Monday, December 27, 2010

Sense of Duty!

ڏاهپ جي ذميواري!!!
وينگس.

تون ڇا به چئين،
۽ ڪئين به سمجهين؟
پر هڪ ڳالهه طئه آهي،
اسان اهم جنگيون ذهنن سان وڙهندا آهيون،
تنهنجي مون تي چيڙ واجب آ،
هي به ته ڏس هٿيارن جي جنگين کان وڌيڪ ڏاهپ جي جنگ بهتر آهي،
جتي انسان رت جي ندي تي نه پر لفظن جي ناوءُ تي سفر ڪري ٿو،
مان جنهن جنگ جي ابتداء ڪئي آهي،
ان ۾ جي مان اڪيلو رهجي به ويس،
تڏهن به خير آهي،
منهنجي انهي سفر ۾ مون کانپوءِ به ايندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا گڏ هوندا،
ڇا پوءِ به تون ائين ئي انڪاري هوندين؟ (هلينا)

دنيا جي هيل تائين تبديلي ۾ هٿن جي محنت سان گڏ ذهني پورهي جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ جيڪي ذهني محنت نه ٿا ڪن انهن جي حيثيت جانورن جي ٽولي کان مٿي ڪجهه ناهي.
آسمان هيٺ جيڪڏهن ڪو اهم جز آهي ته اهو ذهن ئي آهي. جنهن ڪري انسان ۾ ماڻهپو ۽ تهذيب جي خوشبو شامل آهي.
ذهن جو پورهيو گهڻو مشڪل ۽ ڏکايل ڪم آهي پر ان ڪم ۾ هر هڪ پنهنجو حصو ڏيندو اچي پيو، هڪ مشڪل ترين ڪم کي خوبصور سهڻي نموني اڳتي وڌائيندا هلن ٿا.
هلينا جو مٿان نظم مون کي هر وقت ياد ايندو آهي جڏهن جڏهن منهنجي نظر تبديل ٿيندڙ معاشري تي پئي ٿي. اهڙي تبديلي جنهن جي هر رڳ ۾ ڏاهپ ڊوڙي ۽ من ۾ ذهانت جو اکيون هجن. اهڙي ڏاهي معاشري ۾ انسانيت ڪيتري نه پرسڪن سان زندگي گهاريندڙ هوندي! اهو معاشرو ڪڏهن به مصنوعي هٿيارن هٿان مات کائي نه ٿو سگهي. هڪ شاگرد چرچ جي پادريءَ کان سوال ڪندي پڇيو ته فادر! هن دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءِ وجود رکي ٿي جيڪا هر دور ۾ پائيدار هجي. فادر مسڪراهٽ ڏيندي چيو ته تون ٿاليس( 547–546 BC) کي سڄاڻين؟ نوجوان هڪدم جواب ڏيندي چيو ته بلڪل!
فادر ميڙ تي نظر ڦيرائيندي جواب ڏنو ته هن دنيا ۾ نظريا ۽ ذهن جو پورهيو پائيدار آهي جنهن هر دور کي لاڀ ڏنو آهي.
وقت جي وهڪري ۾ اسان لهڙي وڃون ها جي اسان کي ڪناري تي پهچائيندڙ ڏاهپ جي ناوءُ نه هجي ها. هي حقيقت آهي ته آسمان هيٺ ڏاهپ جي ديوي گهڻي خوبصورت آهي، جيڪا هر انسان جي من مان هڪ ڏينهن ديو مالائي ڪردار جيان ٻاهر نڪري زرخيز زمين کي سرسبز ڪري ڇڏي ٿي. ذهني ٻج ڪري پائيدار ترقي ۽ محبت موجود آهي.انسان شعوري ۽ لاشعوري طور تي عشق ڏاهپ سان ڪيو آهي جنهن کي فلسفو چئون ٿا. فلسفي جي عمر ڪيتري آهي؟ فلسفو ايترو پراڻو آهي جيترو هن ڌرتي تي انسان. لفظ فلاسفي (Philosophy ) پنهنجي محور ۾ ئي ڏاهپ سان پيار رکندڙ آهي. هي لفظ فلاسفي يوناني ٻولي سوفيا مان نڪتل ۽ ان جي معنيٰ (love of wisdom )آهي.
ڌرتي تي رهندڙ انسان جڏهن به ڏاهپ سان عشق ڪيو آهي ان پنهنجي الڳ تاريخ جوڙي آهي. عشق هميشه ڊگها ۽ مشڪل سفر ڪرائيندڙ آهي، ائين ئي ڏاهپ جي مسافرن مشڪل پنڌ ۽ زماني جا پٿر پاڻ مٿان برداشت ڪندا رهيا آهن.
ماضي جي محل ۾ جهاتي پائي ڏسو ته اسان کي اهي ئي قومي ڪردار اعليٰ نظر ايندا جن ڏاهپ جي ديوي جي پيروي ڪئي. ٿاليس، سقراط، ارسطو، کان وٺي موجوده دور ٽئگور ۽ ساتر جهڙا ڪردار اسان اڳيان آهن.
انهن سڀني نظريي ڪري ئي انسانيت جي جدوجهد کي نئون اُتساهه ملندو رهي ٿو. يورپ ڪڏهن به ڪاري دور کان ٻاهر نه ڪري سگهي ها جيڪڏهن انهن وٽ Renaissance سجاڳئي جو دور جنم نه وٺي ها. Renaissance يعنيٰ Rebirth of Knowledge يورپ ڏاهپ جو ٻيهر نئو جنم وٺي رهيو هو. انهي دور پنهنجي حصي مان اڳتي هلي ڪري Reformation, & Modern Age جهڙن ٻين دورن کي جنم ڏنو.
جنهن ڪري ئي يورپ انتها پسندي جي ليڪي کان ٻاهر نڪري ڪري سلجهيل دور ۾ شامل ٿي رهيو هو. اتي ئي گليلو، برونو، والٽئر ، ڪانٽ، ڪارل مارڪس، سارتر ۽ Auguste Comte وغيره سڀني فلاسفرن ذهني پورهيو ڪري سماج کي فرسوده کوهه مان ٻاهر ڪڍي ڪري نئين جهان ۾ آڻي بيهاريو. هي سڀ آسان ڪونهه هو جو ان وقت جي ڪارن ديون سان اڪيلا ليکندڙ هٿ مقابلو ڪري سگهن پر انهن پنهنجن خيالن کي عوام جي دلين تائين پهچائين خيالن کي عوام جو روپ ڏنو، انهن پنهنجو جيون دان ڏئي نظرين کي زندهه رکيو .
فلسفي کي جيڪڏهن صحيح نموني کنيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ته دنيا منجهاري جو شڪار ئي نه ٿئي. پر فلسفين جي خلاف ايتري واويلا ڪئي وئي آهي جو فلسفين کي ناڪاره ۽ بيڪار قسم جا ڪردار چئي ڪري اڪثريت کي فلسفي کان الڳ ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته فلسفو علم سان عشق جو ناءُ آهي جيڪو انسان علم سان عشق نه ٿو ڪري، اسان پوءِ ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهون ٿا.
يورپ جي فلسفين جيڪي دور پيدا ڪيا اهي سڀئي ذهني پورهي جي ڪري ئي جنم ورتو هو. ۽ يورپ سنهري دور ۾ قدم به پنهنجن فلسفين ڪري رکيو هو. ڪنهن سچ چيو هو ته Ideas those have changed the World يعنيٰ اهي نظريا جن دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جن ۾ گهڻي اهميت والٽيئر جي فلسفي جي ڪئي ويندي آهي. والٽيئر ان دور جي مذهبي انتهاپسند کي challenge ڪري بيٺو، والٽيئر جي ڏاهپ ديو مالائي جهڙو ڪردار نڀائيندي انتهاپسندن کي ڌوڏي ڇڏيو. ڇا اسان سڀئي والٽيئر کي بيڪار انسان چونداسين؟ ڇا ڪارل مارڪس ۽ آگسٽن ڪومٽ کي به سست انسانن ۾ شامل ڪنداسين؟ يقينن اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون ڇو جو اڄ به اسان نظرين جي گهاگهر مان علم جي اُڃ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان گهاگهر ۾ دنيا جي هر ڏاهي پنهنجي حصو وڌو آهي. فلسفو بيڪار ماڻهن لاءِ ناهي، پر فلسفو انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي خودي کي ختم ڪري ٻين ڪاڻ جيئڻ ڄاڻين ٿا جن وٽ ايندڙ نسل لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۽ دنيا کي جنت ڪرڻ جا خواب هجن.


هتي فلسفي جون شاخن جا نالا ۽ انهن جا ڪم پيش ڪري رهيا آهيون:-
• ميٽافزڪس (Metaphysics ) ان ۾ قدرت جي حقيقت تي فوڪس ڪيل آهي، Mind & Body جي ڳانڊاپئي جي بابت بحث ڪيو ويندو آهي،
• ايپسٽمولاجي (Epistemology ) هن جو ڳانڍاپو قدرت ۽ Knowledge سان آهي.
• اخلاقيات (Ethics ) هن ۾ ماڻهو جي اخلافيات تي بحث ٿيل آهي ته معاشري ۾ ماڻهو جا عمل ڪهڙي اخلاقيات تي ڪم ڪري رهيا آهن،
• سياسي فلسفو (Political Philosophy ) هن رياست ۽ انهي جو واسطو گروهه ۽ ذاتيIndividual سطح تي جن ۾ انصاف، دولت، حق ۽ ذميوارن کي کنيو ويو آهي،
• Aesthetics هن ۾ خوبصورتي، آرٽ، خوشي، جذبات ۽ ذاتي خيالن کي فوڪس ڪري پيو.
• Logic هن ۾ صحيح ۽ درست راين Argumentکي فوڪس ڪيو ويو آهي،
• Philosophy of Mind هن ۾ دماغ ۽ ان جو واسطو جسم Body سان آهي، ان ۾ Dualism ۽ Materialism تي بحث ٿيل آهي،
• Philosophy of language ان ۾ ٻولي جي اهميت ۽ تاريخ تي فوڪس ڪيل آهي،
• Philosophy of religion ان ۾ مذهب تي فوڪس ڪيل آهي.

جيڪڏهن فلسفي جي مٿان هر شاخ ۾ بهترين ڪم ڪريون ته ڇا اسان مجهيل دور کي نيئن دور ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهون؟.
اڄڪلهه دنيا ۽ خاص طور تي پنهنجي رياست مشڪلاتن جو شڪار انهي ڪري آهي جو اسان کي اصل کان الڳ رکيو ويو آهي ۽ اسان اڄ تائين رٽيل پيٽل شين تي هلندا رهون ٿا.
افسوس! اسان کي تصوف ۾ به محدود حدن ۾ رکندي نئين شيءِ ڪرڻ جا اختيار کسيا پيا وڃن، ڇا شهيد مخدوم بلاول کان مٿي انهن کي تصوف اچي ٿو؟ اسان جي آڏو ليڪا پائي ٻڌايو پيو وڃي ته تصوف ۽ فلسفي جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن. محدود حدن ۾ نظريا جنم ناهن وٺندا پر هڪ ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ لالي پاپ جوڙي سگهن ٿا.
فلسفو ته دراصل Sense of Duty يعنيٰ ڏاهپ جي ذميواري آهي. اسان ڏاهپ جي ذميواري ڪيئن ادا ڪري رهيا آهيون؟
اسان کي پاڻ کان هي سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا فلسفو صرف چانهه پيئندي رٽيل خيالن تي بيحث ڪري ذهين پيش ڪرڻ آهي. يا وري ان کان اڳتي به ڪا ذميواري آهي؟ اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان ڏاهپ جي ذميواري کي درست نموني استعمال نه ڪري سگهيا آهيون، اسان ذهني پورهيو به ٻين جي ڪيل پورهي تي بس هٿڙا گهمائي ڪري کيٽ کٽي رهيا آهيون، ان ۾ معاشري کي لاڀ ملي نه سگهيو آهي.
فلاسفر ڪانٽ چواڻي ته I think therefore I am يعنيٰ مان آهيان جنهن ڪري سوچان پيو. اسان وٽ ڏاهپ جو چرغو ابتو آهي ته We think therefore others’ Ideas اسان سوچون ٿا ڇاڪاڻ جو ٻين جا نظريا آهن.


هتي هي لکڻ مطلب بلڪل ناهي ته ٻين فلسفين کي اهميت نه ڏئجي پر اسان کي هاڻي پنهنجي ذهني پورهي مان به ڪجهه پيدا ڪندي ڪا نئين شيءِ ڏيڻ گهرجي، اسان نئين شيءِ تڏهن ڏئي سگهون ٿا جڏهن اسان ڏاهپ جي ذميواري سان نڀاءُ ڪري سگهون.
جن قومون ڏاهپ جي ذميواري سان نڀاءُ ڪيو انهن سڄي دنيا کي پنهنجن نظرين سان ڌوڏائي ڇڏيو ۽ مستقبل کي نئون ڏاهپ جو جهولو ڏنو آهي.
ڏاهپ جي ذميواري کڻڻ ايتري آسان ناهي!!! ان ۾ اندر کي چيري ٻاهر رکڻو پوي ٿو ۽ هي ڪم صرف بهادر ڪردار سرانجام ڏئي سگهن ٿا.
سوال تي هي آهي ته ڇا اسان ڏاهپ جي ذميواري سان ڪٿي ڪنهن جاءِ تي نڀاءُ ڪيو آهي؟

Published in Daily Ibrat newspaper

No comments:

Post a Comment