Tuesday, December 28, 2010

Education for All!

هڪ ڏينهن جو روزو!

وينگس.


اسان لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا اهم شيون ناهن ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهم ۽ بنيادي شيون ٿيڻ لڳن ته سڄو معاملو ئي حل ٿي وڃي ۽ مسئلن جي گنديءَ ۾ معصوم عوام منجهيل نه رهي. مٿان وارا اهو ئي نه چاهي رهيا آهن ته عوام جي زندگيءَ کي اهم ۽ بنيادي شيون ڏئي اهي پنهنجي لاءِ ڏچا پيدا ڪن.
عوام ساده لوح ٿي سگهي ٿي پر عوام جي حقن تي حڪمراني ڪندڙ ساده لوح بلڪل ناهن، اهي وڏا شاطر ۽ چالاڪ لومڙيءَ جيان ڦيرندڙ آهن. هڪ هنڌ لکيل هو ته هڪ بادشاهه پنهنجي وزير کان پڇيو ته قوم کي غلام ڪيئن ٿو رکي سگهجي؟ ۽ قوم غلام رهندي به محسوس نه ڪري سگهي ته اها غلام آهي. وزير سڪون سان جواب ڏنو ته انهن جي ذهنن کي غلام بڻائي ڇڏيو. بادشاهه ٻيهر سوال ڪندي پڇيو ته ڇا مطلب آهي؟

وزير کلندي چيو ته بادشاهه سلامت جنهن قوم وٽ ذهن يعنيٰ سوچڻ جي سگهه ئي نه هوندي اهي پنهنجين بربادين جو ذميوار ٻئي ڪنهن ئي ڪيئن ٿا بڻائي سگهن؟ ۽ سوچندڙ ذهنن کان مفلوج ذهن ئي آساني سان غلام ٿي سگهن ٿا، اهي ڍڳي جيان کوهه جي چوءگرد چڪر سوء ڀيرا هڻي سگهن ٿا بينا هڪ سوال ڪرڻ جي.
بادشاهه وزير کان وري سوال ڪري ٿو ته پوءِ ذهنن کي غلام ڪيئن ڪجي؟ وزير عرض ڪندي چيو ته بس انهن جي ذهنن کان تعليم جي خوراڪ کسي ڇڏو.
جيڪڏهن اسان مٿان ڳالهه کي پنهنجي سماج ۾ لاڳو ڪريون ته اها سان تي ٺهڪي اچي ٿي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ يونيورسٽي جهڙو اداري مان پڙهندڙ شاگردن ون يونٽ جي خلاف منهن توڙ جواب ڏنو، انهن سنڌ جي هر ناجائز قدم تي آواز اٿاريندي ان وقت جي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو پئي.
اهو سڀ ڪجهه انڪري ڪونهه هو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪي ملهه وڙهندڙ شاگرد هئا انهي ڪري هو جو ان دور ۾ سنڌ يوينورسٽي وٽ واقعي ۾ به شاگرد هيا. هاڻي سنڌ يونيورسٽي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسي ان کي اندازو ٿي ويندو ته اهي ڪٿي بيٺل هئا ۽ هينئر ڪٿي بيٺل آهن؟
سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ ان وقت لڳي ٿو جڏهن جنرل ضياء جهڙو راڪاس پاڪستان جي اقتدار ۾ منهن ڪڍي سڄي سسٽم کي ناڪاره ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنرل ضياء سنڌ جي تعليم کي برباد ڪيو، جنهن جا اثر اڄ تائين موجود آهن، ڇاڪاڻ جو جڏهن ادارا پنهنجي اندر مافياازم پيدا ڪري ويهن ته پوءِ اهي ادارا نه پر مافيا جيان زهر هارڻ لڳن ٿا، انهن جي سڄي بدن ۾ زهر ۽ بوگس سسٽم جو راڄ هوندو آهي.


ائين ئي سنڌ جي تعليم بدن کي به مافيائن وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ مشڪل آهي. اسان جيڪڏهن هڪ پاسي تي هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ٻيا پاسي وارا مافيا گروهه اُٿي کڙا ٿين ٿا ۽ مرلي وڄائي انساني حقن جي تذليل ڳائڻ شروع پيا ڪن.
هڪ اهڙي مافيا دلدل مان نڪرڻ آسان ڪانهي، حقيقت آهي ته مٿان وارا به چاهن ٿا هي تعليم جي سگهه بغير رهن. پردي پٺيان وارن جيڪا ڪاري راند رچي آهي، ان ۾ شڪ ناهي ته اسان به برابر جا شريڪ آهيون، اسان انهن کي دڳ ڏنا آهن ته اچو اسان کي برباد ڪريون.
گناهه جو ليڪو جيڪڏهن انهن ڪڍيو آهي ته ان ليڪي جي اندر داخل پاڻ به ٿيا آهيون، جيڪڏهن انهن اسان کي گهاوَ هنيا آهن ته انهن گهاون کي ناسور اسان پاڻ به ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن انهن اسان کي ناڪارا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان پاڻ کي بيڪار ڪرڻ جي پاڻ به ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اهي گناهگار آهن ته انهن جي گناهه ۾ اسان پاڻ به شامل آهيون.
اسان پنهنجن غلطين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، پر اسان ڪيستائين سچ کان منهن موڙي ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري ويهنداسين، هڪ ڏينهن اسان جا ٻچا ڦٽيل ٿهيلو کڻي اسان کان سوال ضرور ڪندا ته اسڪول بند ڇو آهي؟
جڏهن اسان سڀئي ڄاڻيون ٿا ته چوءطرف کان ڳجهيون ويٺل آهن جيڪي لامارا ڏئي ڪري سنڌ جي ماس کائي رهيون آهن، سڀ سمجهندي به اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟
سنڌ جي لاءِ پهرين قدم تي تعليم جي ضرورت ائين آهي جيئن زندگي کي پاڻيءَ جي ضرورت آهي. تعليم جي سگهه بينا سنڌ موجوده دور ۾ ٻه قدم به کڻي نه ٿي سگهي؟ اسان کي محسوس ڪرڻو پوندو ته اسان تعليم جي بنيادي ضرورت کي لٻاڙ تائين نه پر عملي قدم کڻي ڪري پورو ڪريون.
مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي 2004 ۾ مان جيڪب آباد جي هڪ ڳوٺ ۾ وئي هوس مون کي اتان جي تعليم حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪرڻي هئي، مان ان معصوم ٻارڙي کي نه ٿئي وساري سگهان، هينئر به اهو منهنجين اکين آڏو بيٺل آهي، اهو نينگر 12 سالن جو هو، جنهن کان مون سوال ڪندي پڇيو ته تون اسڪول ڇو نه ٿو وڃين، ان معصوميت سان جواب ڏيندي چيو ته منهنجو بابا گذاري ويو آهي، ۽ مان ئي گهر ۾ آهيان جيڪو گڏهه گاڏو هلائي گهر جو خرچ هليا ٿو، اهو سڀ ڪجهه ڳالهائيندي ان جون اکيون ڀرجي آيون، پر جيئن ئي ان پنهنجي ماءُ کي ايندي ڏٺو جهٽ ۾ اکيون پنهنجن مرن هٿن سان صاف ڪندي لڪڻ سان گڏهه سان کيڏڻ لڳو. ان جي ماءُ اچڻ سان چيو ته ادي ڪهڙو وري اسڪول مار پوندي ماسترن تي جيڪي اسڪول اچن ڪونهه. مان ان کان سوال ڪندي پڇيو ته توهان ٻڌايو آخر توهان پنهنجي نينگر کي اسڪول ڇو نه پيا موڪليو؟ ان جهٽ گهڙيءَ لاءِ خاموش اختيار ڪرڻ کانپوءِ چيو ته ادي توهان شهر جيون آهيون، اسان غريب مسڪين آهيون، جيڪڏهن هي ڇورو 20 يا 30 رپيا نه ڪمائي اچي ته گهر ڪيئن هلندو؟ ڪنهن ماءُ جو جگر چوندو ته ان جو ٻچو پيرن اگهاڙي، ميرن ڪپڙن سان گڏهه گاڏو هلائي؟ ادي اسان جا سور بس اسان تائين آهن. اسڪول ويو ته ماني ٽڪر ڪٿان کائينداسين؟


مان ان کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس، ان وقت مون کي سماج جي انساني حقن ادارن، امير طبقي ۽ سماج سڌارڪ پڻ پنهنجي لکڻ تي چيڙ اچڻ لڳي ته اسان ڪري ڇا رهيا آهيون؟ جيڪڏهن 30 روپين کي مهيني سان جوڙيون ته 900 رپيا ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪير به امير يا شهر جا سگهارا ماڻهو گڏجي ڪري 900 سوء ڏين ها ته ان جو پٽ پڙهي سگهي پيو. پر اسان ائين نڪري سگهياسين، اسان جا 900 سوء رپيا ڪي ايف سي ۽ برگر تي ٻاهر نڪري سگهن ٿا پر هڪ ٻچي کي پڙهائڻ لاءِ اسان جا کيسا خالي ٿي وڃن ٿا.
اسان ڪيترا نه پتڪڙا ماڻهو آهيون. جن کان خصيص ڪم نه ٿا ٿي سگهن.
ٻئي پاسي حڪومتون آهن جيڪي هر دور ۾ اچي ڪري تعليم بهتر ڪرڻ جي هام هڻين ٿيون، پر عملي قدم ڪجهه ٻيا نظر اچن ٿا، ڀل تعليم جو وزير گهوڙي تي چڙهي ڪري بوگس نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊوڙيون پائي پر وقتي طور تي ان جا دورا اخبارن جي ذينت ضرور ٿيندا، ان کان پوءِ ڪنهن کي ڪجهه ياد نه هوندو، بس ان ڳوٺ جي ٻار کي وزير جو طوفاني دور ياد هوندو، جنهن ڏينهن تي اسڪول صاف سٿرو ۽ ماستر الاءِ ڪٿان کان نڪري آيا هوندا، جن کي ٻارن کي ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو، خير ماسترن جا چهرا عيد جي چنڊ جيان ڏسي ٻار به گهڻا خوش ٿيندي، شايد پوجا ڀٽ جي فلمي گاني کي ڦيرائي ڳائين ته تم آئي تو آيا مجهي ياد اسڪول مين آج چاند نڪلا!
سنڌ حڪومت جو داوائون وڏيون آهن، اسان سنڌ حڪومت کان ڪجهه به نه ٿا گهرون پر سنڌ حڪومت کي بس ايترو چونداسين ته توهان کي عملي قدم کڻڻ گهرجن. ٻوڏ کان پوءِ تعليم نظام ڌرم ڀرم ٿي چڪو آهي، ان کي ٻيهر آباد ڪرڻ ائين آهي ڄڻ نئين دنيا جوڙڻ ۽ نئين جهان کي جوڙڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي. هتي اسان سنڌ حڪومت طرفان ڪيل سروي رکنداسين ته سنڌ حڪومت انگن اکرن ۾ تعليم جي بهتري ڏيکاري آهي جيڪا ڪجهه هن ريت آهي:
Primary School Enrollment-
Boys. 1,970,777
Girls. 1,314,441
Total Enrollment 3,285,218
No of Secondary Schools (Including Middle)
Boys Schools 2,069
Girls Schools 1,298
Co-Education Schools 979
Total No of Schools 4,346
Enrollment in Secondary Schools (Class: VI-X)
No of Boys Students 459,415
No of Girls Students 317,764
Total No of Students 777179
Source: Sindh Government Education Department.


جيڪڏهن مٿان انگن اکرن کي ڏسجي ته دل خوش ٿيندي چوي ته هل ميان اڌ سنڌ کي بهترين تعليم مهياء ٿي رهي آهي. پر ڇا واقعي ۾ ائين آهي؟ جيڪو ڪجهه انگن اکرن ۾ ڏسجي ٿو ڇا سڀ ڪجهه ائين ئي آهي؟ يقينن سنڌ ۾ رهندڙ رهاڪن کي ان جي ڄاڻ آهي ته جيڪو ڪجهه پردي تي ڏيکاريو وڃي ٿو اهو ائين ڪونهي، تصوير جو اصل روپ پردي جي پٺيان آهي. ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي حالت وڃي ڪٿي بيٺي آهي؟ اتي تعليم جو معيار ڪٿي بيٺل آهي؟ جن جا گهر برباد ٿيا هجن جن جا سهارا هٿ ڇڏائي هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويا هجن. انهن جي گهرن جا نينگر ۽ نينگريون هڪ ڀيرو ٻيهر گهر جي چلهه کي هلائڻ لاءِ روزگار ڪندا هوندا. هڪ شهداد ڪوٽ جو نينگر ڪراچي جي روڊن تي ناريل ويڪرو ڪري رهيو آهي ان ڪري ته جيئن ڪجهه پيئسه جوڙي ڳوٺ واپس وڃي سگهي، اهو نينگر ڇهين ڪلاس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، پر هاڻي ان روزگار ڏانهن منهن ڪيو آهي، ڇو جو ٻوڏ ڪري ان جو گهر برباد ٿي ويو آهي. ائين گهڻا ئي مثال هوندا جيڪي اسان جي اڳيان اچي نه سگهيا آهن.
اهڙي ماحول ۾ سنڌ حڪومت جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ ڇا سنڌ حڪومت ٻوڏ وارن علائقن ۾ تعليمي ڪئمپون جوڙي اتان جي ٻارن کي تعيلم ڏئي رهي آهي؟
سنڌ حڪومت کي گذريل انگن اکرن کي هاڻي الڳ هڪ پاسي رکي نئين ڊيٽا گڏ ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جي اهي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ نئون ساهه وجهڻ چاهين ٿا ته سخت قدم کڻڻا پوندا، شايد انهن کي گهڻن ماڻهن کي ناراض به ڪرڻو پوي، پر هي سٽ لکندي مان سوچي رهي آهيان ته ڇا سنڌ حڪومت اهڙو وڏو رسڪ کڻي سگهندي؟ سنڌ حڪومت جي قبيلي ۾ ڪو اهڙو باغي ڪردار آهي جيڪو ائين ڪجهه ڪري سگهي؟
هڪ اهڙو سوال جيڪو جواب طلب آهي. ان جي باوجود به اسان سنڌ حڪومت جي مانَ ۾ ڪجهه تجويزون پيش ڪنداسين ته اهي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪن؟
1 : سنڌ حڪومت کي درست ڊيٽا گڏ ڪرڻ گهرجي،
2: استادن جي اسڪول ۾ موجودگي کي يقيني بنائڻ گهرجي،
3: اسڪولن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ گهرجي،
4: نصاب کي دلچسپ ۽ آسان بنائڻ گهرجي، جيڪي نصاب ۾ غلطيون آيون آهن انهن کي درست ڪرڻ گهرجي،
5: مفت ڪتابن جي ورهاست کي يقيني بنائڻ گهرجي،
6: ٻارن ڪمپيوٽر جي تعليم مهيا ڪرڻ سان گڏ هر اسڪول ۾ لائيبرري ۾ هجڻ گهرجي،
7: غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ گهرجي، پر ان اسڪالرشپ ۾ گهوٻيون نه هڻڻ لاءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻ گهرجي،
8: استادن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ گهرجي،
9: استادن جي تنظيمين تي قانون لاڳو ڪندي انهن کي بهتر تنظيم بنائڻ گهرجي، نه ڪي انهن کي احتجاجن لاءِ موقعا ڏيڻ گهرجي.
10 : ڪراچي ۾ يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلائن کي يقيني بنائڻ گهرجي.


جيڪڏهن سنڌ حڪومت پهرين قدم تي مٿان قدم کڻندي ايمانداري سان عمل ڪري ٿي ته پوءِ سنڌ جي تعليم بهتري ڏانهن وڌي سگهي ٿي.

ان سڀني کان اهم ڪم خود استادن جي تنظيمين تي اچي ٿو ته اهي پاڻ کي به ڏسن ته انهن ڪيترين ڳوٺن ۾ اسڪول پابندي سان کوليندي ٻارن جي تعليم کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇا ڪڏهن استادن جون تنظيمون ڪڏهن روڊن تي ان ڪري آيون آهن ته شاگردن کي سهولتون ۽ اسڪول ڪٿي ڪٿي بند آهن؟
استاد تنظيم پاڻ ڏانهن نهاري ڏسن ته انهن ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو آهي؟
سنڌ جي پارٽين مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي ته انهن سنڌ جي تعليم لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ان لاءِ اڄ تائين ڪهڙي پارٽيءَ نوٽس ڪرائيندي چيو ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڪيترا اسڪول ختم ٿي چڪا آهن، وطن ڪارڊ لاءِ هر هڪ احتجاج ڪري رهيو آهي، پر ڇا ڪنهن پارٽيءَ رضاڪار طور تي اسڪول کولي ٻارن کي پڙهايو آهي؟ ان مان محسوس ٿئي ٿو ته اسان ڪيترا سنجيده مزاج رکندڙ آهيون؟
جڏهن گهر ۾ ٻچا بيمار هوندا آهن ته ان جو علاج گهر جا ڀاتي ڪندا آهن ڪي ٻاهر وارا ناهن ڪندا. ان لاءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجن ٻچن کي زندگي ڏيڻ لاءِ جنم ئي نه پر تعليم جي سگهه ڏيڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي، ٻين تي ڀاڙي رکيوسين ته پوءِ پنهنجا ٻيڙا پار آهن! ۽ هينئر تائين اسان ڏسي چڪا آهيون ته اسان جا ٻيڙا ڪيترا ۽ ڪيستائين پار ٿي چڪا آهن. حشر هي آهي جو اسان جا ٻچا پنهنجن شهرن ۾ داخلائون نه ٿا وٺي سگهن.
سنڌ جي عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟


1 : پنهنجي علائقائي سطح تي ڪميٽي جوڙي اسڪولن کي کولڻ لاءِ پابند ڪرڻ گهرجي،
2: ڪنهن پڙهيل لکيل نوجوان تي ذميواري عائد ڪرڻ گهرجي جيئن اهو ٻارن کي مفت ٽوشن ڏيندي تعليم ڏئي سگهي،
3 : استادن جي غير حاضري ۽ پڙهائي جي حوالي سان مهيني جي ميٽنگ ڪرائڻ گهرجي،
4 : اخبارن ۽ حڪومت کي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي ته انهن جي علائقي ۾ تعليم جي حوالي سان ڇا پيو ٿئي؟
5: شهر جي ڊي او اسان رابطو رکڻ گهرجي ته جيئن هو اسڪولن جا دورا ڪري اسڪول جي نظام کي بهتر ڪري سگهي،
6 : غريب ٻارن کي مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ علائقي جي ڪميٽي کي گڏجي ڪا راهه ڪڍڻ گهرجي،
7: تعصبپرستي تي ٻڌل تعليم نظام لاءِ سنڌ جي والدين کي لانگ مارچ ڪندي سنڌ حڪومت تي زور وجهڻ گهرجي ته اهي ڪراچي ۾ موجود تعصبپرسرتي واري نظام کي ختم ڪن،


ڇا سنڌ جو عوام پنهنجن ٻچن لاءِ ايترو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي؟ جيڪي والدين پنهنجن ٻچن لاءِ ايترو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، پوءِ انهن جي ٻچن کي ڪير بهتري تعليم ڏئي سگهندو.
سنڌ جي بهتر تعليم لاءِ سڄي سنڌ کي هڪ ڏينهن جو هر مهيني روزو رکڻ گهرجي ته اهي 100 روپيه پنهنجن علائقن ۾ جمح ڪرائي غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ گڏ ٿي سگهن، جيڪڏهن غريب مسڪين جو گهر هر روز 100 روپين تي هلي ٿو ته ان گهر جي مهيني ۾ 3000 هزار رپيه گهرجي ۽ جي اسان 600 سوء نوجوانن کي پڙهايون ته اسان کي 1800000رپيا گهرجن. ڇا سنڌ هڪ ڏينهن جو روزو نه ٿي رکي ته جيئن اسان جا ٻچا روزگار ۾ سگهه وڄائڻ جي بدران تعليم ڏانهن پنڌ ڪن.
هي سوال سنڌ کي سوچڻ گهرجي ته اهي پاڻ ڪجهه ڪندا يا انهن مان اميد رکندا جن جي من ۾ سنڌ کي تعليم جي تباهي ڏيڻ آهي. ڳالهه صرف هڪ ڏينهن جي روزي رکڻ جي آهي.

Published in Daily Ibrat

No comments:

Post a Comment