Thursday, October 21, 2010

Target & Killing!


هيءَ خوني راند ڪڏهن بند ٿيندي؟

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------


ڪراچيءَ جون حالتون خراب ڇو ٿي رهيون آهن؟ ان جي پٺيان ڪهڙا سبب آهن؟ مون اڳ ئي ٽارگيٽ ڪلنگ تي لکي چڪي هُيس ته هي سڄي گيمBlack mailing تي ٻڌل آهي، ڇاڪاڻ جو پوليس جو پاور پ پ پ وٽ آهي، ۽ هي پاور ڪراچي جي دادلن کان برداشت نه پيو ٿئي. جنهن ڪري انهن 2009 کان وٺي ڪري هي سڄي راند شروع ڪري ڏني آهي، جيئن موجوده حڪومت کي سوڙهو ڪري پوليس جا اختيار پاڻ وٽ حاصل ڪري سگهجن. تصوير جو ٻيو رُخُ هي آهي ته رحمان بلوچ جي شهادت کان پوءِ لياريءَ جون حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ۽ لياري ۾ آئي ڏينهن گينگ وار هلندي رهي ٿي، ان گينگ وار جو فائدو ٻيو گروهه وٺي رهيو آهي. هتي ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيندس ته ڪراچي اندر ڪهڙي ڌر عام ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهي آهي.

لياري جي هڪ نوجوان مون سان ڳالهائيندي چيو ته رحمان بلوچ جي گروپ کي اهي ٽوڙڻ چاهين ٿا، جيئن آساني سان لياري تي قبضو ڪري سگهجي، انهن نوجوانن کي پيئسن ۽ نوڪرين جي به لالچ ڏني آهي. ”اهي ڪير آهن“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو، مون ان کان وري ٻيهر پڇيو ته اهي مان مراد ڪهڙي آهي؟ هن مون کي ٻڌايو ته اهي ڪير آهن؟ هاڻي جڏهن کان رحمان بلوچ جي شهادت ٿي آهي ان وقت کان وٺي ڪري هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته رحمان بلوچ گروپ وچ ۾ ڌڙا ٺاهي، لياري جي طاقت کي ڪمزور ڪجي، جنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب به ويا آهن.
نوجوان پنهنجن گهنڊيدار وارن ۾ هٿ ڦري چيو ته ڪاش! رحمان بلوچ هجي ها ته اڄ لياري ويڙهه جو شڪار نه ٿئي هان.

ڪجهه اڳ مون سان هڪ ڊچ freelance journalist ملڻ آئي جنهن ڪراچي جي حالتن تي انٽرويوز ڪرڻ چاهيا پئي. هوءَ پهرين اي اين پي جي اڳواڻ شاهي سيد سان ملي جتي مون هڪ مترجم جي حيثيت ۾ ڪنهن ڪنهن جڳهه تي ان صحافڻ جي مدد پئي ڪئي. انٽرويو دوران شاهي سيد گهڻيون دلچسپ ڳالهيون رکندي ٽٽل انگريزيءَ ۾ چوندو رهيو ته توهان ايف آءِ آر کولي ڏسو ته توهان کي خبر پوندي هن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهڻا ڪنهن جا ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، قتل ٿيندڙن جو واسطو ڪنهن سان آهي؟ هو ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو ته پهرين جماعت اسلامي پارٽي ڪراچي ۾ هئي، جنرل ضياء جماعت اسلامي پارٽي ۽ خاص طور پ پ جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جو بنياد وڌو ۽ ساڳئي طرح سان ايم ڪيو ايم ۾ وري ڌڙا ٺهيا جن ۾ قادري گروپ سني تحريڪ جي نالي هيٺ ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي گروپ شامل آهن. انهن سڀني اڪثريت اردو آبادي ۾ آهي.

ان دوران صحافڻ مون ڏانهن ڪنڌ ورائيندي چيو ته what does it mean? مون جواب ڏيندي چيو ته lord of Karachi. ان مسڪراهٽ پاس ڪندي چيو ان جو مطلب ته پاور گيم. انهي دوران ايم ڪيو ايم جي لينڊ ريفارمس تي مون کان سوال ڪيو ته ان کي ڪيئن ٿي ڏسين؟ مون کلندي چيو ته گهڻو سٺو آهي، تبديلي اچڻ گهرجي پر انهن جو Karachi-lords جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڏيرا ۽ جاگيردار آهن ته پوءِ ڪراچي ۾ به ڪراچي لارڊ آهي. ان لاءِ به ترميم بل ڪير پيش ڪندو؟ ان تي اسان ٻنهي ٽهڪ ڏنا. مٿان اهي ڳالهيون آهن جيڪي ويجهڙائي ۾ ٻڌڻ لاءِ مليون.

ڪراچي وري ٽارگيٽ ڪلنگ جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن جي ردعمل ۾ صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جا بيان پڙهڻ جهڙا آهن، ڇاڪاڻ جو هو سڀ ڪجهه نه چوندي به سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿو. ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حملو ٿيو، ان حملي لاءِ ٻڌايو پئي ويو ته هن حملي جا گهڻن سببن مان ڪجهه سبب هي هئا ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪري پ پ پارٽي کي سوڙهو ڪجي، ٻيو عافيه صديقي تي نڪتل ريلي ۽ ان سان گڏوگڏ عمران فاروق جي قتل تان ڪراچي جي ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ ۽ عمران فاروق قتل رپورٽ کي بند ڪرائي سگهجي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جنهن ڏينهن عافيه صديقي جي حق ۾ ريلي هئي ان وقت آمريڪا جي سفير نائين زيرو تي وڃي عمران فاروق جي قتل تي condolence ڪرڻ وئي.

پر هن خوني راند کي فل اسٽاپ نه پيو اچي، هن کي اڃا اڳتي وڌايو پيو وڃي ان ڪري جو پ پ پارٽي مٿان وري پريشر رکي سگهجي، اين آر او ۾ صرف پ پ پارٽي ئي ناهي پر ان ۾ متحده به شامل آهي جنهن فائدو ورتو ، جيڪڏهن فهرست اڳيان ايندي ته ان ۾ صرف پ پ پ جا ميمبر ئي نه پر متحده جا به ميمبر وڃي سگهن ٿا انهي ڪري گورنر عشرت العباد پهرين استعفيٰ ڏني جنهن کي منظوري نه ڪيو ويو پر پ پ پارٽيءَ ڪور ڪاميٽي ميٽنگ سڏائي ورتي، ٻئي طرف مٿان وري ڪجهه مهينن کانپوءِ نوازشريف عملي طور تي سياست ۾ حصو وٺي سهگندو، 2011 ۾ ڪجهه مهينا ئي آهن، ايم ڪيو ايم پنهنجو پاسو ن ليگ ڏانهن ٺاهڻ پئي چاهي ته جيئن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي نه اچي وڃي.

هن ڀيري پ پ ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيڻ جنهن ۾ ڪراچي جي حالتن تي غور ڪيو ويو آهي، هي اجلاس اهم آهي ڇاڪاڻ جو رضاحيدر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ٽيئن ڏينهن تائين ڪراچي جون حالتون خراب رهيون ان وقت به پ پ پ ڪور ڪاميٽي جو اجلاس نه ٿيو هو، هينئر ان جو ٿيڻ گهڻا سوال اٿاري رهيو آهي ته ڇا واقعي ۾ پاور گيم جو سڪو تبديل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جنهن ڪري ايم ڪيو ايم پنهنجا پتا تبديل ڪري رهي آهي.

ٽارگيٽ ڪلنگ جي هڪ پاسي جتي ذاتي مفاد سياسي گيم ۾ حاصل ڪيا پيا وڃن. اتي ئي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ٻئي پاسي هي آهي ته هي ٽارگيٽ اينڊ ڪلنگ آهي، مطلب قتل ڪندڙ جنهن کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، ان کي سڀ خبر آهي، ۽ ٽارگيٽ ڪندڙ هٿن کي سپورٽ آهي جو اهي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ۾ اصل مالڪ ايم ڪيو ايم آهي، ان کان انڪار ايم ڪيو ايم پاڻ به نه ٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن ائين نه آهي ته ٻوڏ متاثرين واپس نه ٿين ها. ان جي باوجود به هڪ ڳالهه جيڪا گهڻي عام آهي اها هي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀتاخوري ۽ علائقي ۾ طاقت برقرار رکڻ آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان وٽ پوليس جو پاور هجي، جيڪو هن حڪومت ۾ پ پ پارٽي وٽ آهي. ان ڪري ئي متحده جو هر وقت مطالبو رهندو آيو آهي ته ڪراچي ۾ پوليس جا اختيار انهن کي ڏنا وڃن.

ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ اصل معاملو مال پاڻي ۽ پاور آهي، جنهن جي چڪر ۾ معصوم شهري قتل ٿي رهيا آهن.

بس هي هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ موجوده حڪومت تي پريشر رکڻ لاءِ آهي ڇاڪاڻ جو ٽارگيٽ ڪري ئي توهان ڪجهه مڃرائي سگهو ٿا جيڪو ڪجهه توهان کي گهرجي.

Daily Ibrat on 21/october/2010

2 comments:

  1. This comment has been removed by the author.

    ReplyDelete
  2. target killings or deal links!

    ReplyDelete