Wednesday, December 29, 2010

After 27th december 2010

27 ڊسمبر کانپوءِ

وينگس

27 ڊسمبر کانپوءِ هر هڪ شيءِ پنهنجي رفتار سان هلي رهي آهي. وقت ڊوڙي رهيو، ايتري تيز رفتار سان ڊوڙي رهيو آهي جنهن ۾ اسان جا ڏک ۽ سور اڄ به اتي ئي بيٺل آهن.

مان هينئر به محسوس ڪري رهي آهيان ته اسلام آباد ۾ ويٺل آهيان ۽ پنڪي ڀٽو پنڊيءَ جي جلسي ۾ خطاب ڪري رهي آهي. سچ هي آهي ته مان پنهنجن خيالن کي سچائي کان پري وٺي وڃي رهي آهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجو اندر اڄ به 2007 ع جي 27 ڊسمبر واري شام کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مان ڪيئن قبول ڪيان؟ ۽ سچ جو شهزادو مون کي زور سان چئي رهيو آهي ته هوءَ هاڻي ماضي جو حصو ٿي چڪي آهي.

۽ مان ٽن سالن جي جدائي کان پوءِ به هي سڀ ڪجهه قبول ڪرڻ لاءِ راضي ناهيان. پنڪي کانپوءِ اڄ هر شيءِ بيسوادي آهي. هن جي وڃڻ کان پوءِ پ پ کي هيوي مينڊيٽ مليو آهي. جتي ڪٿي مشرف جي جاءِ تي ووٽ واري حڪومت آهي، پر انهن ۾ سواد ناهي، هر هڪ شيءِ بيسوادي آهي، ۽ جڏهن شيون بيسوادي ٿي وڃن ته اهي ڪڏهن خوشي نه ٿيون ڏئي سگهن.

هُو اڄ به اسان تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، انهن جي پيش قدمي کي اسان جا رت سان ڀريل پير به خاموش ناهن ڪري سگهيا. انهن جي دل تي چرٻي چڙهيل آهي، انهن اسان سان هر ويل قهر ڪيو آهي، پوءِ به اسان انهن جي هر گهاوَ تي خاموشي اختيار ڪري صبر جو ڍڪ پيتو آهي، انهن جن جي اکين ۾ رت ڀريل هو. اڄ به اهي اکيون ساڳيون آهن.

27 ڊسمبر جي شام گذري وئي. جڏهن اي آر واءِ چئنل شهيد پنڪي جي ياد ۾ جهلڪيون ڏيکاريندي شهيد پنڪي ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي ڏيکاريو، هڪ پيڙاءَ سان ڀريل سين اکين جي آڏو گذري ويو، جنهن ۾ شهيد پنڪي هيٺ ويٺل هئي، ۽ بيگم نصرت ڀٽو اٿي بيٺي هئي، ان دوارن ٻنهي جا چهرا شهيد مير جي قبر ڏانهن هيا ۽ شهيد پنڪي پنهنجي ماءُ جي هٿن ۾ هٿ ڏئي زور سان روئي رهيون هيون. ها هي اهڙو منظر هو جنهن کي جن اکين ڏٺو هوندو انهن تي اها گهڙي ڇپ جيان ڪري هوندي، ائين جيئن مون محسوس ڪيو، دل کي ڪيترو نه زور سان سَٽَ آئي هئي.

۽ ڪير چئي سگهي ٿو ته شهيد پنڪي اخلاقي طور تي به شهيد مير ڪيس ۾ ملوث ٿي سگهي پئي؟ جن اکين ماءُ ۽ ڌيءَ کي روئيندي ڏٺو اهي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيون ٿي سگهن ته شهيد پنڪي ڪٿي به شهيد مير جي ڪيس ۾ ملوث آهي. ان کي زندگيءَ جي هر موڙ تي بيوفائي ملي، جي وفا ملي ته ان کي صرف عوام کان ملي رهي آهي، عوام جي لاڏلي ضدي پنڪي انهن کي تنها ڇڏي وئي.

27 ڊسمبر به گذري ويو، پردي پٺيان ويٺل پنهنجن ماڻهن جي ذريعي شهيد پنڪي جي قاتلن جي ڳولا لاءِ مرلي وڄائيندي اسان کي پنهنجي همدردي ڏيکاري رهيا آهن. اسان جن کي خبر آهي ته شهيد پنڪي جا قاتل ڪهڙا آهن؟

ڇا هن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ اجازت ڏيندي ته مشرف کي ملڪ آڻي جيل ۾ وڌو وڃي؟ ٽي وي چئنل اهو سوال ڇو نه ٿا اٿارين؟ عوام رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته قاتل ڪير آهي؟ پوءِ ڇو نه ٿا ميڊيا وارا چون ته مشرف کي گهرايو وڃي؟ اهي سلجهيل معاملي کي الجهائين ڇو پيا؟

عوام جسم تي گهاوَ نه کاڌا آهن هن عوام دل ۾ گهاوَ کاڌا آهن، ۽ جن دل تي زخم جهليا هجن اهي ڄاڻي سگهن ٿا ته زخم ڏيندڙ هٿ ڪهڙا آهن؟

اسان 27 ڊسمبر جي شام کي نه ٿا وساري سگهون. ۽ هن ڀيري واري شام هڪ ڀيرو ٻيهر زخم ڏئي وئي، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد پنڪي جو منظر ڪير به وساري نه ٿو سگهي!

اسان جي پيڙائن جو حساب ڪتاب ڪڏهن ٿيندو؟ ڇا اهو ٿيڻو به آهي؟

جڏهن اصل خوني اکيون اڄ به مزا ماڻي رهيون آهن. انهن جي من ۾ ڪٿي به ندامت ناهي، انهن ڪڏهن به پنهنجن گناهن جا اقرار نه ڪيا آهن، پر اهي ڪنڌ مٿي ڪري فخر سان هلي رهيا آهن.

۽ اسان مسڪين عوام ڏانهن منهن ڪري اکيون ٽيڏيون ڪندي چيو پيو وڃي ته توهان پنهنجن گناهن جا پاڻ ئي ذميوار آهيو، توهان وڏا ڏوهي، غلام ۽ جاهل آهيون. اهي بلڪل درست ئي آهن، انهن ڪڏهن غلط چيو آهي ڀلا؟ اسان غلام آهيون ڇاڪاڻ جو اسان انهن جي ڏاڍ تي خاموش اختيار ڪري وڃي غلامن جي قطار ۾ بيٺاسين، اسان ڏوهي ئي آهيون ڇو جو اسان انهن جي گناهه تي منهن تي مان سجائي ويهي رهياسين. اسان جاهل ئي هياسين جو اسان ووٽ جي قطار ۾ بيهي ڪري هڪ ڀيري ٻيهر جڪڙيل مخصوص طاقت جي محور کي وٿي ڏنيسين ته توهان پنهنجي راهه جوڙي ٻيهر آرام سان هليا وڃو! اسان پنڪي جي جدائي تي اقرار ڪريون ٿا ته ها! اسان اهي سڀ ڪجهه آهيون جيڪو ڪجهه توهان اسان کي چيو آهي.


يتيمي جي غم کي ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟ جيڪي زندگي جي راهن تي اڪيلا هجن، ۽ ناانصافي جا پٿر تنها مسافرن مٿان هنيا وڃن، انهن کي پيڙاءَ جي درد جي ڄاڻ آهي ته هن درد جي راهه ڪهڙي رستي ڏانهن پئي وڃي؟

ڊسمبر جو مهينو هميشه لاءِ اداسي ۽ سوڳ وارو مهينو رهجي ويو آهي، اسان ڪيترو به چاهيون هن مهيني تي مسڪراهٽ آڻي خوشي کي ڀليڪار ڪيون پر اسان ڄاڻون ٿا ته اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. ڪيئن خوشين کي ماتمي گهر ۾ اچڻ ڏيون جتي هڪ نه ختم ٿيندڙ غم اچي بسيرو ڪيو آهي.

اسان کي مڃڻو پوندو ته هوءَ هاڻي هڪ ماضي جو قصو ٿي چڪي آهي، هوءَ جنهن جي زندگي بيرحم لهرن مان گذرندي رهي. شهيد پنڪيءَ ڪهڙو الزام برداشت نه ڪيو هو؟ پيءُ جي ڪيس کان وٺي ڀاءُ جي قتل تائين جا الزام ان مٿان ايندا رهيا، اهڙو پاسو نه بچيو هو / آهي جنهن شهيد پنڪي تي پنهنجي حصي جا پٿر کڻي نه هنيا هجن. هر هڪ وسان نه گهٽايو. ڪنهن سچ چيو ته تاريخ جا ڪردار هلڪڙن ماڻهن کان برداشت نه ٿيندا آهن اهي پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي رستن تي بند ڏيڻ ۽ پٿر هڻڻ کان رهي نه سگهندا آهن.

ان کي ڄاڻ هئي ته هوءَ نه رهندي، ان کي سڀ ڪجهه خبر هئي ته مان انهن جي سياسي ٺڳبازي واري چال ۾ جڪڙجي چڪي آهيان، هاڻي اهي آخري وار ۾ ويٺل آهن، موت سان مهاڏو اٽڪائڻ وارا ڪردار ڪڏهن به بزدل ناهن ٿيندا. پوءِ ڪيئن هوءَ بزدل ٿي ڪري هارائيندڙن جي ڪئمپ ڏانهن واپس وڃي ها؟ سنڌي سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿو پر سنڌي ڪڏهن به ڀاڙي ٿي ڪري جنگ جي ميدان مان ڀڄي نه ٿو سگهي.

پوءِ هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن پئي ڪري سگهي؟ جنهن کي اها خبر هجي ته زندگي ڪچي گهڙي جيان آهي، ۽ هڪ ڏينهن هي گهڙو لهرن ۾ لڙهي وڃڻو آهي، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃڻو آهي، هن اهڙي راهه جي چونڊ ڪئي جنهن راهه کي ڪا به لهر لوڙهي نه ٿي سگهي ۽ جلادي هٿ ڊاهي نه ٿا سگهن، ان موت کي مات ڏني ۽ تاريخ جي سيني تي زندگي جي گهڙي کي پنهنجي رت سان ڀري امر ڪري هلي وئي.

هوءَ ڪيتري نه بيچين هئي، ان اسان جي نه ٻڌي، هوءَ نه اچي ها. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي حصي ۾ سياسي يتيمي ته نه اچي ها. شهيد پنڪيءَ جي جدائيء اسان جي حصي ۾ سياسي يتيمي ڏني آهي، هاڻي عوام اڪيلو بيٺل آهي ۽ نهاري رهيو آهي ته ڪڏهن ٿا عوام جي نبض کي سمجهندڙ سياسي هيرا اچن، اڄ سياسي صحرا ۾ ڪٿي ڪجهه به ناهي، هڪ نه کٽندڙ تنهائي ۽ ناانصافين جو طوفان آهي.

ٽن سالن جي جدائي کان پوءِ به اسان اڄ اتي ئي بيٺل آهيون جتان شهيد پنڪي اسان کي ڇڏيو هو. بس هاڻي هوءَ ناهي رهي پر اکين ۾ اداسي ۽ غم موجود آهي.



Published in Daily Ibart 29 december 2010

No comments:

Post a Comment