Saturday, October 16, 2010

A Man having 4- R! General (r) is not innocent baby

جنرل مشرف کير ۾ ڌوتل

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------
وقت هن جي من کي اڃا ميچوئر نه ڪري سگهيو يا وري هو ميچوئر ٿيڻ نه پيو چاهي؟ اڄ به هو ائين ئي ڳالهائي رهيو آهي جيئن پهرين اقتدار اعليٰ ۾ هوندي ڳالهائيندو هو.

ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق صرف ايترو ئي آهي جو ڪالهه چوندو هو ته ”مين يه ڪردونگا“. ۽ اڄ چئي رهيو آهي ته ”مين ني جو ڪيا اس ڪي ليئي معافي مانگتا هون“. هن جي هي معافي به اڌوري اڌوري آهي. هڪ اهڙو ريٽائرڊ جنرل جنهن ۾ ميچوئرٽي ناهي آئي، ڇا اُهو جنرل شين کي غير سنجيده ٿي ڏسندو آهي؟ جنرل مشرف خير انهن جنرلن مان هرگز ناهي جن ۾ سنجيدگي جي ٿوم به هجي. هينئر جيڪڏهن هو معافي گهري رهيو آهي ته اها معافي صرف شو آف سوري آهي. جنهن ۾ ڪٿي به ندامت محسوس ناهي ٿي. جنهن شخص ۾ ندامت نه آئي هجي، ان مان ڪيئن ٿي اميد ڪري سگهجي ته هو ماضيءَ مان سکي سگهي ٿو، ان جي اندر نئون انسان ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جنهن وٽ احساس ندامت نه هجي. جنرل (ر) مشرف، عوام لاءِ ريٽائرڊ ٿي چڪو آهي پر هو پاڻ کي اڄ به جنرل جي پوسٽ تي محسوس ڪري رهيو آهي. جنرل مشرف (ر) جي پارٽيءَ تي مان اڳ ئي لکي چڪي آهيان، ته مسٽر مشرف جي پارٽي ڪِٽي پارٽي کان مٿي ڪجهه ناهي. جنرل مشرف (ر) اڄڪلهه جنهن انداز بيان کي محسوس ڪرائي رهيو آهي ته هي اهو واحد ماڻهو هو جنهن بهتري ڪئي ۽ ملڪ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو جيڪو ٻئي ڪنهن اڳواڻن نه ڪيو آهي. جنرل مشرف پاڻ کي کير ۾ ڌوتل پيش ڪري رهيو آهي.

منهنجي هڪ دوست مشرف تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن جي نالي ۾ هر لفظ ۾ (ر) (R ) اچي پئي، R 4 وارو ماڻهو سمجهي پيو ته هو هن ملڪ جو ڪمانڊو آهي. هن کان بغير ملڪ هلي نه سگهندو.

هي فور ”آر“ وارو ماڻهو هينئر تائين زميني حقيقتن کي غير سنجيده وٺي رهيو آهي. جڏهن ته حالتون پنهنجي جڳهه تي برابر تبديل ٿيون آهن. ڪالهه لکڻين ۽ اصولن جي اهميت هوندي هئي اڄڪلهه لالچي ٽولي انهن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ حقيقتن کي ڦيرائي پيش ڪرڻ وارا مٿي چڙهيل آهن، جتان بيهي ڪري هو غلط شين تي هوڪا ڏئي رهيا آهن ۽ هيل تائين ضيائيت جو ٻج وڌي وڻ ٿي رهيو آهي، ان جون پاڙون مضبوط ٿينديون پيون وڃن، ۽ ان کي پاڻي ڏيندڙ ٻيو آمر ٽوپي ۽ سگار کڻي غير جمهوري قوتن کي پروموٽ ڪري رهيو آهي. جنرل مشرف (ر) هي سڀ ڪجهه آسانيءَ سان ان ڪري به ڪري پيو جو هو اسٽبلشمينٽ جو ماڻهو آهي ۽ اسٽبلشمينٽ جي ماڻهوءَ کي ڪوسو واءُ نه ٿو لڳي سگهي.

تاريخ کڻي ڏسو توهان کي ڪوبه جنرل ڪٽهڙي ۾ بيهندي نظر نه ايندو. آرٽيڪل 6 جي موجودگي باوجود به ڪجهه نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ڪالونيز ۾ سزائون ۽ تڪليفون جمهوري ماڻهن لاءِ ۽ غير جمهوري ماڻهن کي ائين ئي رليف مليل هوندو آهي. جيئن ضياءَ جي پوئلڳن ۽ جنرل مشرف کي ميسر آهي. ها! جيڪڏهن هي رياست هجي ها ته پوءِ پاڻ ڪجهه اميد رکي سگهون پيا۽ قانون اخلاقيات قدرن جو ڀرم رکيل هجي ها.

پر هي ڪالوني آهي جتي هو هزار ملين کان پري هڪ اڳوڻو جنرل پنهنجي پيارن دوستن جي وچ ۾ ويهي ڪري جمهوريت جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

هينئر هو ميڊيا ۾ اِن آهي ۽ معافيون به گهري رهيو آهي. پر هن جي معافي به صرف ميڊيا شو آهي. هن کي پنهنجي ڪنهن به عمل تي ندامت نه پئي ٿئي، جنرل مشرف جي اکين ۾ افسوس ۽ شرم نظر نه پيو اچي. جن اکين ۾ندامت نه هجي، ان مان ڪيئن ٿي اميد ڪجي ته هو پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. فور آر (مشرف) چئي رهيو آهي ته هنجي دور ۾ ڪجهه به غلط نه ٿيو، هن جو دور پرسڪون رهيو، بس آخري سال ۾ ڪجهه گڙٻڙ ٿي، شهيد بگٽيءَ غار ڪرڻڻ جي ڪري قتل ٿيو، اين آر او مان نه پر چوڌرين آئيندو، شهيد پنڪي ڊيل ٽوڙي آئي، مان جيڪڏهن چيف جسٽس کي لاٿو ته اهو قانوني هو، عمل غلط هو، پر مان آئيني طور تي ڪيو. ڪشمير ۾ مجاهدين کي اسان Train ڪري موڪليو آهي، منهنجي دور ۾ ڪا به ڪرپشن ناهي ٿي. هي ڳالهيون ميان مشرف فور آر واري ماڻهوءَ جون آهن. جنهن بي بي سي تي انٽريو ڏيندي هي به چيو ته عوام اڳواڻن تي يقين نه پيو ڪري ان ڪري هو آرمي ڏانهن وڃن پيا. خانداني سياست ختم ٿيڻ گهرجي. عوام کي نئين سياست ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي موٽ ۾ جواب ڏيندي چيو ته هي سڀ مغربي ڳالهيون آهن، اسان کي حل پنهنجي حالتن کي مد نظر رکي ڪري ڪرڻ گهرجي. پڙهيل لکيل حلقو ووٽ ناهي ڏيندو ان کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي.

جنرل مشرف فور آر پسٽل مان هوائي فائر ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهي شايد پنهنجي عادت کان مجبور هجي. جڏهن فور آر مشرف ايڏو ڳالهائي ٿو ته پاڻ کان به رهيو نه ٿو ٿئي ته اسان به ڪجهه ڳالهيون رکون.

توهان ڇا به ڪريو پر تاريخ جون اکيون مٽائي نه ٿا سگهن. ائين ئي جنرل (ر) مشرف ڇا به چوي، تاريخ جون اکيون مٽائي نه ٿيون سگهجن ۽ هي حقيقت غير سنجيده جنرل جي سمجهه کان ٻاهر آهي. هن جو چوڻ ته هن جي دور ۾ ڪا به ڪرپشن نه ٿي. عوام پڇڻ چاهي ٿو ته نائين اليون کان پوءِ 5 ارب ڊالرز ، مستقل ملندڙ آمريڪن امداد ۽ 2005ع جي زلزلي کانپوءِ آيل امداد جا پئسا ڪيڏانهن ويا؟ شوڪت عزيز ٻاهرين ملڪ ۾ ويهي ڪري ميگا پراجيڪٽس ڪنهن جي ڀائيواري سان ڪري رهيو آهي؟ جنرل مشرف پنهنجي ٽيم جي حوالي سان ٻڌائي ته اهي ماڻهو ڪيئن هئا؟

جنرل مشرف انساني حقن جو ڪهڙو تقدس رکيو، اسان کان وسريو ناهي، زخم اڄ به تازه آهن، جڏهن مشرف (ر) چيو هو ته ويزا وٺڻ لاءِ ڇوڪريون ريپ ڪرائينديون آهن، ڊاڪٽر شازيه سان هن ڇا ڪيو؟ ڇا ان تي هو معافي گهرڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟ جنرل مشرف ايترو جلدي پوڙهو ٿي ويو آهي جو هن کي قوم سان ڪيل خطاب ياد ناهي جنهن ۾ هن شهيد اڪبر بگٽي جي شهادت تي آرمي کي مبارڪ ڏني هئي. ان سان گڏوگڏ شهيد بالاچ مري جي شهادت هن نيٽو هٿان ڪرائي ان جو حساب ڪيئن ڏيندو؟

گم شده ماڻهن جي لاءِ ڪيئن ٿو معافي گهري سگهي؟ جنرل مشرف آئين جون ڪيترا ڀيرا ڌڄيون اڏاريون، ۽ 12 مئي کي ڪٿي رکندو؟ جنهن لاءِ هن پنڊيءَ جي جلسي ۾ چيو هو ته مين ني ڪراچي مين اپنا پاور دکها ديا؟

سڀ ڳالهيون هڪ طرف جنرل مشرف اسان کي حساب ڏئي ته هن شهيد پنڪيءَ سان ڪيئن ورتاءُ ڪيو؟ ان جي قتل کان پنهنجا هٿ ڪيئن ٿو ڌوئي سگهي؟ جنرل مشرف رت ۾ ٻڏل آهي، آخر هو پاڻ کي ڪيئن جلدي ۾ ڌوئي سگهندو؟ جنرل مشرف جي روايت رهي آهي ته هو هميشه انٽرويو ڏئي ڦري ويندو آهي جيئن ماضي ۾ ڊاڪٽر شازيه جي تذليل ڪندي ويزا واري ڳالهه تان ڦري ويو ائين ئي هن ڀيري به هو ڪشمير ۾ مجاهدين کي تيار ڪرڻ واري ڳالهه تان هٿ کڻي ويو آهي. جنرل مشرف جو چوڻ ته عوام آرمي ڏانهن ويندو آهي، پر جنرل مشرف کي هي ڄاڻ ناهي ته عوام هميشه پنهنجن اڳواڻن ۽ شهيد اڳواڻن ڏانهن ويندو آهي، عوام جا قدم ڪڏهن به اسٽبلشمينٽ جي در ڏانهن ناهن ويا. پر ها! غير عوامي ماڻهن اسٽبلشمينٽ ڏانهن نهاريو آهي ائين جيئن هاڻي به ڊرامو جاري آهي جنهن جي پهرين ڪيسٽ مشرف پارٽي جي روپ ۾ مارڪيٽ ۾ جاري ٿي چڪي آهي.

جنرل مشرف ٻاهر آهي ان ڪري هن کي جيڪو وڻي ٿو ڳالهه ڪري پيو پر هن کي اندازو ناهي ته عوامي اڳواڻ ڪيئن ڳالهائيندا آهن؟ جنرل مشرف آرمي جو ماڻهو آهي، هن کي ڪهڙي ڄاڻ عوام جي ٻولي ڇا ٿيندي آهي؟ جنرل مشرف جو چوڻ آهي ته اليٽ ڪلاس ووٽ نه ٿو وجهي ان کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي، هي ڳالهه انهي ڪري رهيو آهي جو ڪِٽي پارٽيز جو عورتون ۽ بزنس ڪلاس مشرف کي اڳتي آڻڻ چاهي ٿو، اهي جيڪي ماضي ۾ جنرل مشرف جي غير جمهوري قدمن جا حمايتي هئا، هاڻي اهي پنهنجي پئسي جي زور تي مشرف کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ان ۾ شڪ ناهي ته اسٽبلشمينٽ جي سپورٽ آهي.

جنرل مشرف اميرن جي ڪار ۾ ويهي ڪري غريبن جي جهوپڙيءَ کي ڪيئن ٿو بلڊوز ڪري سگهي؟ ڇا انهن اميرن جا ووٽ غريبن تي ڀاري آهن؟

جنرل مشرف پاڻ کي کير ۾ ڌوتل پيش نه ڪري، ڇاڪاڻ جو جنرل مشرف (ر) (R 4) کي ياد رکڻ گهرجي ته هن ديس ۾ سياسي يتيمي ضرور آهي پر تاريخ جون اکيون اڄ به موجود آهن، جن کي موجوده وقت ڏسي رهيو آهي. ان ڪري جنرل مشرف پاڻ کي تاريخ جي اکين سان ڏسي جتي هو پاڻ کي رت ۾ ٻڏل ڏسندو. هڪ اهڙي جنرل جي معافي جنهن جي اکين ۾ افسوس ناهي پر هو موجوده وقت کي لفظن جي جادو سان بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هڪ همٽي ڊمٽي اليٽ ڪلاس جي چُرچ تي. جنرل مشرف ڪاش! سنجيده ويهي ڪري معافي نامو لکي سگهي ها، ته شايد هن کي ڪٿي معافي به ملي وڃي ها، پر هن پاڻ کي پاڪستان جو ولي سمجهي رکيو آهي.
Daily Ibrat Published on 17/ October/ 2010

No comments:

Post a Comment