Sunday, November 28, 2010

Unknown dead Bodies! Are they Unknown Dead Bodies?

Long way!

گمنام لاش! ڇا گمنام لاش آهن؟

وينگس


چوڪ تي لاش ڪنهن جو آهي؟

ماڻهن جون اکيون سڄاڻيندي به اڻڄاڻائي جو مظاهرو پيون ڪن!

ڇو نه ٿا اقرار ڪن ته

هي لاش مير جو آهي،

اهي سڀ اڻڄاڻائي جو مظاهرو ڇو پيا ڪن؟

۽ تون اڻڄاڻائي ڇو پئي ڪرين،

تنهنجيون اکيون پوليس واري کي نه پيون ڏسن،

جيڪو رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته هي لاش گمنام لاش آهي،

ڇا ان جي اڳيان ڪير چئي سگهي ٿو ته هي لاش گمنام ناهي؟

رياست جي خوف ۾ ڪمزور اکيون سچائي کي سڄاڻڻ ۾ اڻڄاڻ ٿي وينديون آهن،

ائين جيئن لاش مٿان بيٺل هر ماڻهو جون اکيون ڪمزور اکيون آهن،

اهي ڪيئن چئي سگهن ٿيون ته هي لاش گمنام ناهي،

اسان ڪيترائي جنازا گمنام لاشن جي نالي تي کنيا آهن،

اڄ وري ٻيهر مير جو لاش ڪلهن تي ڏنو ويو آهي،

گمنام لاش جي نالي تي،

پر تون، مان ۽ ڌرتي سڀئي ڄاڻيون ٿا ته

هي لاش گمنام ناهي ... لاش گمنام ڪيئن هوندا آهن؟

بس اسان جون اکيون گمنام ٿي وڃن ٿيون،

لاش ڪڏهن به گمنام ناهن ٿيندا،

ها! مير جو لاش گمنام ناهي. (هلينا)


ڪيتري عرصي کان پوءِ مون ڏانهن هلينا هي نظم لکي موڪليو هو جتي هن ڀيري ان مون ڏانهن هي لکي موڪليو ته اڄ مان هي ٻه لفظ پنهنجي اندر مان لکيا آهن جي تون پڙهڻ چاهين ته.
جنهن وقت مان هي نظم پڙهي رهي هئس ان وقت بي بي سي ريڊيو تي خبر هلي رهي هئي ته بلوچستان ۾ چار گمنام لاش مليا آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي لاش ڌنار ڏٺا هئا، ڊاڪٽر جي رپورٽ مطابق ته انهن لاشن کي چار مهينا ٿي ويا آهن جنهن ڪري انهن جو گوشت به ڳري ويو آهي، ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ته هي لاش ڪنهن جا آهن.
عيد واري ڏينهن تي مون کي فون آيو هو ته بلوچستان ۾ پنج missing people جا لاش هٿ آيا آهن جن ۾ هڪ صحافي حميد لالا بلوچ جو آهي ۽ چار لاش گمنام آهن.


انهن خبرن جي ماحول ۾ مون کي هلينا مسلسل ياد اچي رهي هئي. ۽ مان سوچي رهي آهيان ته رياستي شهرين جا پنهنجي ئي ڌرتي تي لاش گمنام ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ هي مرندڙ ماڻهو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ قتل ناهن ڪيا ويا، اهي پنهنجي ئي گهر اندر قتل ڪيا ويا آهن ان جي باوجود به رياست ڪيئن آرام سان انهن کي گمنام لاشن جا نالا ڏئي سگهي ٿي؟
اهي سڀ هي ڪم ڪيترو نه آساني سان ڪري رهيا آهن؟
هن رياست (ڪالوني) ۾ انسانن جو قتل جانورن کان به سستو ٿي رهيو آهي. چئن ماڻهن جا چار مهينا لاش پيل رهيا ۽ ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ته اهي لاش ڪنهن ڦٽا ڪيا آهن؟ انهن لاشن سان ورتاءُ جانورن کان به ڪريل ڪيو ويو.

هتي مان انسانيت جي حس ختم ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪيستائين انسانيت کي ائين قتل ڪري انهن کي جانورن جي کائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويندو؟ ڇا اسان جي دور جي انسان ناانصافي محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي؟ ڇا انهن جو اندر کي محسوس نه ٿيو ته هي چار لاش گمنام ناهن. اتي ئي گمشده ماڻهن جي قتل جي خبر جن کي پڻ گمنام لاش جو نالا ڏنا ويا سواءِ هڪ صحافي جي جنهن کي گمنام لاش جو نالو نه ڏئي سگهيا. گمشده ماڻهن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي جن لاءِ چيو ويو ته missing people ملي نه ٿا سگهن. پوءِ عيد تي پنجن ماڻهن جي لاشن جو تحفو بلوچستان کي ڪنهن ۽ ڪهڙن هٿن ڏنو آهي؟ هر انسان جو لاش ۽ پاسي کي چِٽ لکي وڃي ٿي ته هي لاش گمنام لاش آهي، اهي لکندڙ هٿ ڪمزور هجن ۽ انهن جي من ۾ درد کي محسوس ڪرڻ جي سگهه نه هجي جيڪي آرام سان ٻين جي پيارن کي گمنام جي پرچي ۾ گم ڪري ڇڏي ٿا.

انهن جا گهر ۽ پيارا بلوچستان جي ڪنهن غريب گهر ۾ رهن ٿا جيڪي اڄ به انتظار ۾ آهن ته اهي واپس ايندا. پر انهن کي ڪير وڃي ٻڌائي سگهندو ته رياست انهن کي گمنام لاشن جي جهان ۾ موڪلي ڇڏيو آهي.

بلوچستان لاوي جيان ٻري رهيو آهي، جتي هر پاسي کان باهه ئي باهه آهي، ان ٻرندڙ لاوي مان نڪرندڙ سڙيل لاش معصوم عوام جا آهن جن کي گمنام لاشن جا نالا ڏئي ڪري معاملي کي دٻايو پيو وڃي. اڄ مان هڪ سوال ڪرڻ چاهيندس ته گمنام لاشن مان انهن جي مراد ڪهڙي آهي؟ اهي سڀئي هن رياست جا شهري آهن جن جا گهر ۽ شناخت پڻ موجود آهي، انهن سڀني کي خبر آهي ته انهن جا جنازا ڪهڙي گهر کان کڄندا!

انهن جي گهرن تائين لاش پهچائڻ جي بجاءِ رياستي ادارا پنهنجي سُستي ۽ نااهلي ڪري انهن لاشن کي ڪهڙي بنياد تي گمنام پيش ڪن پيا؟ ڇا رياستي ادارن کي خوف آهي ته جيڪڏهن انهن اصليت پيش ڪئي ته انهن جي ڪمزوري ۽ ناانصافي پڌري پٽ ظاهر ٿي پوندي؟ پنهنجو پاڻ کي گمنامي نالي هيٺ لڪائيندي آخر معصوم عوام کي تڪليف ڇا لاءِ پهچائي رهيا آهن؟ مون ڏانهن هڪ اڻڄاڻ آف لائين ميسيج موڪلندي چيو ته آخر بلوچستان ۾ مرندڙ بلوچي ئي گمنام لاش ڇا لاءِ آهن؟ هتي ٻاهرين صوبي جا ماڻهن مرن ٿا، پر انهن کي گمنام لاش نه پيو چيو وڃي بلوچ پنهنجي گهرن ۾ قتل ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي ئي گمنام لاش چيو وڃي ٿو. ائين ڇو آهي؟

بلوچستان ۾ اسٽبلشمينٽ گهڻي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ان جي موجودگي ۾ گمنام لاش رستن تي ڪيئن ملي سگهن ٿا ۽ چئن مهينن تائين لاش بيابان ۾ پيل رهن ٿا، پر انهن مٿان ايجنسين جي نظر نه ٿي وڃي؟ اهو سڀ ڪيئن ممڪن آهي؟ ۽ ان آف لائين ميسيج ۾ سچ ئي لکيو ويو ته پنهنجي ڌرتي تي قتل ٿيندڙ بلوچي گمنام ۽ غير بلوچي جي سڃاڻپ موجود آهي، ائين ڇو آهي؟ اسان هي سوال رياست کان ئي پڇڻ چاهينداسين ته رياستي شهري گمنام ڪيئن هوندا آهن.

اها حقيقت ڪڙي گوري جيان آهي جنهن کي ڪير به نڙيءَ مان ڪڍڻ لاءِ تيار ڪانهي انهن ۾ سگهه ئي ڪانهي جو اهي تسليم ڪري سگهن. پنهنجي ڌرتي تي قتل ٿيندڙ معصوم انسان ڪڏهن به گمنام ٿي نه ٿا سگهن، بس رياستي ادارن جون ڪمزور حڪمت عمليون پاڻ کي گمنام نالي هيٺ لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.

جڏهن ته اسان سڀئي ڄاڻيون ٿا ته هي لاش گمنام ناهن. بس اسان جي اکين آڏو ڏني ويل پرچي غير انسانيت ڪمن ۽ ناانصافي مٿان پردو رکڻ جي ڪوشش آهي.

جن بلوچن جي لاشن کي گمنام ڪري مٽي جي چادر پارائي وئي آهي انهن جي گهر ڀاتين کي ڪير ٻڌائي اچي ته انهن توهان جي پيارن کي ڪفن گمنام لاش جي نالي تي ڏنو آهي، رياست ڪفن ته ڏنو پر گمنام پرچي جي ملڻ کانپوءِ مظلوم انسانن کي دفنايو ويو آهي. اهي لاش جيڪي گمنام نه هئا، پر گمنام ڪيا ويا.


Published in Daily Ibrat newspaper on November/29/2010

Thursday, November 25, 2010

Letter From Scholar& Writer Ghulam Ali Allana - G.A. Allana.

Well-Known Scholar & Writer of Sindh (Province-Pakistan) Mr. Ghulam Ali Allana has responded at my Section ( A Truth) Daily News Analysis publishes in Daily Ibrat.

His published letter on 26th November2010, is going to share with all of you.



Thursday, November 11, 2010

Ban on newspaper by PTA!

The Baloch Hal
سچ کي دٻائي نه ٿو سگهجي!!!

وينگس.

هي ملڪ ڪنهن جو ۽ ڪنهن لاءِ آهي؟ اسان هي سوال پردي پٺيان ۽ اڳيان وارن کان پڇڻ چاهيون ٿا ته آخر ڪيستائين اهي غير انساني ۽ غير جمهوري عملن سان سچ آڏو بند رکي عوام جي حقن مٿان لت رکندا رهندا.

اسان پڇڻ چاهيون ٿا هي رياست ڪهڙي مقصد لاءِ حاصل ڪئي وئي؟ اسان وڏو فلسفو نه پيا پڇون هي سادو سوال آهي، جتي سچ ڳالهائيندڙ کي سرعام ڦٽڪا ۽ انهن جي وات تي بندش جون پٽيون هڻي، ڳالهائڻ کان روڪيو پيو وڃي. هي ساڳئي ڪيرت جاري آهي، هن ۾ ڪٿي به روڪ ناهي اچي سگهي، اسان سمجهيو هوس ته اهڙيون بندشون ۽ سزائون صرف جنرل ضياء جي پيروي ڪندڙن جون حرڪتون آهن. پر جنهن حڪومت جو وجود ئي معصوم اڳواڻن جي شهادتن کان پوءِ آيو هجي، جنهن حڪومت کي وقت شهيد پنڪي جي بَلي وٺڻ کان پوءِ مليو هجي. ان حڪومت ۾ عوامي آواز تي بندش کي ڇا سمجهجي؟

اسان جي ڪنن تي رڙيون ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ جنهن نعري تي عوام کي ڀرم آهي، انهي نعري کي ڀورا ڀورا ڪرڻ مان ڪهڙي مراد آهي؟ اسان ڇا سمجهون ته هن رياست (ڪالوني) ۾ سچ ۽ حق گهرڻ گناهه آهي؟ مظلوم عوام چاهي ڇا پئي؟ ڇا عوام کي بنياد حق ڏيڻ جي جاءِ تي انهن مٿان بند ڏيڻ انصاف ۽ جمهوريت آهي؟
اسان کي افسوس آهي اهي قدم جن جي مخالفت عوام ۽ ايم آر ڊي تحريڪن ۾ پ پ پارٽي ڪئي اڄ ان جي حڪمراني ۾ ساڳيا قدم ورجايا پيا وڃن.

اسان سڀئي سمجهون ٿا ته سچ جي اڀرندڙ لهرن کي ڪا به قوت روڪي نه ٿي سگهي، درحقيقت روڪندڙ قوت پنهنجو پاڻ ئي انهي لهر ۾ لڙهي ويندي. هڪ روايت رهي آهي جو غير آئيني ۽ غير جمهوري قوتون پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، اهڙي طاقت جنهن جو بنياد ئي ڪچو هجي. ڪچي چوڙيءَ جيان جهٽ پل ۾ ڀڄي ڀورا ٿي ويندو آهي. سچ هزار آيل پهرن کان پوءِ به هڪ ڏينهن سج جي ڪرڻي جيان اوندهائي مان منهن ڪڍندو آهي. هن ملڪ ۾ مسئلو هي ناهي ته هتي مظلوم قومن کي حق نه پيا ڏنا وڃن، مسئلو هي آهي جو هتي عوام تائين درست ۽ صحيح انفارميشن نه پئي پهچائي وڃي، جنهن ڪري اڄ تائين جمهوريت پنهنجا پير کوڙي نه سگهي آهي، جيستائين اسان عوام تائين سچ نه پهچائينداسين اوستائين ڪيئن عوام بهتر فيصلو ڪري سگهندي.

عوام کان اصل حقيقتون لڪايون ويون آهن، بنگلاديش وقت به انهن اهي ئي حرڪتون ڪيون ۽ عوام کي غلط انفارميشن ڏيندا رهيا، سچ ائين نه هو جيئن هو عوام کي ٻڌائي رهيا هئا. وقت ڪروٽ اهڙو ورتو جو سچ پنهنجو روپ ئي بنگلاديش ۾ ورتو، ۽ هن رياست جي عوام سان گڏ سڄي دنيا جي اکين ڏٺو ته انهن ڇا چيو پئي ۽ بنگال اندر ڇا ٿي رهيو هو؟ هاڻي ساڳي حڪمت عملي بلوچستان ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي، هر خبر تي بندش ۽ عوام کي غلط انفارميشن ڏني پئي وڃي، عوام کي ٻڌايو پيو وڃي ته بلوچستان ۾ بهتري آهي، حقيقت انهن سڀني کان مختلف آهي، بلوچستان ٻري رهيو، جتي مسئلي کي ميڊيا تي کڻي ڪري حل ڳولهڻ گهرجي، ان جي ابتڙ عوامي آواز تي بندش هنئي پئي وڃي.

اهڙي بندش پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA ) دي بلوچ هال تي هڻندي ان کي اينٽي پاڪستان قرار ڏنو آهي. جڏهن ته اخبار جو چيف ايڊيٽر ملڪ سراج اڪبر چيو آهي ته دي بلوچ هال واحد انگريزي اخبار آهي جيڪا برابري سطح تي بلوچ عوام جي موقف، انهن جي مسئلن کي رکندي بلوچستان جي وزير اعليٰ ۽ ملڪ جي حڪمرانن کي برابر طور تي هاءِ لائيٽ ڪندا رهيا آهيون، اسان جي ايڊيٽوريل پاليسي به گهڻي حد تائين ڪمپرومائيز واري رهندي آئي آهي. ان جي باوجود به دي بلوچ هال تي بندش هنئي وئي آهي. دي بلوچ هال جي بندش جي عمل جي مخالفت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت کي ضرورت آهي ته اهي 1973 آئين کي ياد ڪن جنهن ۾ اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن تي ڳالهايو ويو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جنهن پارٽي جي ڪک مان 1973 آئين جنم ورتو هجي اڄ انهي پارٽي جي حڪومت هيٺ 1973 آئين جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن حڪومت غير جمهوري عملن کي جاري رکيو ته ان جو نقصان پارٽي کي ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ اهي هٿ جيڪي پردي پٺيان آهن، اهي سمجهي رهيا آهن ته سچ تي بندش هڻي، سچ کي روڪي سهگجي ٿو. پر اهي ڇو وساري ويٺا آهن ته هڪ ڏينهن سچ ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پوندو جنهن کي ڪير روڪي نه ٿو سهگي.
دنيا ۾ هڪ ڪم نه ٿو ٿي سگهي اهو هي ته سچ کي دٻائي نه ٿو سگهجي. حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته بلوچستان مسئلي جو حل غير جمهوري عملن سان حل ٿيڻ جي بجاءِ الجهندو ويندو، مسئلي کي حل ڪريو نه وري الجهايو. بهتر جمهوريت صرف درست انفارميشن تي قائم ٿي سگهي ٿي. ڇا واقعي ۾ به اهي هٿ هن رياست ۾ جمهوريت چاهين ٿا؟
Published in Daily Ibtrat (Section Daily News Analysis) November/12/2010

Wednesday, November 10, 2010

Leave my anguish in inner!!!

I don’t know,
After long time, I have picked up pen,
And taken look at plain page,
Plain page,
Where no single letter, has been written on it,
I am thinking of,
What should I write?
How could I be preserved?
My inner anguish on page,
I know, you have left world,
And thinking of you,
Now, you never come in my room,
Open my writings,
When you were found my childish writings,
Today, my pain converts into anguish,
Needs to be written,
Oh…but … Am thinking,
You are not here to read,
Neither plain page can be bore my anguish,
Nor you to be seen,
Ah … Just leave … remain page as plain as It is,
Leave my anguish in inner………!
(Helena)
Published on November/11/2010.

Journalist of world, Unite! – II.


A Beautiful Voice!
Veengas.

I wrote about Arundhati Roy in July of this year. Roy who is passionate about the rights of the down trodden and was condemned by her government and others with vested interests for writing about Moist “Walking with Comrades”.

The writes and human rights activist is again in trouble with the Indian government. She has voiced the plight of the Kashmiri people and has bluntly stated that the valley is not an integral part of Indian.

Her voice is beautiful which peaks for the oppressed people anywhere in the world. She is ready to put her personal safety at risk to he the spokesperson for those coerced into subjugation.
And like many of her kind her sympathies for the poor and oppressed do not know boundaries. She is the blood relative of any body who is subjected to tyranny; she is ready to stand up for the victim and against the tyrant.
She went to Kashmir and made a speech there condemning the atrocities of the Indian government. New Delhi has accused her of trying to incite Kashmir against Indian occupation.

On October 26, 2010, she wrote form Srinagar saying that the news was that she may be arrested on charges of sedition. Roy claimed that what she had said was that has been said by countless men and women with conscience for ages. She has done nothing more than calling for justice with the people of Kashmir. She chided the Indian government and wrote: “Pity the nation that needs to jail those who ask for justice while communal killers, mass murderers, scamming corporations, looters rapists and those who prey on the poorest of poor, roam free.”
It is not the fist time that she has been so threatened. Every time the Indian government wants to jail her, the freedom loving people of the world protest and the Indian government back downs.
This time too the government after sending feelers found opposition to her arrest and finally said it was not arresting Roy.

She will draw attention when President Obama visits India. But Roy is the kind of problem that will not go away even after the US president’s visit. She is the kind of threat that will always worry the Indian government.

She is not alone. She has influence and her voice for the downtrodden and enslaved people throughout the world, is resounding with many in the Indian society.
While the governments for Pakistan and India are playing politics with rights of Kashmiris and each country wants to annex the valley, Roy is saying to both countries that let the people there decide what they want. It is their decision; if they want to join one of the two to join one of the two countries, well and good. But if they want to be independent, accept their will.

The task she has undertaken is huge and she is facing as great an opposition. The current support around the world is welcome but it may not be enough. Like many activists of her kind, there are always threats to her life, conspiracies are hatched to render her ineffective, and efforts are made to distract her from her mission. Men and women like are the pride of the humanity loving intellectuals. Such as she is, is always a solace of people with conscience. But such as she is, is always a great source of uneasiness to those whose rise in wealth and position depends on stealing the meager earnings of the suppressed. Her life will always be a threat to those who usurp the rights of people.

We the journalists have to show our support for her loudly, forcefully and in no uncertain terms to make sure that her beautiful voice which sings of human happiness in not silenced.

Published in “The Frontier Post” on September/07/2010.

Sunday, November 7, 2010

American Elephant In Indian- house!




ڪمري ۾ هاٿي!!!

وينگس

--------------------------------------------------------------------------------





”Elephant in the room“ جو ايس ايم ايس ڪندي منهنجي دوست لکيو ته هينئر هڪ هاٿي اچي رهيو آهي، ۽ انڊيا جي هڪ مئگزين انهي عنوان سان مسٽر اوباما تي ڪالم به لکيو آهي. منهنجي دوست وڌيڪ لکندي پڇيو ته هاڻي تون ڪيئن سمجهين ٿي ته هو انڊيا ڇا لاءِ اچي رهيو آهي؟ منهنجو جواب صرف ايترو ئي هو ته اوباما حڪومت ۾ پارٽيز اٽينڊ ڪرڻ ۽ گهمڻ لاءِ ناهي آيو، ان کي وائيٽ هائوس جي مفادن جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ وائيٽ هائوس جي حدن کي هر هنڌ وڌائڻو آهي.

منهنجي دوست جي ايس ايم ايس کانپوءِ مان مسلسل سوچندي رهيس ته آخر اوباما پاڪستان ڏانهن ڇو ناهي اچي رهيو؟ هڪ اهڙو ملڪ جيڪو انهن جي مفادن جي جنگ ويڙهي رهيو هجي، هڪ اهڙو ملڪ جيڪو انهن جي اڻ اعلان طور تي ڪالوني بڻيل هجي. ها پاڪستان انهن جي هر جنگ ۾ مضبوط سهارو آهي. هيڏي ساري اهميت رکڻ جي باوجود به اوباما پاڪستان ڏانهن ناهي اچي رهيو. جنهن مان صاف پيغام پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ کي ڏئي چڪو آهي ته پاڪستان جي حيثيت وائيٽ هائوس آڏو غير قانوني گهرواريءَ جيان آهي، جنهن کي پئسا ڏئي خوش رکي سگهجي ٿو پر سماجي سطح تي ان کي عزت ۽ مان نه ٿو ڏئي سهگجي. هاڻي واضح طور تي اوباما ايشيا ڏانهن دوري دوران پيغام ڏئي ڇڏيو ته پاڪستان جي حيثيت ڪيتري آهي؟ هونءَ به غلامن ڏانهن بادشاهه وري ايندا ناهن، انهن سان ڊيل ڪرڻ لاءِ بادشاهه جا وزير ئي ڪافي آهن ۽ پاڪستان کي ڊيل ڪرڻ لاءِ هليري ڪلنٽن آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وائيٽ هائوس پاڪستان کي هٿيارن لاءِ پئسا ڏئي خوش ڪري ڇڏيو. هڪ اهڙي ڪالوني جنهن آڏو رياست جي عزت کان وڌيڪ پئسن جي اهميت هجي، ان لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي؟
اوباما جي حڪومت پاڪستاني اسٽبلشمينٽ کي هٿيارن جي نالي هيٺ پئسا ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي. اسٽبلشمينٽ جي لائق اسپيڪر ميڊيا خاموش آهي، هاڻي ڪير به اوباما تي تنقيد ناهي ڪري رهيو ته آخر هن انڊيا دؤري دوران پاڪستان کي به پنهنجي فهرست ۾ ڇو نه رکيو؟

سوال هتي اِهو اُٿي پيو ته اوباما ايشيا جو دؤرو اهڙي وقت ۾ طئه ڪيو جڏهن G20 ميٽنگ ٿيڻ وڃي رهي آهي، ۽ اوباما اهي ملڪ دوري هيٺ رکيا آهن جن جو سڌو سنئون واسطو G20 ميٽنگ سان آهي. انڊيا جي حوالي سان دؤري کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي. بظاهر اوباما هينئر تائين دوري جي حوالي سان وضاحت ظاهر نه ڪئي آهي. جڏهن ته صرف هي ٻڌايو پيو وڃي ته هن دوري ۾ فوڪس اقتصاديات ۽ سيڪيورٽي سان گڏوگڏ دهشتگردي خلاف جنگ تي هوندو. هتي اسان اوباما جي دوري جو شيڊيول شيئر ڪندا هلنداسين جيڪو هن ريت آهي ته هن جو دؤرو انڊيا ۾ نومبر 6کان 9 ، انڊونيشا نومبر 9 کان 10 ، نارٿ ڪوريا نومبر 11 کان 12 ، G20 ميٽنگ نومبر 11 کان 12 ۽ جپان ۾ نومبر 13 کان 14 تائين آهي.

انڊيا ۾ ئي اوباما وڌيڪ عرصو وقت رهي رهيو آهي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته اوباما پردي پٺيان انڊين حڪومت سان ٻين معاملن تي پڻ بحث ڪندو. دلچسپ منظر ڏسڻ وٽان آهي ته اوباما جنهن پنهنجي چونڊ دوران ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته هن جي حڪومت خاص طور ڪشمير مسئلي تي آمريڪن نمائندو رکندي ته جيئن هي مسئلو حل ٿي سگهي، ان سان گڏوگڏ هن فلسطين مسئلي کي به کنيو. ان ۾ شڪ ناهي ته اوباما مظلوم قومن جي مسئلن کي کڻندي گهڻي شهرت حاصل ڪئي، انهن مسئلن تي هن طرفان ڪم ڪهڙو ڪيو آهي؟
انڊيا دوري دوران هن جي ڪنهن به ايجنڊا ۾ ڪشمير جو مسئلو سرفهرست ناهي. اوباما جو دؤرو ڪهڙي سبب آهي؟ ان جي پٺيان يقينن سبب آهن جن مان اهم اشو هي آهن ته G20 ميٽنگ ٿيڻ وڃي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا پنهنجي مفادن وٽان ايجنڊا ڪامياب ڪرڻ چاهيندو، ايشيا ۾ ان جي آڏو چائنا ۽ انڊيا آهي. جيڪڏهن اسان کي ياد هجي ته انڊيا گذريل ميٽنگ ۾ چائنا جو ساٿ ڏيندي آمريڪا جي مخالف ڪئي. هاڻي جڏهن اوباما ڪمزور پوزيشن ۾ آهي ته نيو ورلڊ آرڊر ۾ چائنا اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ايندڙ G20 ميٽنگ ۾ آمريڪا جي پوزيشن ڪمزور ٿئي ٿي ته ان جو سڌو نقصان اوباما حڪومت کي ٿي سگهي ٿو. انهي ڪري اوباما پنهنجي دوري جو گهڻو وقت انڊيا ۾ رهندي، انڊيا جي سپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهي ٿو.

ان سان گڏ اوباما جي ايجنڊا ۾ آهي ته ايران کي ڪيئن ڪمزور ڪجي؟ جنهن لاءِ اوباما يقينن انڊين حڪومت مٿان دٻاءُ رکي سگهي ٿو، ته اهي ايران کي سوڙهو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ته جيئن ايران پنهنجا قدم ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ڏانهن وڌائي نه سگهي. جڏهن ته ايران پنهنجا دوستاڻا قدم افغانستان ۽ چائنا ڏانهن وڌائي رهيو آهي. جيڪڏهن ايران پنهنجي سپورٽ ڏکڻ ايشين ملڪن کان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته پوءِ آمريڪا لاءِ ڏکيائي پيدا ٿي سگهي ٿي. ۽ ايران تي آساني سان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي حاصل ٿيندي. اوباما جو دؤرو دهشتگردي خلاف جنگ تي گهٽ پر چائنا ۽ ايران جي وڌندڙ ڪنٽرول کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

انڊيا سائوٿ ايشيا جي ملڪن مان واحد اهڙو ملڪ آهي جنهن جو ڪردار اهم آهي. اوباما جي گهڻي ڪوشش هوندي ته هو پنهنجي لڪيل ايجنڊا حاصل ڪري سگهي. ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اوباما هن دوري دوران عدم تشدد جي فلسفي کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ دلچسپي رکي پيو، هن جو يقين آهي ته دنيا ۾ امن عدم تشدد ذريعي قائم ڪري سگهجي ٿو.
اوباما جي عدم تشدد فلسفي جي تي تقرير لفظن جي بهترين جوڙ جڪ ٿي سگهي ٿي پر ان جي روح ۾ ڪٿي به عدم تشدد جي سچائي نه هوندي، هڪ اهڙو شخص عدم تشدد تي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي، جنهن جي حڪومت ۾ ڊرون حملا، اڳوڻي بش حڪومت کان به وڌيڪ ٿيندا هجن، جنهن افغانستان ۾ وڌيڪ فوج موڪلي هجي، جنهن اسرائيل جي سپورٽ ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن توهان منهنجي گهر تي راڪيٽ سان حملو ڪندؤ ته پوءِ مان ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻندس. مطلب هڪ قتل جي خلاف اسرائيل غزه شهر تباهه ڪري ته اهو ان جو حق آهي!!!

اوباما وري پنهنجي چونڊ دوران "Change" جو نعرو بلند ڪندي، پاڻ کي مارٽر لوٿن ڪنگ II جو پوئلڳ ظاهر ڪيو هو. پر اوباما جا خوبصورت لفظ صرف سکڻا لفظ ئي ثابت ٿيا جن جي اندر سچائي ڪٿي به ناهي. هڪ اهڙو اڳواڻ جنهن جي رڳ رڳ ۾ سرمائيدارن لاءِ وفاداري ڊوڙي رهي هجي اهو عوامي حقن جي ڳالهه ڪهڙي حيثيت سان ڪري سگهي ٿو؟ عدم تشدد تي اوباما جي تقرير بهترين ٿي سگهي ٿي ۽ انڊين امير طبقو خوش به ٿيندو. اتي ئي هڪ مظلوم طبقو به آهي، جنهن جون اکيون اوباما جي من ۾ موجود کوٽ کي ڏسي سگهي ٿو. ائين ئي آهي ته هڪ هاٿي ڪمري ۾ اچي ڪري پنهنجا جلوه ڏيکاريندو، ۽ ڪمري ۾ موجود تماشائي هاٿي کي خوشي وٽان تاڙيون وڄائي داد ڏيندا. ائين ئي انڊين ڪمري ۾ وائيٽ هائوس جو هاٿي آيل آهي، جنهن جي هر قدم تي انڊين امير طبقو خوش ٿي ڪري داد ڏيندو رهندو.
اوباما جي لاءِ ”ڪمري ۾ هاٿي“ واري سٽ استعمال ڪئي آهي، اها پنهنجي جاءِ تي وڌيڪ اهم آهي. ڇاڪاڻ جو هن دوري دوران اوباما انڊين حڪومت جي ڪلهي تي بندوق هلائي سائوٿ ايشيا ۾ اڀرندڙ طاقتن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

ڇا ان ۾ هو ڪامياب ٿي سگهندو؟ ۽ انڊين حڪومت پاڻ کي ائين استعمال ڪرڻ ڏيندي جيئن وائيٽ هائوس جي من ۾ آهي؟
مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟ ان جي وضاحت جلد ٿي ويندي. پر هلندڙ وقت ۾ انڊين ڪمري ۾ وائيٽ هائوس جو هاٿي آيل آهي، جنهن جي ناٽڪي ڪرتبن تي امير طبقو جهمريون پائيندو.
Published in Daily Ibrat 11/7/2010

Tuesday, November 2, 2010

A Beautiful Voice! Arundhati Roy.

Long way
خوبصورت آواز!!!

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------




”توهان اسان کي ايستائين ذبح نه ٿا ڪري سگهو جيستائين اسان وٽ خوبصورت آواز موجود آهن“.(هلينا)

دنيا ننڍڙي آهي پر ان اندر مسئلا گهڻا ئي پيچيده آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ صرف ۽ صرف نيت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان جا حڪمرانن پاڻ کي زمين تي خدا سمجهڻ ڇڏي ڏين ته ڪيترو نه بهتر ٿي پوي، ۽ اهي انسانيت لاءِ ڪم ڪرڻ لڳندا، انهن کان سادا ننڍڙا ڪم نه ٿا ٿين.
انهن کي شوق آهي ته اهي مشڪل ۽ غير انساني ڪم ڪن، دنيا کي انهي ڪري ئي انهن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ گهڻا طبقا غلامي جا آهن، موجوده وقت ۾ به عوام آزادي جي گهُرُ ڪري رهيو آهي، انهن ملڪن کان جن پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، پر آزاد ٿيڻ کان پوءِ انهن ٻين کي غلام ڪري ڇڏيو آهي. شايد انهن هينئر تائين آزادي جو اصل مفهوم ۽ ان جي خوبصورتي کي نه سمجهيو هجي، جي اهي ان کي سمجهن ها ته اڄ ٻين کي غلام نه بڻائين ها.
انسانن کي غلام رکڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو انسان جانور ناهن، جن کي ڳلي ۾ رسو وجهي غلام بڻائي رکو، انسان ناانصافي ۽ غلامي خلاف ويڙهه ڪندڙ سماجي جانور آهي، ان کي آساني سان مفادن جي جيل ۾ قيد نه ٿو رکي سگهجي. يقينن ان ويڙهه ۾ ڏکيائي وارو مرحلو هي اچي ٿو جو غلام رهندڙ طبقي جو مقابلو هڪ رياست سان هوندو آهي، ظاهر آهي غلام طبقي وٽ رياست جهڙي مشنيري ٿي نه ٿي سگهي، پر رياست وٽ اهي آواز نه ٿا ٿي سگهن جيڪي غلام طبقي وٽ هوندا، ڪجهه اهڙا آواز جيڪي سڄي معاشري کي ڌوڏي سگهن ٿا، جن جو پڙلاءُ صدين تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

تاريخ جي سيني ۾ گوجندڙ اهي خوبصورت ترين آواز جن جي هر صدا ۾ ناانصافي کي نندڻ جو سڏ آهي، جنهن ۾ چڪور جهڙو جنون آهي. رياست جنهن کي پنهنجن وڏن ۽ قميتي هٿيارن تي فخر هوندو آهي اتي مظلوم طبقي کي پنهنجن خوبصورت آواز تي ڀرم ۽ مان هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي ئي آواز دنيا جي ستل ضمير کي جاڳائي سگهن ٿا. ۽ ويڙهه جي نغارن ۾ جوش ۽ انقلابي سپاهين کي حوصلو ڏين ٿا.
جنهن ڪري مون کي هلينا جي مٿان سٽ ياد آئي. سچ ئي آهي جو خوبصورت آوازن ئي جدوجهد جي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي ويڙهه کي تيز ڪندا رهيا آهن.
اهڙن آواز لاءِ اسان تاريخ ۾ قصا ۽ واقعا پڙهيا آهن، مون هميشه هي سوچيو هو ته ماضي جتي اسان کي غلام طبقا اڪثريت ۾ ملن ٿا اتي انهن وٽ خوبصورت آواز به هئا، اڄ جتي اسان وٽ غلامي جا طبقا آهن اتي خوبصورت آواز ملڻ محال آهي، خوبصورت آواز رکندڙ کي ڪشالا به گهڻا ڪڍڻا پون ٿا.

مان ان وقت غلط ثابت ٿيان ٿي جنهن وقت مون آڏو اسان جي پياري ارونڌتي راءِ جو آواز موجود آهي، جنهن Walking with Comrades لکي ڪري انڊيا جي امير طبقي ۽ حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪالم ۾ ارون پنهنجي خوبصورت آواز سان جتي مائوسٽ تحرڪ کي حوصلو ڏئي ٿي، اتي انڊيا جي حڪمت عملين کي ڌوڏي ٿي. ارون ان وقت به مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿي، جنهن دوران ارونڌتي کي قتل ۽ گرفتار ڪرڻ جو ڌمڪيون ملنديون رهن ٿيون. پر اهي ارونڌتي کي ڪمزور ڪري نه سگهيا، جنهن جي جواب ۾ ارونڌتي راءِ چيو ته ”اهي مونکي ڀل اچي گرفتار ڪن، مون کي پرواهه ڪانهي“.

هڪ رياست جا ناڪاره هٿڪنڊا ارونڌتي راءِ جي آڏو ڪمزور ٿي وڃن ٿا، انکان پوءِ ارونڌتي وري ٻيهر پنهنجو آواز بلند ڪندي ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي چوي ٿي ته ”ڪشمير انڊيا جا اٽوٽ حصو ناهي“. ارونڌتي راءِ سري نگر، ڪشمير مسئلي تي تقرير ڪري انڊيا حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري انڊين حڪومت ارونڌتي راءِ مٿان بغاوت ڪيس هلائڻ لاءِ سوچي رهي هئي، جڏهن ته هينئر تائين خبرن مطابق انڊين حڪومت بغاوت ڪيس نه هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

مائوسٽ تحريڪ جي سپورٽ کانپوءِ ارونڌتي راءِ انڊيا کي ڪشمير مسئلي تي ڪيل تقرير تي وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿي. ارونڌتي راءِ پنهنجي ڪيل تقرير تي بيان جاري ڪندي چيو ته ”مان جيڪو ڪجهه چيو اهو لکين ماڻهو روز چون ٿا، مان جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو سالن کان مبصرين لکندا اچن ٿا، جيڪڏهن ڪوئي شخص منهنجي تقرير پڙهڻ جي زحمت ڪري ته ان کي ڄاڻ پوندي ته اها بنيادي طور تي انصاف جي اپيل آهي. مان جو چوان ٿي ته محبت ۽ فخر سان جذبي سان تحرڪ وٺي ٿو.“

ڪشمير مسئلي تي جيڪو ڪجهه ارونڌتي راءِ چيو آهي، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي؟ ڪشمير مسئلي کي انڊيا ۽ پاڪستان طرفان مذهبي رنگ ڏنو ويو آهي، ۽ ان ۾ اناپرستي جو عنصر به شامل آهي. جڏهن ته ڪشمير صرف ڪشميرين جو آهي، جنهن تي ڪنهن به ٻئي قوت جي حڪمراني ڪرڻ جو جواز ئي نه ٿو بڻجي.

ارونڌتي راءِ ڪشمير مسئلي تي سچ ڳالهائيندي، انڊين حڪومت جي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي، ۽ ان انصاف جي گهُرَ ڪندي رهي آهي. انڊيا ۾ هلندڙ تحريڪن جي خوشقسمتي آهي جو انهن وٽ ارونڌتي راءِ جو خوبصورت آواز آهي، جيڪو وقتي ناهي، پر هڪ اهڙو آواز جيڪو هر وقت متحرڪ ۽ جدوجهد ۾ رهي ٿو.

پاڪستان ۾ اسٽبلشمينٽ جي وفادار ڪردارن ارونڌتي راءِ تي گهڻي تعريف ڪئي آهي، انهي ڪري نه ته ان مظلوم طبقي لاءِ آواز اٿاريو آهي، انهي ڪري جو ان ڪشمير کي انڊيا جو آٽوٽ حصو ناهي سڏيو. جيڪڏهن انهن کي ارونڌتي راءِ جو آواز ايترو ئي پسند آهي ۽ فوجي آپريشن جي خلاف آهن ته پوءِ بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن تي اُٿندڙ آوازن کي باغي ۽ اينٽي پاڪستان ڇا لاءِ سڏيو وڃي ٿو؟

پاڪستان ۾ مظلوم ۽ غلامي خلاف هلندڙ تحريڪن وٽ ارونڌتي راءِ جهڙو مستقل ۽ خوبصورت آواز ناهي، جيڪڏهن اسان وٽ به ارونڌتي راءِ هجي ها ته اڄ هوءَ گم شده ماڻهن سان گڏ پريس ڪلب تي ويٺي هجي ها ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن خلاف آواز اُٿاري ها، جيئن ان مائوسٽ ۽ ڪشمير مسئلي تي آواز بلند ڪيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪنهن حدتائين آواز اٿاريو ويو آهي، پر اهي سڀئي وقتي ۽ گهٽ مدت وارا آهن، پر ارونڌتي راءِ جو آواز مستقل ۽ ڊگهي مدت وارو آهي. انڊين حڪومت کي انهي ڪري پريشاني آهي جو ارونڌتي راءِ پنهنجي آواز کي جهڪو ڪرڻ جي بجاءِ انکي وڌيڪ متحرڪ ۽ مٿي ڪندي رهي ٿي.

۽ جڏهن جڏهن آزادي لاءِ ويڙهه ڪندڙن وٽ خوبصورت آواز هوندا آهن، انهن پنهنجي منزل کي حاصل ڪيو آهي. ائين ئي اسان وٽ برصغير جي خطي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ اڏيندڙ خوبصورت آواز، ارونڌتي راءِ جي روپ ۾ مليو آهي.

جنهن کي رياستي مشنيري قيد نه ٿي ڪري سگهي، ڇو جو خوبصورت آواز صدين تائين موجود رهي ٿو. ارونڌتي راءِ جنهن کي وري امير طبقي ۽ انڊين حڪومت تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي، پر اهي ارونڌتي راءِ جي آواز ۾ موجود سچ کي ڪيئن تنقيد جو نشانو بڻائي سگهندا؟ آخر ارونڌتي راءِ جي روپ ۾ انڊين حڪومت کي رام ڀڳوان جي ڳالهه ياد ڇو نه آئي آهي، جنهن چيو ته ڪرم ڪندو رهه! ۽ ارونڌتي راءِ به هر تان پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي ٿي. هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي آڏو مظلوم طبقي جي جيت ٿيڻي آهي، ڇو جو انهن وٽ خوبصورت آواز ارونڌتي راءِ جي روپ ۾ موجود آهن، افسوس هي آهي جو اسان وٽ جن وٽ مظلوم طبقا ته آهن پر ارونڌتي راءِ جهڙا خوبصورت ۽ جرتمند آواز ناهن .




Daily Ibrat November/02/2010