Friday, October 8, 2010

Mush's Kitty Party!

Long way!
مشرف جي ڪِٽي پارٽي
وينگس
___________________________________
پاڪستان ۾ هڪ ڳالهه اهم رهي آهي ته هتي جي اليٽ ڪلاس جي هام رهي آهي ته اهي وڏا جمهوري ۽ پڙهيل لکيل آهن، پر انهن ئي هر دور ۾ غير جمهوري قوتن جي سپورٽ ڪئي ۽ انهن کي آرام سان حڪومت ڪرڻ به ڏني، اِن کان علاوه پاڪستان کان ٻاهر وڃي آمرن جي سپورٽ به نه ڪئي. ايستائين جو ان امير ڪلاس جنرل ضياء جي وڌيڪ تعريف ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي تي تنقيد ڪئي. هن ملڪ کي جيترو نقصان اسٽبلشمينٽ ڏيندي پئي اچي ان ۾ ڀاڱي ڀائيواري امير طبقي جي به آهي.
اسان مظلوم غريب گهٽ پڙهيل لکيل عوام کي ڇا مليو آهي؟ اسان جي ڳالهه ئي نه ڪريو اسان جو ته ڪو حساب ڪنهن کاتي ۾ اچي ئي نه پيو، جو ڪٿي ڪنهن جاءِ تي پنهنجو به ليکو اچي سگهي. اسان صرف انهن طرفان مليل سور سهڻ لاءِ آهيون، انهن اميرن به ته اهو ئي سمجهي رکيو آهي. جنهن عوام کي ڪير ياد ئي نه ڪري ان عوام جي اهميت ئي ڇا آهي؟ هن ملڪ کي هلائيندڙ اصل قوتون به اهو ئي چاهين پيون ته عوام انهن آڏو بي زبان گونگي گانءِ بڻجي رهجي وڃي، انهن جي جڏهن مرضي پوي جيڪو وڻين اهو ئي ڪن. هن ملڪ ۾ انسان صرف وڏي ڀاءُ (پنجاب)۽ اسٽبلشمينٽ جا ساٿاري آهن، باقي جيڪي اسٽبلشمينٽ جي ليڪي کان ٻاهر آهن انهن جي حيثيت ڪهڙي آهن اسان وطن ڪارڊ ۽ ٻوڏ دوران ڏسي چڪا آهيون.

هينئر وري انهن پنهنجي نئين حڪمت عملي جوڙي آهي، انهن جو پيدا ڪيل لبرل آمر ، نئين روپ ۾ اچي رهيو آهي. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته منهنجي دوست مونکان سوال ڪندي هو ته How do you see liberalism by Mush Darling? ان دوران مون ان کي ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو هو ته هو Darling پنهنجي گهرواريءَ يا وري Kitty Parties کي زندگي ڏيندڙ ليڊيز لاءِ هوندو، باقي مون لاءِ هو هڪ آمر آهي، رهيو سوال هن جي ليبرل ازم جو ته هي ليبرل ازم باءِ مُشُ، فار مُشُ ۽ آف مُشُ آهي!
گهڻي عرصي کان پوءِ هن مون کي وري فون ڪندي چيو ته هاڻي ڇا خيال آهي مُشُ لاءِ؟ مون وري ان کي اهو ساڳيو جواب ڏيندي چيو ته همراهه جي هي پارٽي مشرف ڪِٽي پارٽي آهي، پهرين kitty party ۾ امير عورتون ويهي ڪري گلائون، چرچا ۽ وقت پاس ڪنديون هيون، هاڻي مشرف پنهنجي پارٽي ٺاهي ڪِٽي پارٽين جيان مزا ماڻيندو.

جنرل (ر) مشرف کي پارٽي ٺاهڻ ڇو ڏني وئي آهي؟
ڇا واقعي به اسٽبلشمينٽ پنهنجو ماڻهو آڻڻ چاهي ٿي؟ ان ۾ شڪ ناهي ته اسٽبلشمينٽ جون همدرديون مشرف سان اڄ به آهن، ڳالهه هي آهي ته جنهن اسٽبلشمينٽ ٻئي ڪنهن جنرل کي پارٽي ٺاهڻ نه ڏني انهن هن کي پارٽي ڇا لاءِ ٺاهڻ ڏني آهي؟ ائين ته ناهي جو هي پارٽي خود هن جي پنهنجي انا جي پيداوار هجي، ڇو جو همراهه مسلسل چوندو رهيو ته مان سياست ڪندس ۽ پارٽي به بس اجهو پيو ٺاهيان، مٿان وري عتيقه اوڍو ۽ مارئي ميمڻ ( پاڻ کي مارئي لکڻ جي بجاءِ هوءَ حرف عام ۾ غلط ماروي ميمڻ لکڻ پسندي ڪندي آهي، جن جو سافٽ فورس هميشه مشرف ميان مٿان رهيو ته پاڪستان نيڊس يو! جڏهن مشرف آڏو ڪيٽي اسٽائيل هلندو رهيو ته پوءِ هن به کڻي اسٽبلشمينٽ کي راضي ڪيو هوندو ۽ نواز ليگ وارن کي به ته جواب ڏيڻو هو.

انهي ڪري هن پنهنجي ڪِٽي پارٽي جوڙي ورتي آهي. هن پنهنجي پارٽي ڪهڙي بنياد ۽ سبب ڪري جوڙي آهي؟ جنرل مشرف (ر) مٿان اسٽبلشمينٽ ۽ امير طبقي جون همدرديون گهڻيون آهن، مٿان وري پاڪستان ۾ سياسي يتيمي جو ماحول آهي، جنهن کي قسمت سمجهندي، مشرف اچڻ چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ اردو آبادي کي به متحده سان گڏ هڪ اهڙو نمائندو گهرجي جيڪو انهن جي مفادن جي ڳالهه عالمي سطح تي ڪري سگهي، انهي ڪري متحده جو نرم گوشو مشرف ڏانهن آهي. جڏهن ته هينئر تائين متحده کُلي ڪري مشرف جي سپورٽ ناهي ڪئي، پر وقت اچڻ تي متحده مشرف جي ائين سپورٽ ڪري سگهي ٿي. هاڻي متحده کي به مشرف جهڙي ليڊرشپ جي ضرورت آهي.
ٻيو پاسو هي ئي آهي ته امير طبقي مشرف کي مٿي کنيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست ڪري. مشرف کي شايد ريٽائرڊ جنرلن جي سپورٽ هجي.
مشرف پنهنجي هي ڪِٽي پارٽي جوڙي جتي پاڻ کي گهڻو مصروف رکيو آهي اتي هي پاڪستان ۾ پنهنجي گهرواريءَ کي موڪلي سگهي ٿو جيڪا عتيقه ۽ مارئي ميمڻ جهڙين عورتن جي ميڙ ۾ اچي ڪري پريس ڪانفرنسون ڪري سياست ڪندي. مطلب ته پاڪستان کان ٻاهر مشرف سياسي رانديڪي سان کڏيندو ۽ پاڪستان ۾ هن جو هر دل عزيز دوست ۽ صحبا پرويز سياسي رانديڪي سان کيڏندي نظر اينديون.

مشرف جي پارٽي جو نعرو ڪهڙو آهي، ”نا روٽي، نا ڪپڙا، نا مڪان سب سي پهلي پاڪستان. مطلب مشرف ميان پاڻ کي اينٽي ڀٽو پيش ڪري وڏو ڏاهو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر ڪير وڃي مشرف کي سمجهائي ته جنهن رياست ۾ روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو وجود ناهي ان رياست جو مستقبل ناهي. مشرف ڪنهن حد تائين سچ ئي چيو آهي ڇاڪاڻ امير ۽ اسٽبلشمينٽ عوام کي هي ٽئي شيون ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي، ۽ ان جو کليل اظهار مشرف ڪري ڇڏيو آهي. مشرف پارٽي جوڙڻ کانپوءِ جيئن پاڻ کي هيرو ڪري پيش ڪري رهيو آهي ان تي اسان (عوام) جا گهڻا حساب ڪتاب رهن ٿا. مشرف وساري سگهي ٿو پر اسان ڪيئن ٿا وساري سگهون ڊاڪٽر شازيه جي تذليل ٿيندي صرف هڪ خاڪي وردي واري هٿان نه پر خاڪي وردي جي مالڪ هٿان پڻ، جنهن ڊاڪٽر شازيه کي انصاف ڏيڻ جي بجاءِ ان لاءِ چيو هو ته ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ عورتون ريپ ڪرائينديون آهن.

جنرل مشرف (ر) لاءِ جتي ٻيا کاتا کُلي سگهن ٿا اتي ئي هن مٿان گم شده ماڻهن جا ڪيس، بالاچ مري جي شهادت جا ڪيس به داخل ٿي سگهن ٿا. جنرل (ر) مشرف تي گهڻا ڪيسز آهن، اسان مڃون ٿا ته هن سڀئي رڪارڊ ختم ڪرايا آهن، ڇو جو هن کي اندازو هو ته اڳتي هلي ڪري نواز شريف جهڙا هن جي ڳچي پڪڙي سگهن ٿا، مشرف رڪارڊ گم ڪرائي سگهي ٿو پر رڪارڊ تي موجود واقعن کي ڪيئن ختم ڪري سگهندو؟
ٻاهرين ميڊيا آڏو پاڻ کي لبرل چوندڙ مشرف کي ڪير ڪجهه نه چوي پر مشرف اسان مظلوم قومون آڏو ڪهڙي منهن سان ايندو؟ مشرف اسان کان شهيد پنڪي کسي ڇڏي ڇا مشرف انهن سڀني گناهن کان بچي سگهي ٿو؟
مشرف جي جوڙيل پارٽي سواءِ ڪِٽي پارٽي کان علاوه ڪجهه به ناهي جنهن جي سهاري هو ان انتظار ۾ آهي ته ڪٿي ٿو هن کي موقعو ملي جو هو وري ٻيهر اقتداري گهوڙي جي واڳ سنڀالي، پر مشرف ميان کي ڪير سمجهائي ته ڪِٽي پارٽيز ۾ صرف ڳالهيون هلنديون آهن ۽ اخبارن ۾ خبرون، اهو ئي ڪم مشرف جي ڪِٽي پارٽي ڪري رهي آهي. دلچسپ منظر هي به ٿي سگهي ٿو ته امير ڪلاس جون اهي عورتون جيڪي ڪڏهن ووٽ ڏيڻ جي زحمت نه ڪنديون آهن اهي شايد ووٽ ڏيندي نظر اچن ۽ آمر جي ڪيمپ مان بيهي ڪري عوامي جمهوريت جي ڳالهيون ڪن!!!
عوام هڪ ٻيو ديس آهي جنهن ۾ مشرف جهڙا آمر ڪڏهن به جاءِ نه ٿا وٺي سگهن. جيڪڏهن اسان غلط آهيون ته مشرف ڀل پنهنجي ڪِٽي پارٽي جو پتو کيڏي ڏسي.
Daily Ibrat 8 October 2010

No comments:

Post a Comment