپ جو رشتو منطقي دنياوي فلسفي سان هوندو ان جو حشر ڪيئن ٿيڻو آهي ان جو اندازو اسان سڀني کي آهي ۽ انهن جي حصي ۾ رسوائي ۽ ملامت جي ڪجهه به نه هوندو. پر گهڻن کي شوق هوندو آهي ته اهي اهڙا ڪشلا کڻندي جاري رهندڙ غير منطقي ۽ منطق جنگ ۾ حصيدار ٿي سگهن.
ائين ئي مذهب جي رکوالن منطق کي مذهب جي خلاف چئي ڪري انسان جي ذهني پورهي کي گناهه جو رنگ ڏيندا رهيا آهن، پر جيڪڏهن مذهب کي پڙهيو وڃي ته مذهب ائين نه ٿو چئي جيئن سجاڳي دور دوران يورپ ۾ پوپ جو رويو هو. انهن ته مذهب جي ڪرسي تي ويهي ڪري عوام مٿان حڪمراني پئي ڪئي جيڪا هينئر تائين هر مذهبي ڪرسي واري حڪمراني ڪري رهيو آهي.
هڪ سادي ڳالهه کي گنجڙائي پيش ڪيو ويو. ۽ انسان کي منطقي ڳالهائين کان پري رکڻ جو ڪوشش ٿيندي رهي آهي، جيڪو ڪجهه مذهبي علماء چئي اهو ئي درست آهي ۽ جيڪڏهن توهان ان تي ڪو سوال اٿاريو ته ان مان مراد توهان مٿان شطاني روح جو قبضو آهي. مسڪين گليلو کي پادرين ڪيترو نه ذليل ڪيو هو. ان تي ڇا گذريو هوندو؟ اها ڄاڻ گليلو کي ئي ٿي هوندي.
فلسفي جي هڪ ڪتاب ۾ پادري ۽ فلاسفرن جي وچ ۾ بحث هليو ته آخر انسان جي عملن ۽ سمجهه تي اصل حڪمراني ڪير ڪري پيو، مذهبي علمائن جي ساڳئي وائي هئي/آهي ته ان مٿان خدا جي حڪمراني آهي، اسان جيڪو ڪجهه ڪريون پيا ان ۾ آسماني واري خدا جو هٿ آهي. ان دوران هڪ فلسفي اٿي ڪري پادري کي گذارش ڪئي ته ٺيڪ پوءِ توهان سوچي ڇڏيو ته توهان پاڻي پئي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو دنياوي وجود ڪجهه به ناهي جيڪو ڪجهه آهي اهو اسان کان ڪرايو پيو وڃي.
ڪجهه وقت کانپوءِ پادري صاحب غصو ڪندي اٿي هليو وڃي ٿو. پر فلسفي وري به گناهگار سڏايو وڃي ٿو. ان کي جواب ڏيڻ جي جاءِ تي ان کي مذهب جي خلاف ۽ شطان چئي ڪري ڪنڊ ۾ ويهاريو وڃي ٿو.
موجوده دور ۾ اسان گهڻي ترقي ڪئي آهي، شايد اسان لاءِ هاڻوڪي هي بحث معاملو ۾ لڳي، ڇو جو هن بحث هڪ عمر طئي ڪئي آهي، پر اسان جا وريا اڄ به ساڳيا آهن، اسان هينئر به منطق کي مڃڻ لاءِ جلدي ۾ تيار ناهيون ٿي سگهندا، ان ۾ اسان جي حصي ۾ آيل صدين جي وارثت آهي. انهي بحث مان هڪ بحث هي به آهي ته انسان تي حڪمراني دماغ يا جسم ڪري ٿو.
اسان هن بحث ۾ جلدي ٽپو نه هڻنداسين ته خدا جو انسان مٿان حڪم ڪيئن هلي ٿو؟ ڇو جو ان سان گهڻن جا حساس احساس ڇلڪي پوندا، ۽ هڪ غير منطقي ۽ منطق جي ويڙهه ٻيهر شروع ٿي ويندي جتي هر هڪ پاڻ کي درست ڪرڻ لڳل هوندو.
هينئر اسان انسان جي محور تي ڳالهه ڪنداسين ته انسان اصل ڪهڙي شيءِ کان حڪم وٺي ڪم ڪري رهيو آهي. گهڻن جو ان ۾ موقف Idealistic & Materialistic ڏانهن رهندو پيو اچي، هزارين سوال نفسيات جي حوالي سان اُٿندڙ آهن.
پر جيڪڏهن هتي اسان هي چئون ته ٻنهي شين جو پاڻ ڳانڍاپو آهي ته گهٽ نه ٿيندو. فلاسفر الفرڊ ايڊلر چيو آهي ته “we see that both mind and body are expression of life; they are parts of the whole life. And we begin to understand their reciprocal relation in that whole.”
مٿان سٽ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان جي زندگي عملن تي بيٺل آهي ۽ اسان جا عمل اسان جي Actions جي عڪاسي ڪندڙ آهن.
هاڻي سوال هي آهي ته اسان جا عمل ڪنهن جو چوڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
شيڪسپيئر جي ڪردار ۾ ڊائلاگ آهي ته (sense, sure, you have, Else you could not have motion. Hamlet, Act III, Scene 4)
انسان جا خيال ۽ مقصد ذهن طرفان هلايا وڃن ٿا، ذهن ئي انسان کي هلائي ٿو. ذهن جيڪڏهن جسم کي ڪو حڪم ڏئي ٿو ته ان ۾ جسم کي پنهنجون حدون ڏسڻيون پونديون ته اهو ڪهڙي حدتائين ڪم ڪري سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ان جي حصي ۾ اها شيءِ ناهي جنهن شيءِ لاءِ ان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جستجو ڪندو رهندو ۽ هڪ نئين شيءِ جوڙڻ جي تيار ۾ لڳي ويندو، ائين جيئن مٿان سٽ شيڪسپيئر جي ڪردار چئي رهيا آهي ته تون وٽ شعور آهي جيستائين ان کي حرڪت ۾ نه ٿو آڻيون وڃي.
سچ ئي آهي ته اندر کي ٻاهر ان وقت ڪڍي سگهجي ٿو جيستائين توهان ان کي ٻاهر ڪڍي ڪري نه ٿا رکو.
هڪ ٻئي هنڌ الفرڊ ايڊلر لکي ٿو ته “The changes which the human race has made in this environment we call our culture, and our culture is the result of all the movements which the minds of men have initiated for their bodies. Our work is inspired by our minds.”
مٿي فلاسفر الفرڊ ايڊلر چئي رهيو آهي ته جيڪو ڪجهه انسانذات جي ماحول ۽ ڪلچر جوڙيو آهي ان جو اصل نتيجو ذهن آهي ۽ هي ذهن ئي انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائي ٿو.
هتي هي مراد نڪري ٿي ته اسان جي هر ترقي ۽ پڻ جسماني ترقي جو واسطو به ذهن اسان واسطو رکندڙ آهي.
ائين ئي انسان پنهنجي نفسياتي عملن ۾ حساس آهي، ڇو جو انسان کي جيڪو ڪجهه ملي ٿو اهي سڀ ان کي وراثت طور ملي رهيو آهي، جسماني وراثت کان وٺي دنياوي وراثت تائين ان لاءِ هر شيءِ اڳ ئي موجود آهي، ۽ ان جو ذهن اتي ئي عمل ڪري ٿو جيڪو ڪجهه هو ڏسي ٿو، ۽ حاصل ڪري رهيو آهي. مشهور چوڻي آهي ته مان سوچان ٿو ڇاڪاڻ جو مان آهيان.
ان ۾ انسان جو هتي ذهن سان سڌو واسطو آهي، پر ڪنهن جڳهه تي دماغ به جسم تي آسيرو رکندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو خوراڪ دماغ جسم مان حاصل ڪري ٿو. ان موڙ تي سوال اٿاريا ويا آهن ته اسان پنهنجي جسم کي ڪهڙي شڪل ۾ رکي رهيا آهيون.
انسان ذهن جو غلام آهي، ۽ ذهن جي حصي ۾ آصل پراڻي وارثت آهي، هي اهڙي مشڪل گهاگهر آهي جتي پيتڪڙو ڪپهه جهڙو انسان گهڻو مجهيل آهي، پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن کي درست شيون ڏيون ۽ ان جي منطقي حڪمن تي عمل ڪندي هڪ نيئن شيءِ تشڪيل ڪندي دنيا کي خوبصورت ڪري سگهون ٿا.
انسان پنهنجي استاد يعنيٰ ذهن جي پوئواري ڪري پر هي ڏسڻو پوندو ته اسان ذهن کي ڇا ڏئي رهيا آهيون؟ ان ڪري ذهن جي فصل کي سرسبز رکڻ لاءِ منطقي پورهئي جي ضرور آهي.
Published in Ibrat in December 2010

1 comment:

  1. nice and best writing you made me understood all this..
    thank you veengas

    ReplyDelete