Saturday, January 8, 2011

Martyred Salmaan Taseer! Done Ten Sins.!

شهيد سلمان تاثير جا ڏهه قصور!
ڇا قاتلن کي گلن جا هار پارائڻ گهرجن؟!!!


وينگس


هي ڪهڙو ملڪ ۽ ڪهڙا ماڻهو آهن؟ جيڪي قاتلن کي گلن جا هار پارائن ۽ ڪنهن جي قتل ٿيڻ تي خوشيون ملهائين. سرائيڪي ۾ چوڻي آهي ته دشمن مرئي تي خوشي ناڪرئي ڪدي ڪدي سجڻ به مرجاڻا وي.

پر شايد هي چوڻي مسلم ليگ ن ڇا لاءِ وساري ويٺي آهي؟ ان جي من ۾ پ پ پارٽي سان ايتري نفرت آهي جو اهي انهن جي ماڻهن جي شهادت تي خوش ٿيندي ملڪ ممتاز قادري کي گلن جا هار پارايا آهن. ان ۾ شڪ ناهي ته مسلم ليگ ن ڊگهي عرصي کان پنجاب ۾ بندش پيل جماعتن جي سرعام مدد ڪري رهي آهي، ۽ انهن مٿان بندش ۾ ختم ڪري پئي.

اسان مان ڪير ڳالهائڻ لاءِ ان ڪري تيار ناهي ڇاڪاڻ جو اسان مذهب جي مخالف بيهاريا وينداسين؟ ۽ وري وڏي ميڊيا به انهن جي ساٿاري آهي جيڪي رڙيون ڪري انهن کي درست ثابت ڪري رهيون آهن.

انسانيت ڪٿي وڃي بيٺي آهي؟ مفاد پرستي واري سياست ۾ انهن جي مت ڇا لاءِ کسجي وئي آهي؟ انهن کي ڪنهن انسان جي قتل ٿيڻ تي ڪيئن خوشي محسوس ٿئي پئي؟
ڇا مذهب جا پيروڪار هي ئي آهن؟ اسان مذهب جا پيروڪار نه ٿا ٿي سگهون؟ اسلام اسان جو به آهي، اسان به چئون ٿا ته جيڪڏهن مذهب مفاد پرست رڍن جي حوالي ڪيو ويو ته اهي اسان کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ اسلام جي اصل روح کي رسواء ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ن ڏيندا.
اڄ پنجاب جو گورنر هائوس هڪ شعوري انسان کي خالي ٿي ويو. شهيد سلمان تاثير جو قصور ڪهڙو هو؟


پهريون قصور جو ان جو واسطو پ پ پارٽي سان هو
ٻيو قصور جو هو هر ڳالهه دل وٽان ڪندڙ هو
ٽيون قصور جو هو جناح جي سوچ وارو پاڪستان چاهي رهيو هو
چوٿون قصور جو ان جنرل ضياعيت جي قانون آڏو اچي رهيو هو
پنجون قصور جو ان حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي
ڇهون قصور جو ان گستاخي رسول جي آڙ ۾ ذاتي دشمني کي استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
ستون قصور جو ان معصوم ٻارن جي ماءُ جي التجاء ٻڌي
اٺون قصور جو ان اقليتن جي ڀر کڻندي پاڪستان ۾ عوام کي حق ڏيارڻ جو گناهه ڪري رهيو هو
نائون قصور جو ان مسلم ليگ ن جي انتهاء پسندي سوچ کي واکو ڪيو
ڏهون قصور جو هن بي آواز کي آواز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي

سلمان تاثير ڪڏهن به ائين نه چيو هو ته گستاخي رسول صه کي معاف ڪيو وڃي پر ان جي ابتڙ هن چيو ته گستاخي رسول صه جي آڙ ۾ معصوم جانين کي قتل نه ڪيو وڃي. ڇا سلمان تاثير جيڪڏهن هي چيو ته ان قصور ڪيو؟
جيڪڏهن رياست موجود آهي ته پوءِ ڪهڙي حيثيت سان قانون هٿ ۾ کنيو ويو؟ اسلام به درس ڏئي رهيو آهي ته هر معاملي جي پهرين جاچ ڪريون ۽ ڏسو ته ڪٿي ڪير بيگناهه ناهي؟ سلمان تاثير به ائين ئي ڪيو. سلمان تاثير جي اصل ڳالهه ٻڌڻ جي بجاءِ ان کي سياسي رنگ ۾ رنڱيو ويو ۽ مسلم ليگ ن پاڻ هيرو پيش ڪري سلمان تاثير کي زيرو پيش ڪري رهي هئي.


سلمان تاثير جي تحفظ ڪرڻ بجاءِ مسلم ليگ ن کي مڄڻ گهرجي ته انهن به مشرف دور جيان پ پ پارٽي جي گورنر کي سيڪيورٽي نه ڏني. گهڻا سوال اٿي رهيا آهن ته پنجاب حڪومت مٿان اکيون بيهن ٿيون. انهن سڀني سوالن کي هڪ پاسي رکي اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته راڻا ثناء الله کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته هو ڪنهن کي مذهبي ۽ غير مذهبي پيش ڪري؟ بي بي سي اردو لکيو آهي ته اسان وٽ گهڻا گهٽ ماڻهو ڄاڻيندا آهن ته پي پي سي 153 اي تحت جيڪڏهن ڪير به نسل پرستي، مذهب ۽ زبان يا جاءِ تي نفرت ڦهلاءِ ٿو ته ان پنج سالن تائين سزا ڏني ويندي.

ڇا اسان جي پياري ملڪ ۾ ان تي عمل ٿيندو؟ ڇا راڻا ثناء الله جهڙن مٿان هي قانون لاڳو ٿيندو؟
سڀ سوال هڪ طرف پر اسان کي ٻڌايو وڃي ملڪ ممتاز قادري کي گلن جا هار ڇا لاءِ پارايا ويا؟
جيڪڏهن سلمان تاثير گناهه ڪيو ته پوءِ پاڪستان جي بياني جناح صاحب به سلمان تاثير سان گڏ بيهي ٿو. ڇو جو سلمان تاثير اهو ڪجهه چيو جيڪو ڪجهه جناح صاحب چيو. پوءِ ڇا ان کي راڻا نثاء الله غير مذهبي ماڻهو چوندو؟


Daily News Analysis Published in Daily Ibrat Newspaper 8th Jan. 2010

No comments:

Post a Comment