Wednesday, December 29, 2010

After 27th december 2010

27 ڊسمبر کانپوءِ

وينگس

27 ڊسمبر کانپوءِ هر هڪ شيءِ پنهنجي رفتار سان هلي رهي آهي. وقت ڊوڙي رهيو، ايتري تيز رفتار سان ڊوڙي رهيو آهي جنهن ۾ اسان جا ڏک ۽ سور اڄ به اتي ئي بيٺل آهن.

مان هينئر به محسوس ڪري رهي آهيان ته اسلام آباد ۾ ويٺل آهيان ۽ پنڪي ڀٽو پنڊيءَ جي جلسي ۾ خطاب ڪري رهي آهي. سچ هي آهي ته مان پنهنجن خيالن کي سچائي کان پري وٺي وڃي رهي آهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجو اندر اڄ به 2007 ع جي 27 ڊسمبر واري شام کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مان ڪيئن قبول ڪيان؟ ۽ سچ جو شهزادو مون کي زور سان چئي رهيو آهي ته هوءَ هاڻي ماضي جو حصو ٿي چڪي آهي.

۽ مان ٽن سالن جي جدائي کان پوءِ به هي سڀ ڪجهه قبول ڪرڻ لاءِ راضي ناهيان. پنڪي کانپوءِ اڄ هر شيءِ بيسوادي آهي. هن جي وڃڻ کان پوءِ پ پ کي هيوي مينڊيٽ مليو آهي. جتي ڪٿي مشرف جي جاءِ تي ووٽ واري حڪومت آهي، پر انهن ۾ سواد ناهي، هر هڪ شيءِ بيسوادي آهي، ۽ جڏهن شيون بيسوادي ٿي وڃن ته اهي ڪڏهن خوشي نه ٿيون ڏئي سگهن.

هُو اڄ به اسان تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، انهن جي پيش قدمي کي اسان جا رت سان ڀريل پير به خاموش ناهن ڪري سگهيا. انهن جي دل تي چرٻي چڙهيل آهي، انهن اسان سان هر ويل قهر ڪيو آهي، پوءِ به اسان انهن جي هر گهاوَ تي خاموشي اختيار ڪري صبر جو ڍڪ پيتو آهي، انهن جن جي اکين ۾ رت ڀريل هو. اڄ به اهي اکيون ساڳيون آهن.

27 ڊسمبر جي شام گذري وئي. جڏهن اي آر واءِ چئنل شهيد پنڪي جي ياد ۾ جهلڪيون ڏيکاريندي شهيد پنڪي ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي ڏيکاريو، هڪ پيڙاءَ سان ڀريل سين اکين جي آڏو گذري ويو، جنهن ۾ شهيد پنڪي هيٺ ويٺل هئي، ۽ بيگم نصرت ڀٽو اٿي بيٺي هئي، ان دوارن ٻنهي جا چهرا شهيد مير جي قبر ڏانهن هيا ۽ شهيد پنڪي پنهنجي ماءُ جي هٿن ۾ هٿ ڏئي زور سان روئي رهيون هيون. ها هي اهڙو منظر هو جنهن کي جن اکين ڏٺو هوندو انهن تي اها گهڙي ڇپ جيان ڪري هوندي، ائين جيئن مون محسوس ڪيو، دل کي ڪيترو نه زور سان سَٽَ آئي هئي.

۽ ڪير چئي سگهي ٿو ته شهيد پنڪي اخلاقي طور تي به شهيد مير ڪيس ۾ ملوث ٿي سگهي پئي؟ جن اکين ماءُ ۽ ڌيءَ کي روئيندي ڏٺو اهي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيون ٿي سگهن ته شهيد پنڪي ڪٿي به شهيد مير جي ڪيس ۾ ملوث آهي. ان کي زندگيءَ جي هر موڙ تي بيوفائي ملي، جي وفا ملي ته ان کي صرف عوام کان ملي رهي آهي، عوام جي لاڏلي ضدي پنڪي انهن کي تنها ڇڏي وئي.

27 ڊسمبر به گذري ويو، پردي پٺيان ويٺل پنهنجن ماڻهن جي ذريعي شهيد پنڪي جي قاتلن جي ڳولا لاءِ مرلي وڄائيندي اسان کي پنهنجي همدردي ڏيکاري رهيا آهن. اسان جن کي خبر آهي ته شهيد پنڪي جا قاتل ڪهڙا آهن؟

ڇا هن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ اجازت ڏيندي ته مشرف کي ملڪ آڻي جيل ۾ وڌو وڃي؟ ٽي وي چئنل اهو سوال ڇو نه ٿا اٿارين؟ عوام رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته قاتل ڪير آهي؟ پوءِ ڇو نه ٿا ميڊيا وارا چون ته مشرف کي گهرايو وڃي؟ اهي سلجهيل معاملي کي الجهائين ڇو پيا؟

عوام جسم تي گهاوَ نه کاڌا آهن هن عوام دل ۾ گهاوَ کاڌا آهن، ۽ جن دل تي زخم جهليا هجن اهي ڄاڻي سگهن ٿا ته زخم ڏيندڙ هٿ ڪهڙا آهن؟

اسان 27 ڊسمبر جي شام کي نه ٿا وساري سگهون. ۽ هن ڀيري واري شام هڪ ڀيرو ٻيهر زخم ڏئي وئي، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد پنڪي جو منظر ڪير به وساري نه ٿو سگهي!

اسان جي پيڙائن جو حساب ڪتاب ڪڏهن ٿيندو؟ ڇا اهو ٿيڻو به آهي؟

جڏهن اصل خوني اکيون اڄ به مزا ماڻي رهيون آهن. انهن جي من ۾ ڪٿي به ندامت ناهي، انهن ڪڏهن به پنهنجن گناهن جا اقرار نه ڪيا آهن، پر اهي ڪنڌ مٿي ڪري فخر سان هلي رهيا آهن.

۽ اسان مسڪين عوام ڏانهن منهن ڪري اکيون ٽيڏيون ڪندي چيو پيو وڃي ته توهان پنهنجن گناهن جا پاڻ ئي ذميوار آهيو، توهان وڏا ڏوهي، غلام ۽ جاهل آهيون. اهي بلڪل درست ئي آهن، انهن ڪڏهن غلط چيو آهي ڀلا؟ اسان غلام آهيون ڇاڪاڻ جو اسان انهن جي ڏاڍ تي خاموش اختيار ڪري وڃي غلامن جي قطار ۾ بيٺاسين، اسان ڏوهي ئي آهيون ڇو جو اسان انهن جي گناهه تي منهن تي مان سجائي ويهي رهياسين. اسان جاهل ئي هياسين جو اسان ووٽ جي قطار ۾ بيهي ڪري هڪ ڀيري ٻيهر جڪڙيل مخصوص طاقت جي محور کي وٿي ڏنيسين ته توهان پنهنجي راهه جوڙي ٻيهر آرام سان هليا وڃو! اسان پنڪي جي جدائي تي اقرار ڪريون ٿا ته ها! اسان اهي سڀ ڪجهه آهيون جيڪو ڪجهه توهان اسان کي چيو آهي.


يتيمي جي غم کي ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟ جيڪي زندگي جي راهن تي اڪيلا هجن، ۽ ناانصافي جا پٿر تنها مسافرن مٿان هنيا وڃن، انهن کي پيڙاءَ جي درد جي ڄاڻ آهي ته هن درد جي راهه ڪهڙي رستي ڏانهن پئي وڃي؟

ڊسمبر جو مهينو هميشه لاءِ اداسي ۽ سوڳ وارو مهينو رهجي ويو آهي، اسان ڪيترو به چاهيون هن مهيني تي مسڪراهٽ آڻي خوشي کي ڀليڪار ڪيون پر اسان ڄاڻون ٿا ته اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. ڪيئن خوشين کي ماتمي گهر ۾ اچڻ ڏيون جتي هڪ نه ختم ٿيندڙ غم اچي بسيرو ڪيو آهي.

اسان کي مڃڻو پوندو ته هوءَ هاڻي هڪ ماضي جو قصو ٿي چڪي آهي، هوءَ جنهن جي زندگي بيرحم لهرن مان گذرندي رهي. شهيد پنڪيءَ ڪهڙو الزام برداشت نه ڪيو هو؟ پيءُ جي ڪيس کان وٺي ڀاءُ جي قتل تائين جا الزام ان مٿان ايندا رهيا، اهڙو پاسو نه بچيو هو / آهي جنهن شهيد پنڪي تي پنهنجي حصي جا پٿر کڻي نه هنيا هجن. هر هڪ وسان نه گهٽايو. ڪنهن سچ چيو ته تاريخ جا ڪردار هلڪڙن ماڻهن کان برداشت نه ٿيندا آهن اهي پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي رستن تي بند ڏيڻ ۽ پٿر هڻڻ کان رهي نه سگهندا آهن.

ان کي ڄاڻ هئي ته هوءَ نه رهندي، ان کي سڀ ڪجهه خبر هئي ته مان انهن جي سياسي ٺڳبازي واري چال ۾ جڪڙجي چڪي آهيان، هاڻي اهي آخري وار ۾ ويٺل آهن، موت سان مهاڏو اٽڪائڻ وارا ڪردار ڪڏهن به بزدل ناهن ٿيندا. پوءِ ڪيئن هوءَ بزدل ٿي ڪري هارائيندڙن جي ڪئمپ ڏانهن واپس وڃي ها؟ سنڌي سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿو پر سنڌي ڪڏهن به ڀاڙي ٿي ڪري جنگ جي ميدان مان ڀڄي نه ٿو سگهي.

پوءِ هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن پئي ڪري سگهي؟ جنهن کي اها خبر هجي ته زندگي ڪچي گهڙي جيان آهي، ۽ هڪ ڏينهن هي گهڙو لهرن ۾ لڙهي وڃڻو آهي، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃڻو آهي، هن اهڙي راهه جي چونڊ ڪئي جنهن راهه کي ڪا به لهر لوڙهي نه ٿي سگهي ۽ جلادي هٿ ڊاهي نه ٿا سگهن، ان موت کي مات ڏني ۽ تاريخ جي سيني تي زندگي جي گهڙي کي پنهنجي رت سان ڀري امر ڪري هلي وئي.

هوءَ ڪيتري نه بيچين هئي، ان اسان جي نه ٻڌي، هوءَ نه اچي ها. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي حصي ۾ سياسي يتيمي ته نه اچي ها. شهيد پنڪيءَ جي جدائيء اسان جي حصي ۾ سياسي يتيمي ڏني آهي، هاڻي عوام اڪيلو بيٺل آهي ۽ نهاري رهيو آهي ته ڪڏهن ٿا عوام جي نبض کي سمجهندڙ سياسي هيرا اچن، اڄ سياسي صحرا ۾ ڪٿي ڪجهه به ناهي، هڪ نه کٽندڙ تنهائي ۽ ناانصافين جو طوفان آهي.

ٽن سالن جي جدائي کان پوءِ به اسان اڄ اتي ئي بيٺل آهيون جتان شهيد پنڪي اسان کي ڇڏيو هو. بس هاڻي هوءَ ناهي رهي پر اکين ۾ اداسي ۽ غم موجود آهي.



Published in Daily Ibart 29 december 2010

Tuesday, December 28, 2010

Education for All!

هڪ ڏينهن جو روزو!

وينگس.


اسان لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا اهم شيون ناهن ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهم ۽ بنيادي شيون ٿيڻ لڳن ته سڄو معاملو ئي حل ٿي وڃي ۽ مسئلن جي گنديءَ ۾ معصوم عوام منجهيل نه رهي. مٿان وارا اهو ئي نه چاهي رهيا آهن ته عوام جي زندگيءَ کي اهم ۽ بنيادي شيون ڏئي اهي پنهنجي لاءِ ڏچا پيدا ڪن.
عوام ساده لوح ٿي سگهي ٿي پر عوام جي حقن تي حڪمراني ڪندڙ ساده لوح بلڪل ناهن، اهي وڏا شاطر ۽ چالاڪ لومڙيءَ جيان ڦيرندڙ آهن. هڪ هنڌ لکيل هو ته هڪ بادشاهه پنهنجي وزير کان پڇيو ته قوم کي غلام ڪيئن ٿو رکي سگهجي؟ ۽ قوم غلام رهندي به محسوس نه ڪري سگهي ته اها غلام آهي. وزير سڪون سان جواب ڏنو ته انهن جي ذهنن کي غلام بڻائي ڇڏيو. بادشاهه ٻيهر سوال ڪندي پڇيو ته ڇا مطلب آهي؟

وزير کلندي چيو ته بادشاهه سلامت جنهن قوم وٽ ذهن يعنيٰ سوچڻ جي سگهه ئي نه هوندي اهي پنهنجين بربادين جو ذميوار ٻئي ڪنهن ئي ڪيئن ٿا بڻائي سگهن؟ ۽ سوچندڙ ذهنن کان مفلوج ذهن ئي آساني سان غلام ٿي سگهن ٿا، اهي ڍڳي جيان کوهه جي چوءگرد چڪر سوء ڀيرا هڻي سگهن ٿا بينا هڪ سوال ڪرڻ جي.
بادشاهه وزير کان وري سوال ڪري ٿو ته پوءِ ذهنن کي غلام ڪيئن ڪجي؟ وزير عرض ڪندي چيو ته بس انهن جي ذهنن کان تعليم جي خوراڪ کسي ڇڏو.
جيڪڏهن اسان مٿان ڳالهه کي پنهنجي سماج ۾ لاڳو ڪريون ته اها سان تي ٺهڪي اچي ٿي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ يونيورسٽي جهڙو اداري مان پڙهندڙ شاگردن ون يونٽ جي خلاف منهن توڙ جواب ڏنو، انهن سنڌ جي هر ناجائز قدم تي آواز اٿاريندي ان وقت جي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو پئي.
اهو سڀ ڪجهه انڪري ڪونهه هو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪي ملهه وڙهندڙ شاگرد هئا انهي ڪري هو جو ان دور ۾ سنڌ يوينورسٽي وٽ واقعي ۾ به شاگرد هيا. هاڻي سنڌ يونيورسٽي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسي ان کي اندازو ٿي ويندو ته اهي ڪٿي بيٺل هئا ۽ هينئر ڪٿي بيٺل آهن؟
سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ ان وقت لڳي ٿو جڏهن جنرل ضياء جهڙو راڪاس پاڪستان جي اقتدار ۾ منهن ڪڍي سڄي سسٽم کي ناڪاره ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنرل ضياء سنڌ جي تعليم کي برباد ڪيو، جنهن جا اثر اڄ تائين موجود آهن، ڇاڪاڻ جو جڏهن ادارا پنهنجي اندر مافياازم پيدا ڪري ويهن ته پوءِ اهي ادارا نه پر مافيا جيان زهر هارڻ لڳن ٿا، انهن جي سڄي بدن ۾ زهر ۽ بوگس سسٽم جو راڄ هوندو آهي.


ائين ئي سنڌ جي تعليم بدن کي به مافيائن وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ مشڪل آهي. اسان جيڪڏهن هڪ پاسي تي هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ٻيا پاسي وارا مافيا گروهه اُٿي کڙا ٿين ٿا ۽ مرلي وڄائي انساني حقن جي تذليل ڳائڻ شروع پيا ڪن.
هڪ اهڙي مافيا دلدل مان نڪرڻ آسان ڪانهي، حقيقت آهي ته مٿان وارا به چاهن ٿا هي تعليم جي سگهه بغير رهن. پردي پٺيان وارن جيڪا ڪاري راند رچي آهي، ان ۾ شڪ ناهي ته اسان به برابر جا شريڪ آهيون، اسان انهن کي دڳ ڏنا آهن ته اچو اسان کي برباد ڪريون.
گناهه جو ليڪو جيڪڏهن انهن ڪڍيو آهي ته ان ليڪي جي اندر داخل پاڻ به ٿيا آهيون، جيڪڏهن انهن اسان کي گهاوَ هنيا آهن ته انهن گهاون کي ناسور اسان پاڻ به ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن انهن اسان کي ناڪارا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان پاڻ کي بيڪار ڪرڻ جي پاڻ به ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اهي گناهگار آهن ته انهن جي گناهه ۾ اسان پاڻ به شامل آهيون.
اسان پنهنجن غلطين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، پر اسان ڪيستائين سچ کان منهن موڙي ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري ويهنداسين، هڪ ڏينهن اسان جا ٻچا ڦٽيل ٿهيلو کڻي اسان کان سوال ضرور ڪندا ته اسڪول بند ڇو آهي؟
جڏهن اسان سڀئي ڄاڻيون ٿا ته چوءطرف کان ڳجهيون ويٺل آهن جيڪي لامارا ڏئي ڪري سنڌ جي ماس کائي رهيون آهن، سڀ سمجهندي به اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟
سنڌ جي لاءِ پهرين قدم تي تعليم جي ضرورت ائين آهي جيئن زندگي کي پاڻيءَ جي ضرورت آهي. تعليم جي سگهه بينا سنڌ موجوده دور ۾ ٻه قدم به کڻي نه ٿي سگهي؟ اسان کي محسوس ڪرڻو پوندو ته اسان تعليم جي بنيادي ضرورت کي لٻاڙ تائين نه پر عملي قدم کڻي ڪري پورو ڪريون.
مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي 2004 ۾ مان جيڪب آباد جي هڪ ڳوٺ ۾ وئي هوس مون کي اتان جي تعليم حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪرڻي هئي، مان ان معصوم ٻارڙي کي نه ٿئي وساري سگهان، هينئر به اهو منهنجين اکين آڏو بيٺل آهي، اهو نينگر 12 سالن جو هو، جنهن کان مون سوال ڪندي پڇيو ته تون اسڪول ڇو نه ٿو وڃين، ان معصوميت سان جواب ڏيندي چيو ته منهنجو بابا گذاري ويو آهي، ۽ مان ئي گهر ۾ آهيان جيڪو گڏهه گاڏو هلائي گهر جو خرچ هليا ٿو، اهو سڀ ڪجهه ڳالهائيندي ان جون اکيون ڀرجي آيون، پر جيئن ئي ان پنهنجي ماءُ کي ايندي ڏٺو جهٽ ۾ اکيون پنهنجن مرن هٿن سان صاف ڪندي لڪڻ سان گڏهه سان کيڏڻ لڳو. ان جي ماءُ اچڻ سان چيو ته ادي ڪهڙو وري اسڪول مار پوندي ماسترن تي جيڪي اسڪول اچن ڪونهه. مان ان کان سوال ڪندي پڇيو ته توهان ٻڌايو آخر توهان پنهنجي نينگر کي اسڪول ڇو نه پيا موڪليو؟ ان جهٽ گهڙيءَ لاءِ خاموش اختيار ڪرڻ کانپوءِ چيو ته ادي توهان شهر جيون آهيون، اسان غريب مسڪين آهيون، جيڪڏهن هي ڇورو 20 يا 30 رپيا نه ڪمائي اچي ته گهر ڪيئن هلندو؟ ڪنهن ماءُ جو جگر چوندو ته ان جو ٻچو پيرن اگهاڙي، ميرن ڪپڙن سان گڏهه گاڏو هلائي؟ ادي اسان جا سور بس اسان تائين آهن. اسڪول ويو ته ماني ٽڪر ڪٿان کائينداسين؟


مان ان کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس، ان وقت مون کي سماج جي انساني حقن ادارن، امير طبقي ۽ سماج سڌارڪ پڻ پنهنجي لکڻ تي چيڙ اچڻ لڳي ته اسان ڪري ڇا رهيا آهيون؟ جيڪڏهن 30 روپين کي مهيني سان جوڙيون ته 900 رپيا ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪير به امير يا شهر جا سگهارا ماڻهو گڏجي ڪري 900 سوء ڏين ها ته ان جو پٽ پڙهي سگهي پيو. پر اسان ائين نڪري سگهياسين، اسان جا 900 سوء رپيا ڪي ايف سي ۽ برگر تي ٻاهر نڪري سگهن ٿا پر هڪ ٻچي کي پڙهائڻ لاءِ اسان جا کيسا خالي ٿي وڃن ٿا.
اسان ڪيترا نه پتڪڙا ماڻهو آهيون. جن کان خصيص ڪم نه ٿا ٿي سگهن.
ٻئي پاسي حڪومتون آهن جيڪي هر دور ۾ اچي ڪري تعليم بهتر ڪرڻ جي هام هڻين ٿيون، پر عملي قدم ڪجهه ٻيا نظر اچن ٿا، ڀل تعليم جو وزير گهوڙي تي چڙهي ڪري بوگس نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊوڙيون پائي پر وقتي طور تي ان جا دورا اخبارن جي ذينت ضرور ٿيندا، ان کان پوءِ ڪنهن کي ڪجهه ياد نه هوندو، بس ان ڳوٺ جي ٻار کي وزير جو طوفاني دور ياد هوندو، جنهن ڏينهن تي اسڪول صاف سٿرو ۽ ماستر الاءِ ڪٿان کان نڪري آيا هوندا، جن کي ٻارن کي ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو، خير ماسترن جا چهرا عيد جي چنڊ جيان ڏسي ٻار به گهڻا خوش ٿيندي، شايد پوجا ڀٽ جي فلمي گاني کي ڦيرائي ڳائين ته تم آئي تو آيا مجهي ياد اسڪول مين آج چاند نڪلا!
سنڌ حڪومت جو داوائون وڏيون آهن، اسان سنڌ حڪومت کان ڪجهه به نه ٿا گهرون پر سنڌ حڪومت کي بس ايترو چونداسين ته توهان کي عملي قدم کڻڻ گهرجن. ٻوڏ کان پوءِ تعليم نظام ڌرم ڀرم ٿي چڪو آهي، ان کي ٻيهر آباد ڪرڻ ائين آهي ڄڻ نئين دنيا جوڙڻ ۽ نئين جهان کي جوڙڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي. هتي اسان سنڌ حڪومت طرفان ڪيل سروي رکنداسين ته سنڌ حڪومت انگن اکرن ۾ تعليم جي بهتري ڏيکاري آهي جيڪا ڪجهه هن ريت آهي:
Primary School Enrollment-
Boys. 1,970,777
Girls. 1,314,441
Total Enrollment 3,285,218
No of Secondary Schools (Including Middle)
Boys Schools 2,069
Girls Schools 1,298
Co-Education Schools 979
Total No of Schools 4,346
Enrollment in Secondary Schools (Class: VI-X)
No of Boys Students 459,415
No of Girls Students 317,764
Total No of Students 777179
Source: Sindh Government Education Department.


جيڪڏهن مٿان انگن اکرن کي ڏسجي ته دل خوش ٿيندي چوي ته هل ميان اڌ سنڌ کي بهترين تعليم مهياء ٿي رهي آهي. پر ڇا واقعي ۾ ائين آهي؟ جيڪو ڪجهه انگن اکرن ۾ ڏسجي ٿو ڇا سڀ ڪجهه ائين ئي آهي؟ يقينن سنڌ ۾ رهندڙ رهاڪن کي ان جي ڄاڻ آهي ته جيڪو ڪجهه پردي تي ڏيکاريو وڃي ٿو اهو ائين ڪونهي، تصوير جو اصل روپ پردي جي پٺيان آهي. ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي حالت وڃي ڪٿي بيٺي آهي؟ اتي تعليم جو معيار ڪٿي بيٺل آهي؟ جن جا گهر برباد ٿيا هجن جن جا سهارا هٿ ڇڏائي هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويا هجن. انهن جي گهرن جا نينگر ۽ نينگريون هڪ ڀيرو ٻيهر گهر جي چلهه کي هلائڻ لاءِ روزگار ڪندا هوندا. هڪ شهداد ڪوٽ جو نينگر ڪراچي جي روڊن تي ناريل ويڪرو ڪري رهيو آهي ان ڪري ته جيئن ڪجهه پيئسه جوڙي ڳوٺ واپس وڃي سگهي، اهو نينگر ڇهين ڪلاس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، پر هاڻي ان روزگار ڏانهن منهن ڪيو آهي، ڇو جو ٻوڏ ڪري ان جو گهر برباد ٿي ويو آهي. ائين گهڻا ئي مثال هوندا جيڪي اسان جي اڳيان اچي نه سگهيا آهن.
اهڙي ماحول ۾ سنڌ حڪومت جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ ڇا سنڌ حڪومت ٻوڏ وارن علائقن ۾ تعليمي ڪئمپون جوڙي اتان جي ٻارن کي تعيلم ڏئي رهي آهي؟
سنڌ حڪومت کي گذريل انگن اکرن کي هاڻي الڳ هڪ پاسي رکي نئين ڊيٽا گڏ ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جي اهي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ نئون ساهه وجهڻ چاهين ٿا ته سخت قدم کڻڻا پوندا، شايد انهن کي گهڻن ماڻهن کي ناراض به ڪرڻو پوي، پر هي سٽ لکندي مان سوچي رهي آهيان ته ڇا سنڌ حڪومت اهڙو وڏو رسڪ کڻي سگهندي؟ سنڌ حڪومت جي قبيلي ۾ ڪو اهڙو باغي ڪردار آهي جيڪو ائين ڪجهه ڪري سگهي؟
هڪ اهڙو سوال جيڪو جواب طلب آهي. ان جي باوجود به اسان سنڌ حڪومت جي مانَ ۾ ڪجهه تجويزون پيش ڪنداسين ته اهي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪن؟
1 : سنڌ حڪومت کي درست ڊيٽا گڏ ڪرڻ گهرجي،
2: استادن جي اسڪول ۾ موجودگي کي يقيني بنائڻ گهرجي،
3: اسڪولن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ گهرجي،
4: نصاب کي دلچسپ ۽ آسان بنائڻ گهرجي، جيڪي نصاب ۾ غلطيون آيون آهن انهن کي درست ڪرڻ گهرجي،
5: مفت ڪتابن جي ورهاست کي يقيني بنائڻ گهرجي،
6: ٻارن ڪمپيوٽر جي تعليم مهيا ڪرڻ سان گڏ هر اسڪول ۾ لائيبرري ۾ هجڻ گهرجي،
7: غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ گهرجي، پر ان اسڪالرشپ ۾ گهوٻيون نه هڻڻ لاءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻ گهرجي،
8: استادن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ گهرجي،
9: استادن جي تنظيمين تي قانون لاڳو ڪندي انهن کي بهتر تنظيم بنائڻ گهرجي، نه ڪي انهن کي احتجاجن لاءِ موقعا ڏيڻ گهرجي.
10 : ڪراچي ۾ يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلائن کي يقيني بنائڻ گهرجي.


جيڪڏهن سنڌ حڪومت پهرين قدم تي مٿان قدم کڻندي ايمانداري سان عمل ڪري ٿي ته پوءِ سنڌ جي تعليم بهتري ڏانهن وڌي سگهي ٿي.

ان سڀني کان اهم ڪم خود استادن جي تنظيمين تي اچي ٿو ته اهي پاڻ کي به ڏسن ته انهن ڪيترين ڳوٺن ۾ اسڪول پابندي سان کوليندي ٻارن جي تعليم کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇا ڪڏهن استادن جون تنظيمون ڪڏهن روڊن تي ان ڪري آيون آهن ته شاگردن کي سهولتون ۽ اسڪول ڪٿي ڪٿي بند آهن؟
استاد تنظيم پاڻ ڏانهن نهاري ڏسن ته انهن ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو آهي؟
سنڌ جي پارٽين مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي ته انهن سنڌ جي تعليم لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ان لاءِ اڄ تائين ڪهڙي پارٽيءَ نوٽس ڪرائيندي چيو ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڪيترا اسڪول ختم ٿي چڪا آهن، وطن ڪارڊ لاءِ هر هڪ احتجاج ڪري رهيو آهي، پر ڇا ڪنهن پارٽيءَ رضاڪار طور تي اسڪول کولي ٻارن کي پڙهايو آهي؟ ان مان محسوس ٿئي ٿو ته اسان ڪيترا سنجيده مزاج رکندڙ آهيون؟
جڏهن گهر ۾ ٻچا بيمار هوندا آهن ته ان جو علاج گهر جا ڀاتي ڪندا آهن ڪي ٻاهر وارا ناهن ڪندا. ان لاءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجن ٻچن کي زندگي ڏيڻ لاءِ جنم ئي نه پر تعليم جي سگهه ڏيڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي، ٻين تي ڀاڙي رکيوسين ته پوءِ پنهنجا ٻيڙا پار آهن! ۽ هينئر تائين اسان ڏسي چڪا آهيون ته اسان جا ٻيڙا ڪيترا ۽ ڪيستائين پار ٿي چڪا آهن. حشر هي آهي جو اسان جا ٻچا پنهنجن شهرن ۾ داخلائون نه ٿا وٺي سگهن.
سنڌ جي عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟


1 : پنهنجي علائقائي سطح تي ڪميٽي جوڙي اسڪولن کي کولڻ لاءِ پابند ڪرڻ گهرجي،
2: ڪنهن پڙهيل لکيل نوجوان تي ذميواري عائد ڪرڻ گهرجي جيئن اهو ٻارن کي مفت ٽوشن ڏيندي تعليم ڏئي سگهي،
3 : استادن جي غير حاضري ۽ پڙهائي جي حوالي سان مهيني جي ميٽنگ ڪرائڻ گهرجي،
4 : اخبارن ۽ حڪومت کي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي ته انهن جي علائقي ۾ تعليم جي حوالي سان ڇا پيو ٿئي؟
5: شهر جي ڊي او اسان رابطو رکڻ گهرجي ته جيئن هو اسڪولن جا دورا ڪري اسڪول جي نظام کي بهتر ڪري سگهي،
6 : غريب ٻارن کي مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ علائقي جي ڪميٽي کي گڏجي ڪا راهه ڪڍڻ گهرجي،
7: تعصبپرستي تي ٻڌل تعليم نظام لاءِ سنڌ جي والدين کي لانگ مارچ ڪندي سنڌ حڪومت تي زور وجهڻ گهرجي ته اهي ڪراچي ۾ موجود تعصبپرسرتي واري نظام کي ختم ڪن،


ڇا سنڌ جو عوام پنهنجن ٻچن لاءِ ايترو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي؟ جيڪي والدين پنهنجن ٻچن لاءِ ايترو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، پوءِ انهن جي ٻچن کي ڪير بهتري تعليم ڏئي سگهندو.
سنڌ جي بهتر تعليم لاءِ سڄي سنڌ کي هڪ ڏينهن جو هر مهيني روزو رکڻ گهرجي ته اهي 100 روپيه پنهنجن علائقن ۾ جمح ڪرائي غريب ٻارن لاءِ اسڪالرشپ گڏ ٿي سگهن، جيڪڏهن غريب مسڪين جو گهر هر روز 100 روپين تي هلي ٿو ته ان گهر جي مهيني ۾ 3000 هزار رپيه گهرجي ۽ جي اسان 600 سوء نوجوانن کي پڙهايون ته اسان کي 1800000رپيا گهرجن. ڇا سنڌ هڪ ڏينهن جو روزو نه ٿي رکي ته جيئن اسان جا ٻچا روزگار ۾ سگهه وڄائڻ جي بدران تعليم ڏانهن پنڌ ڪن.
هي سوال سنڌ کي سوچڻ گهرجي ته اهي پاڻ ڪجهه ڪندا يا انهن مان اميد رکندا جن جي من ۾ سنڌ کي تعليم جي تباهي ڏيڻ آهي. ڳالهه صرف هڪ ڏينهن جي روزي رکڻ جي آهي.

Published in Daily Ibrat

Monday, December 27, 2010

Sense of Duty!

ڏاهپ جي ذميواري!!!
وينگس.

تون ڇا به چئين،
۽ ڪئين به سمجهين؟
پر هڪ ڳالهه طئه آهي،
اسان اهم جنگيون ذهنن سان وڙهندا آهيون،
تنهنجي مون تي چيڙ واجب آ،
هي به ته ڏس هٿيارن جي جنگين کان وڌيڪ ڏاهپ جي جنگ بهتر آهي،
جتي انسان رت جي ندي تي نه پر لفظن جي ناوءُ تي سفر ڪري ٿو،
مان جنهن جنگ جي ابتداء ڪئي آهي،
ان ۾ جي مان اڪيلو رهجي به ويس،
تڏهن به خير آهي،
منهنجي انهي سفر ۾ مون کانپوءِ به ايندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا گڏ هوندا،
ڇا پوءِ به تون ائين ئي انڪاري هوندين؟ (هلينا)

دنيا جي هيل تائين تبديلي ۾ هٿن جي محنت سان گڏ ذهني پورهي جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ جيڪي ذهني محنت نه ٿا ڪن انهن جي حيثيت جانورن جي ٽولي کان مٿي ڪجهه ناهي.
آسمان هيٺ جيڪڏهن ڪو اهم جز آهي ته اهو ذهن ئي آهي. جنهن ڪري انسان ۾ ماڻهپو ۽ تهذيب جي خوشبو شامل آهي.
ذهن جو پورهيو گهڻو مشڪل ۽ ڏکايل ڪم آهي پر ان ڪم ۾ هر هڪ پنهنجو حصو ڏيندو اچي پيو، هڪ مشڪل ترين ڪم کي خوبصور سهڻي نموني اڳتي وڌائيندا هلن ٿا.
هلينا جو مٿان نظم مون کي هر وقت ياد ايندو آهي جڏهن جڏهن منهنجي نظر تبديل ٿيندڙ معاشري تي پئي ٿي. اهڙي تبديلي جنهن جي هر رڳ ۾ ڏاهپ ڊوڙي ۽ من ۾ ذهانت جو اکيون هجن. اهڙي ڏاهي معاشري ۾ انسانيت ڪيتري نه پرسڪن سان زندگي گهاريندڙ هوندي! اهو معاشرو ڪڏهن به مصنوعي هٿيارن هٿان مات کائي نه ٿو سگهي. هڪ شاگرد چرچ جي پادريءَ کان سوال ڪندي پڇيو ته فادر! هن دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءِ وجود رکي ٿي جيڪا هر دور ۾ پائيدار هجي. فادر مسڪراهٽ ڏيندي چيو ته تون ٿاليس( 547–546 BC) کي سڄاڻين؟ نوجوان هڪدم جواب ڏيندي چيو ته بلڪل!
فادر ميڙ تي نظر ڦيرائيندي جواب ڏنو ته هن دنيا ۾ نظريا ۽ ذهن جو پورهيو پائيدار آهي جنهن هر دور کي لاڀ ڏنو آهي.
وقت جي وهڪري ۾ اسان لهڙي وڃون ها جي اسان کي ڪناري تي پهچائيندڙ ڏاهپ جي ناوءُ نه هجي ها. هي حقيقت آهي ته آسمان هيٺ ڏاهپ جي ديوي گهڻي خوبصورت آهي، جيڪا هر انسان جي من مان هڪ ڏينهن ديو مالائي ڪردار جيان ٻاهر نڪري زرخيز زمين کي سرسبز ڪري ڇڏي ٿي. ذهني ٻج ڪري پائيدار ترقي ۽ محبت موجود آهي.انسان شعوري ۽ لاشعوري طور تي عشق ڏاهپ سان ڪيو آهي جنهن کي فلسفو چئون ٿا. فلسفي جي عمر ڪيتري آهي؟ فلسفو ايترو پراڻو آهي جيترو هن ڌرتي تي انسان. لفظ فلاسفي (Philosophy ) پنهنجي محور ۾ ئي ڏاهپ سان پيار رکندڙ آهي. هي لفظ فلاسفي يوناني ٻولي سوفيا مان نڪتل ۽ ان جي معنيٰ (love of wisdom )آهي.
ڌرتي تي رهندڙ انسان جڏهن به ڏاهپ سان عشق ڪيو آهي ان پنهنجي الڳ تاريخ جوڙي آهي. عشق هميشه ڊگها ۽ مشڪل سفر ڪرائيندڙ آهي، ائين ئي ڏاهپ جي مسافرن مشڪل پنڌ ۽ زماني جا پٿر پاڻ مٿان برداشت ڪندا رهيا آهن.
ماضي جي محل ۾ جهاتي پائي ڏسو ته اسان کي اهي ئي قومي ڪردار اعليٰ نظر ايندا جن ڏاهپ جي ديوي جي پيروي ڪئي. ٿاليس، سقراط، ارسطو، کان وٺي موجوده دور ٽئگور ۽ ساتر جهڙا ڪردار اسان اڳيان آهن.
انهن سڀني نظريي ڪري ئي انسانيت جي جدوجهد کي نئون اُتساهه ملندو رهي ٿو. يورپ ڪڏهن به ڪاري دور کان ٻاهر نه ڪري سگهي ها جيڪڏهن انهن وٽ Renaissance سجاڳئي جو دور جنم نه وٺي ها. Renaissance يعنيٰ Rebirth of Knowledge يورپ ڏاهپ جو ٻيهر نئو جنم وٺي رهيو هو. انهي دور پنهنجي حصي مان اڳتي هلي ڪري Reformation, & Modern Age جهڙن ٻين دورن کي جنم ڏنو.
جنهن ڪري ئي يورپ انتها پسندي جي ليڪي کان ٻاهر نڪري ڪري سلجهيل دور ۾ شامل ٿي رهيو هو. اتي ئي گليلو، برونو، والٽئر ، ڪانٽ، ڪارل مارڪس، سارتر ۽ Auguste Comte وغيره سڀني فلاسفرن ذهني پورهيو ڪري سماج کي فرسوده کوهه مان ٻاهر ڪڍي ڪري نئين جهان ۾ آڻي بيهاريو. هي سڀ آسان ڪونهه هو جو ان وقت جي ڪارن ديون سان اڪيلا ليکندڙ هٿ مقابلو ڪري سگهن پر انهن پنهنجن خيالن کي عوام جي دلين تائين پهچائين خيالن کي عوام جو روپ ڏنو، انهن پنهنجو جيون دان ڏئي نظرين کي زندهه رکيو .
فلسفي کي جيڪڏهن صحيح نموني کنيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ته دنيا منجهاري جو شڪار ئي نه ٿئي. پر فلسفين جي خلاف ايتري واويلا ڪئي وئي آهي جو فلسفين کي ناڪاره ۽ بيڪار قسم جا ڪردار چئي ڪري اڪثريت کي فلسفي کان الڳ ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته فلسفو علم سان عشق جو ناءُ آهي جيڪو انسان علم سان عشق نه ٿو ڪري، اسان پوءِ ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهون ٿا.
يورپ جي فلسفين جيڪي دور پيدا ڪيا اهي سڀئي ذهني پورهي جي ڪري ئي جنم ورتو هو. ۽ يورپ سنهري دور ۾ قدم به پنهنجن فلسفين ڪري رکيو هو. ڪنهن سچ چيو هو ته Ideas those have changed the World يعنيٰ اهي نظريا جن دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جن ۾ گهڻي اهميت والٽيئر جي فلسفي جي ڪئي ويندي آهي. والٽيئر ان دور جي مذهبي انتهاپسند کي challenge ڪري بيٺو، والٽيئر جي ڏاهپ ديو مالائي جهڙو ڪردار نڀائيندي انتهاپسندن کي ڌوڏي ڇڏيو. ڇا اسان سڀئي والٽيئر کي بيڪار انسان چونداسين؟ ڇا ڪارل مارڪس ۽ آگسٽن ڪومٽ کي به سست انسانن ۾ شامل ڪنداسين؟ يقينن اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون ڇو جو اڄ به اسان نظرين جي گهاگهر مان علم جي اُڃ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان گهاگهر ۾ دنيا جي هر ڏاهي پنهنجي حصو وڌو آهي. فلسفو بيڪار ماڻهن لاءِ ناهي، پر فلسفو انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي خودي کي ختم ڪري ٻين ڪاڻ جيئڻ ڄاڻين ٿا جن وٽ ايندڙ نسل لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۽ دنيا کي جنت ڪرڻ جا خواب هجن.


هتي فلسفي جون شاخن جا نالا ۽ انهن جا ڪم پيش ڪري رهيا آهيون:-
• ميٽافزڪس (Metaphysics ) ان ۾ قدرت جي حقيقت تي فوڪس ڪيل آهي، Mind & Body جي ڳانڊاپئي جي بابت بحث ڪيو ويندو آهي،
• ايپسٽمولاجي (Epistemology ) هن جو ڳانڍاپو قدرت ۽ Knowledge سان آهي.
• اخلاقيات (Ethics ) هن ۾ ماڻهو جي اخلافيات تي بحث ٿيل آهي ته معاشري ۾ ماڻهو جا عمل ڪهڙي اخلاقيات تي ڪم ڪري رهيا آهن،
• سياسي فلسفو (Political Philosophy ) هن رياست ۽ انهي جو واسطو گروهه ۽ ذاتيIndividual سطح تي جن ۾ انصاف، دولت، حق ۽ ذميوارن کي کنيو ويو آهي،
• Aesthetics هن ۾ خوبصورتي، آرٽ، خوشي، جذبات ۽ ذاتي خيالن کي فوڪس ڪري پيو.
• Logic هن ۾ صحيح ۽ درست راين Argumentکي فوڪس ڪيو ويو آهي،
• Philosophy of Mind هن ۾ دماغ ۽ ان جو واسطو جسم Body سان آهي، ان ۾ Dualism ۽ Materialism تي بحث ٿيل آهي،
• Philosophy of language ان ۾ ٻولي جي اهميت ۽ تاريخ تي فوڪس ڪيل آهي،
• Philosophy of religion ان ۾ مذهب تي فوڪس ڪيل آهي.

جيڪڏهن فلسفي جي مٿان هر شاخ ۾ بهترين ڪم ڪريون ته ڇا اسان مجهيل دور کي نيئن دور ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهون؟.
اڄڪلهه دنيا ۽ خاص طور تي پنهنجي رياست مشڪلاتن جو شڪار انهي ڪري آهي جو اسان کي اصل کان الڳ رکيو ويو آهي ۽ اسان اڄ تائين رٽيل پيٽل شين تي هلندا رهون ٿا.
افسوس! اسان کي تصوف ۾ به محدود حدن ۾ رکندي نئين شيءِ ڪرڻ جا اختيار کسيا پيا وڃن، ڇا شهيد مخدوم بلاول کان مٿي انهن کي تصوف اچي ٿو؟ اسان جي آڏو ليڪا پائي ٻڌايو پيو وڃي ته تصوف ۽ فلسفي جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن. محدود حدن ۾ نظريا جنم ناهن وٺندا پر هڪ ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ لالي پاپ جوڙي سگهن ٿا.
فلسفو ته دراصل Sense of Duty يعنيٰ ڏاهپ جي ذميواري آهي. اسان ڏاهپ جي ذميواري ڪيئن ادا ڪري رهيا آهيون؟
اسان کي پاڻ کان هي سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا فلسفو صرف چانهه پيئندي رٽيل خيالن تي بيحث ڪري ذهين پيش ڪرڻ آهي. يا وري ان کان اڳتي به ڪا ذميواري آهي؟ اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان ڏاهپ جي ذميواري کي درست نموني استعمال نه ڪري سگهيا آهيون، اسان ذهني پورهيو به ٻين جي ڪيل پورهي تي بس هٿڙا گهمائي ڪري کيٽ کٽي رهيا آهيون، ان ۾ معاشري کي لاڀ ملي نه سگهيو آهي.
فلاسفر ڪانٽ چواڻي ته I think therefore I am يعنيٰ مان آهيان جنهن ڪري سوچان پيو. اسان وٽ ڏاهپ جو چرغو ابتو آهي ته We think therefore others’ Ideas اسان سوچون ٿا ڇاڪاڻ جو ٻين جا نظريا آهن.


هتي هي لکڻ مطلب بلڪل ناهي ته ٻين فلسفين کي اهميت نه ڏئجي پر اسان کي هاڻي پنهنجي ذهني پورهي مان به ڪجهه پيدا ڪندي ڪا نئين شيءِ ڏيڻ گهرجي، اسان نئين شيءِ تڏهن ڏئي سگهون ٿا جڏهن اسان ڏاهپ جي ذميواري سان نڀاءُ ڪري سگهون.
جن قومون ڏاهپ جي ذميواري سان نڀاءُ ڪيو انهن سڄي دنيا کي پنهنجن نظرين سان ڌوڏائي ڇڏيو ۽ مستقبل کي نئون ڏاهپ جو جهولو ڏنو آهي.
ڏاهپ جي ذميواري کڻڻ ايتري آسان ناهي!!! ان ۾ اندر کي چيري ٻاهر رکڻو پوي ٿو ۽ هي ڪم صرف بهادر ڪردار سرانجام ڏئي سگهن ٿا.
سوال تي هي آهي ته ڇا اسان ڏاهپ جي ذميواري سان ڪٿي ڪنهن جاءِ تي نڀاءُ ڪيو آهي؟

Published in Daily Ibrat newspaper

Tuesday, December 14, 2010

Fighter Balaach Marri.

Comrade! Where have you been?

By Veengas.

Sometimes our feelings can not be expressed in words, and having search words for giving shape our feelings. I got into trouble when I decided write on Balaach Marri, since long time I was thinking what should I write, how I delineate his struggle?

It is verily panic moment when you write about that person who has been much closed to your thoughts, and now it is made part of Past.

Personally, I always oppose, those persons who say, after dead here and there is no existence of any person. But they are on mistaken, those persons remain alive who play his/her role for changing and making history by doings.

Therefore, I am not agreed that I count into Balach past tense, but for writing rules I am to write past tense for him. Balaach is being used in past tense but he remains alive in history. Because History is made by noble characters through their deeds, history never is written if it has not role of human beings.

Some one said, If I die and funeral in history, I will be remembered in present and future times, let them allow to kill me because this killing; will be made me forever alive so Balach is alive in world of history.

Why was Balaach stand with gun? This answer has bitter history which can not be easily swallowed. As above I wrote that human beings are made history but bitter history which has filled up blood-bath, is given birth to rebels those are fought against injustice and wrong tact. Rebels never have born by mother’s birth, in fact rebels born by history’s nativity.

If Balach put gun, it was not his personal wish but decisions come out from circumstance, those live in history, and Balochistan history is full with blood-bath and long distasted by establishment. Peep into past, each era has had promised after then promises have been broken by establishment not Baloch.

Instead, have to be solved problems, are being broken. Would like to ask from behind ruling hands, is it possible walk on broken bridge? Of course our answer would be No. But in case of Balochistan, they have been feet on broken viaduct and hoping that might have gotten good result.

In spite of getting fair results they are met scene of carnage, after such attitudes what should have behaved?

Those houses can not be sung songs having their beloved dead bodies, surely they react which depends on their anguish, such kind of reactions are naturally, Balochistan is burning only because its flame tepid through wrong tact and undelivered promised.

And Balach put gun because surrounding having bitter long past and present, has been forced on him for resist and self-defense for his homeland. Balach could have lived in luxuries and enjoying power game, Balach was man of history and nation who always chose tough long walk and reject temporary things.

Whatever Balach has done it was forced to do it, he never himself choose fighting but fighting chose him, when talks and promises lost its spirit, that moment nation develop its spirit and fight for their rights.

Balach put gun and covet to be made ground for real rights for his homeland, and he was right to defend his rights if Balach were not defend, who would be do?

Some one has to defend their rights, those are into jailed, and fighters having caused to be freed rights of nation. Balach only trying to be freed rights and given smiled on smile less faces, was it wrong? This question would like to be asked from champions of Human rights those are silent on Balochistan’s Blood River.

He was not wrong; situation has been created by ruling class and broken promises.

If Balach fighting is wrong then let us ask one thing that how could you define role of Kashmiris, Palestine and Lebanon? They have right to define their homeland so why not in case of Balochistan those are being asked for provincial autonomy and nowadays when blood river overloaded in Balochistan, they are saying that enough is enough now over and they turned to mountains where they are fighting.

Balaach has not adopted new philosophy (guerrilla war) it has been adopted each nation, whenever they face rain of injustice.

When one side of nuclear-state and weapons, other side which is victims, and they are knowing that their revival is more powerful than us, and then guerrilla war automatically come out. We are not informed that Balochistan is in war as in case of Bangladesh.

Today is situation as same as was Bangladesh.

But Balochistan is making different history in this region. Fighter of Balochs are making remarkable present because present ink of blood is writing history and telling future untold facts about Balochistan-rebels.

I don’t know,
When I return to home,
I am here and fighting for my dream,
My dream which has only spirit to smile for smile less faces,
If you receive my death body,
Don’t be weeping,
Just come to close and telling me,
That yes I made day and pick up my dream,
To pass on other hand,
Until we make true our dream. (Helena)


Those nations are great that have bravely characters and making history as Balach has done now at least no one can be said that Baloch lords, are forced to common people for fighting and martyrdom, now in common people’s rows also have Baloch lords’ family members.

Balach was really comrade, he made his own history. I keenly to love him and his struggle that sometimes yours acts convince to others and Balach done.

To me, Balach is alive and he is whispering by his dream and guerrilla war. One day he will be returned back and we can be asked that Comrade! Where have you been?

Might be he pass smile and saying that do not you know? I was on long walk of freedom.

According to Helena, You can not be killed us, unless we have beautiful voices!

Instance, establishment must be realized that through suppressed and making tact of threats are not solution of Balochistan, it can be caused like pressure cocker which will be opened and be burned all things because now Balochistan have brave and beautiful voices those can not be purchased.

Published in Bolan Voice Monthly Magazine on December/01/2010.
http://bolanvoice.wordpress.com/2010/12/14/comrade-where-have-you-been/

Wednesday, December 1, 2010

Wikileaks & Hameed Gul! What is going on

وڪي ليڪس ۽ حميد گل
ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟
وينگس.
اهي ايترا چريا ۽ ساده ناهن جو پنهنجي نقصان کي ٿيندي ڏسندا رهن. ڇا واقعي ۾ اهي پنهنجو نقصان ڏسڻ چاهين ٿا؟ اقتداري داوَ پيچ گهڻا منجهيل ۽ ڳجها هوندا آهن جن کي سمجهڻ گهڻو مشڪل آهي انهن مٿان پردو ان وقت کڄڻ لکندو آهي جڏهن پردو ڪِرڻ وارا هٿ پاڻ چاهين ته هاڻي حقيقت کي ماڻهن سامهون آڻي بيهاريو.
مثال طور جنهن وقت ايران ۾ خميني انقلاب اچي رهيو هو ان وقت عالمي قوتون شاهه ايران مان بيزار ٿي چڪيون هيون ڇاڪاڻ جو شاهه ايران به ايٽمي پاور پلانٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ۽ عالمي قوتون کي ايٽمي پاور پلانٽ لڳائڻ جي لاءِ راضي ڪونهه هيون جنهن ڪري اهي آرام سان شاهه ايران مان هٿ ڪڍي ويون.شاهه ايران جي اصل حقيقت اسان جي اڳيان بعد ۾ اچي کلي. ائين ئي برصغير جو ئي مثال کڻو ته انڊيا ۽ پاڪستان کي ڪيئن آزاد ڪيو ويو؟ جنهن آزاد لاءِ عوام کي غلطي فهمي جا ڍڪ پياريا ويا اڳتي هلي خبر پئي ته اصل حقيقت ڇا هئي ۽ چرچل پنهنجو بدلو گانڌيءَ کان ڪهڙي نموني وٺندي سائوٿ ايشيا کي ويٽو پاور ۾ ٻاهر رکڻ پئي چاهيو ۽ ائين ئي ٿيو جو برصغير هينئر تائين گهرو ويڙهه ۾ وڪوڙيل آهي انهن ترقي جي اها منزل حاصل نه ڪري سگهيا آهن. جيڪا انهن کي حاصل ڪرڻ گهربي
هئي.

ان کانپوءِ اسان جي آڏو روس ۽ افغانستان جنگ جي ڪهاڻي اچي ٿي پهرين اسان جي ڪنن تي زور ڏئي چيو ويو ته هي اسلامي جنگ آهي ۽ مجاهدين ڪافرن جي خلاف وڙهي رهيا آهن. اڳتي هلي ڪري پردو اُٿي ٿو ته روس افغانستان جنگ ۾ اصل ۾ آمريڪا پنهنجي طاقت قائم رکندي روس جو اثر سائوٿ ايشيا ۾ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سچ ته هي هو جو ته روس افغان جنگ ۾ معصوم عوام کي مذهب جي نالي تي استعمال ڪيو ويو. هاڻي ان حقيقت کي هر هڪ آساني سان قبول ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ جو روس افغان جنگ کي وقت اچڻ تي ٿيو آهي.

وڪي ليڪس تي آمريڪا جنگ جي حوالي سان ڳجها دستاويز اچڻ تي سڄي دنيا تعجب ۽ هڪا بڪا بڻجي وئي آهي، ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مسئلو هي ناهي ته ڳالهيون منظر عام تي ڇو آيون آهن؟ مسئلو هي آهي ته ڳالهيون منظر عام تي وقت کان اڳ ڇو آڻيون وڃون آهن؟ وڪي ليڪس راز فاش ڪري هڪ پاسي آمريڪا کي محفوظ رستو ڏئي رهي آهي ته هي جيڪا جنگ اسان هارائي رهيا آهيون ان ۾ آمريڪا جو قصور ڪانهي پر ان ۾ ان جا اتحادي قصور وار آهن جن آمريڪا تي فورس ۽ ڌوکي بازي ڪئي.

جنهن حوالي سان وڪي ليڪس حميد گل جي بابت خبر ڏني آهي ته حميد گل افغانستان ۾ آپگهاتي حملن جا حڪم ڏيندو رهيو. پاڪستاني عملدارن آپگهاتي حملن لاءِ 1000 موٽر بائيڪ ۽ طالبان اڳواڻ افغانستان موڪليا. افغانستان ۾ آپگهاتي حملن لاءِ گاڏيون پاڪستان ۾ تيار ڪيون ويون. حميد گل چيو آهي ته بي بنياد الزام لڳائيندڙن کي قرباني جي ٻڪري جي ڳولا آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جي سهيرو هاڻي پنهنجن مظلوم اتحادين مٿان هڻي ڪري پاڻ کي صاف سيٿرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وڪي ليڪس هيئنر تائين نائين اليون جا راز فاش ڇو نه ڪيا آهن؟ ته اهي حملا ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ٿيا؟ ان ڪري وڪي ليڪس جو منظر عام تي اچڻ ۽ ان ۾ اتحادين کي کولي ڪري پيش ڪرڻ ۾ سڌو سنئون فائدو آمريڪا کي ٿي رهيو آهي. حميد گل جهڙن ڪردارن جا هاڻي اصل چهرا منظر عام تي ايندا جنهن ڪري پاڪستان جي ايجنسين کي نقصان ان ڪري ٿيڻو آهي انهن جا پيدا ڪيل انتهاء پسند اسٽيج تي آڻيندي يقينن قرباني جو ٻڪريو بڻايو ويندو. ڪجهه ڏينهن اڳ جنرل مشرف (ر) حميد گل لاءِ سافٽ ڪارنر ڏيکاريو ان مان محسوس ٿي رهيو هو ته جنرل مشرف (ر) جي هيڏي وڏي ڪلابازي مطلب تي پردي پٺيان ڪجهه ٿي پيو.

هاڻي سڀئي ريٽائرڊ آرمي آفيسرز هڪ ٻئي جي سپورٽ ڪندا ۽ پاڻ کي ليبرل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. حميد گل جي ڪردار جي حوالي سان ڪير به ٿو ڄاڻي ته هن ڪشمير ۾ مجاهدين جون ڪئمپون هلايون ۽ شهيد پنڪيءَ جي خلاف اوسامه بن لادن کان پيئسه وٺي ڪري ان جي حڪومت خلاف مهم هلائي. حميد گل جا انتها پسند جا واسطا ئي نه پر هن انهن جو جوڙيو آهي. وڪي ليڪس حميد گل لاءِ جيڪو ڪجهه چيو آهي ان مان محسوس پيو ٿئي ته آمريڪا پنهنجي جنگ جي ناڪامي جو ناڪام تاج پاڪستان ۽ اتحادين مان پاريندي ريٽائرڊ پاڪستاني آرمي آفيسرز کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندي. حميد گل جي روپ ۾ شروعات ٿي چڪي آهي.

چوندا آهن ته چاندي رات هميشه ناهي هوندي ڪڏهن ته ان جو اختتام اچڻو آهي. هاڻي حميد گل ۽ مشرف جهڙن ڪردارن جي چاندي رات پڄاڻي تي اچي بيٺي آهي.
Daily News Analysis Published in Daily Ibrat Newspaper on December/02/2010