Sunday, October 17, 2010

On 18th october 2007. (Benazir Bhutto)



Long way!
منهن مٽائي وئين- وڃڻ وارا!
وينگس

________________________________________



مون هميشه اهو ئي سوچيو هو ته سوچون هڪ ڏينهن روپ به وٺنديون آهن، پر ائين نه ٿيندو آهي.توهان جو جن تي ڀرم هجي ۽ هڪ پيار ڀريو يقين هجي، اهي ئي هڪ ڏينهن قدم وڌائي توهان جي سوچين ۽ يقين کي ڀورا ڪري ڇڏيندا آهن. اسان وٽ ڇا رهجي ويندو آهي صرف ڀورا ٿيل ڀرم! مون کي اڄ به ياد آهي ته 2007 آڪٽوبر جي مهيني ۾ مان اسلام آباد کان ڪراچي آيل هئس، ان مهيني ۾ مون عبرت لاءِ ڪجهه سياسي انٽرويوز ڪيا. جنهن دوران شهيد پنڪي به اچي رهي هئي، مون کي هر هڪ چيو ته تون هن کان انٽرويو وٺجانءِ، مون پنهنجي ناسمجهيءَ جو ڀرپور مظاهرو ڪندي چيو ته ها! هوءَ مونکي پياري آهي، پر هڪ ڀيرو ٻيهر هوءَ غلط ڊيل ڪري اچي رهي آهي، مان ان سان سهمت ناهيان، آخر هوءَ هميشه اسان کي ڏٺو ڇا لاءِ ڪندي آهي؟ مون سڀ ڪجهه شهيد پنڪيءَ لاءِ ڳالهائيندي چيو ته ڏس! مون کي واپس وڃڻو آهي، شايد مان محترمه سان اسلام آباد ۾ ملي وٺان. ۽ مون جي دوست کلندي چيو ته ڇا هوءَ اسلام آباد اچي سگهندي؟ موٽ ۾ مون چيو ته ڇو نه هن جي ڊيل ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر حلف کڻائيندي ۽ اسان محترمه جي ان ڊيل واري حلف تي اختلافي آرٽيڪل لکنداسين. هن ملڪ ۾ ٻيو ڪري ڇا ٿو سگهجي؟


اسلام آباد جي سفر ڏانهن ويندي مون کي امداد سومري صاحب جو ايس ايم ايس آيو ته توهان محترمه جي واپسيءَ تي ڪجهه لکندوء؟ مون ان کي جواب ڏيندي لکيو هو ته مان هينئر سفر ۾ آهيان ان ڪري ان جي واپسيءَ تي نه ٿي لکي سگهان. انهي دوران مون کي عبرت ۾ پنهنجو پراڻو لکيل ڪالم ياد آيو جيڪو مون شهيد پنڪيءَ تي لکيو هو ته Will she return? مون پاڻ سان ڳالهائيندي چيو ، ها هوءَ واپس وري رهي آهي، پر ان کي ائين نه اچڻ گهرجي جيئن هوءَ اچي رهي آهي. اسلام آباد ۾ پير رکندي هر غير سنڌيءَ مون کي کلندي چيو هو ته او سنڌي تمهاري بي بي آ رهي هي، اس بار تم اس ڪو ڪِس طرح سپورٽ ڪرو گي. هن جي جملو جو جواب ڏيندي چيو ته لازم هي ڪي هم بهي ديکهين گي...وه دن ڪي جس ڪا وعده هي!


آخر ڪار 18 آڪٽوبر اچي وئي ۽ هوءَ به واپس وري آئي، اسان مان ڪنهن به هن جي واپسي ٽي وي تي نه ڏٺي، بس مون کي هڪ ڪال آئي ته محترمه جي ريلي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، مون ان وقت سمجهيو ته آخر هوءَ سپورٽ وٺڻ لاءِ اهڙا قدم ڇو کڻي رهي آهي، ۽ 18 آڪٽوبر کان پوءِ هوءَ جيئن ئي واپس دبئي هلي وئي هئي ان وقت مون سوچيو ته هوءَ وري ڊيل ڪرڻ جا نوان دروازا کولڻ وئي آهي. هي سڀ ان ڪري مون سوچيو جو ان وقت اسان هڪ اهڙي ماحول ۾ رهيل هئاسين جتي اسان لاءِ سواءِ خاموشي، سڃاتل چهرا، ڪتابن ۽ هاسٽل جي ميس (کاڌو کائڻ واري جڳهه) کانسواءِ ڪجهه به نه هو. اڙي ها! دير سان پهچندڙ اخبارون ۽ ان جي وچ مان چوري ٿيندر اهم پيج پڻ.
مون ڪوشش ڪئي ته مان ان جي هن ڀيري واري هر ريلي جي رپورٽ پڙهان پر هر اخبار ۾ مسلم ليگ ق جون سرخيون ۽ سواءِ سنڌي اخبارن جي جن محترمه کي بهترين ڪوريج ڏني. شهيد پنڪيءَ جي واپسي تي مون پنهنجي هڪ دوست سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ هن ڀيري واپس ناهي آئي، ۽ ان ٽهڪي ڏيندي چيو هو ته She is in Mirpurkhas and you are talking like that, you ought to up date ok مون موٽ ۾ جواب ڏيندي چيو ته هوءَ بس واپس ناهي آئي هاڻي توکي ڇا به چوڻو آهي چئي ڏني پر هي منهنجي راءِ آهي.
آڪٽوبر جو سڄو مهينو اسان شهيد پنڪيءَجي ڳالهين ۾ گذاريو. ان جي سياسي دورن تي تنقيد ڪندي ۽ مون پاران هڪ راءِ هئي ته هوءَ شهيد ڀٽي کان وڌيڪ خراب حالتون ڏسي رهي آهي، زندگيءَ ان کي هميشه تلخ امتحان ۾ وڌو آهي. ان جي باوجود به مان هن ڀيري واري ڊيل تي تنقيد ڪرڻ کان رهجي نه سگهيس.


ڪينجهر نيٺ هندورو ٿيندو،
جي ڪا اُتر هِيرَ لڳي!
هرک ته هن تي هر ڪنهن هاريو،
پو به پرولي ڪنهن نه ڀڳي،
ڦولان ڪنهن جي راڻي هئي؟
ڦولان جا ماڇائي هئي! (شيخ اياز)


اڄ ساڳيو مهينو، ساڳي ڪالوني (جنهن کي ملڪ جو نالو پيو ڏنو وڃي)، ساڳيا چهرا، ساڳيون ڳالهيون پر يادن جي حصي ۾ آهن، انهن سڀني جي وچ ۾ هوءَ ڪانهي ... ها! شيخ اياز چواڻي ته پو به پرولي ڪنهن نه ڀڳي! اسان ڇو نه سمجهي سگهياسين ته هوءَ ڪڏهن به واپس نه ورندي!!!
هن جي موٽ وري ڪڏهن موٽ اچڻ لاءِ نه هئي، اسان آخر ڇو نه سمجهي سگهياسين ته رات جي ڪاراڻ ۾ جلاد بيٺل آهي ان جي تاڙ ۾! ان جلاد جي موجودگيءَ کي ڇو نه سمجهي سگهياسين؟ آخر هوءَ هميشه اسان کي ڏٺو ڇا لاءِ ڪري وئي؟ مون مٿي ذڪر ڪيو هو ته سوچون ۽ ڀرم ٽٽڻ لاءِ هوندا آهن، مون جيڪو ڪجهه سوچيو هو سڀ ڪجهه ٽٽي پيو، ها! اڄ آڪٽوبر جو مهينو آهي، ۽ اسان وٽ ان کي ياد ڪرڻ لاءِ گذري ويل 2007ع آڪٽوبر جون يادون آهن. هوءَ هڪ ڳجهارت هئي جنهن کي ڪير به ڀڄي نه ٿو سگهي. ان سان گڏ هڪ آس به ته هئي/ آهي، جيڪڏهن هوءَ هجي ها ته عوام جي تذليل ائين نه ٿئي ها.
منهن مٽائي وئين وڃڻ وارا! موت آسان زندگي مشڪل، (شيخ اياز)
شهيد پنڪي ڪڏهن واپس وري هئي، هوءَ ڪڏهن به واپس نه وري ... بس منهن مٽائي وئي...وڃڻ واري...! دل اندر هڪ ڀرم آهي will she return? ان جو جواب ڪهڙو آهي؟


Daily Ibrat published on 18/october/2010

1 comment:

  1. Ajan runj maan rarr achey achey pae, matan ean bhaen mua more sara.

    ReplyDelete