Sunday, September 19, 2010

On Shaheed Mir Murtaza Bhutto.

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي نسبت سان
”بس ايڪ اور شام گذرني دو!“

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------
زندگي جو چڪر صرف ڪلينڊر جي چوطرف ڦرندڙ ناهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي زندگي کي ڪلينڊر جي وقف ڪري ڇڏيندا آهيون. ڪلينڊر ۾ هر زندگيءَ جون مخصوص ڪيل تاريخون هونديون آهن، جن جو پلس ۽ مائنس سان ڳانڍاپو آهي. اهي ئي ڪَٽِ ۽ جوڙ اسان جي چهرن تي مسڪراهٽون ڏيندڙ آهن. پر اسان جي حصي ۾ مائنس پوائنٽس گهڻيون آهن. ان جي هوندي به زندگي کي اسان گهاري رهيا آهيون.

اهڙي ئي هڪ شام اسان جي حصي ۾ ڏني وئي، 20 سيپٽمبر جي خوني شام جنهن اسان کان اميد جو سهارو هڪ ڀيرو ٻيهر کسي ڇڏيو. هڪ گهات گهري شام جي اونداهي ۾ هنيو ويو. هي صرف ڪاغذي ڊائلاگ ناهي پر سچ جي نگاهه سان ڏسجي ته انهن اسان جي مٿان گهرو گهات ئي هنيو، جنهن کي هينئر تائين ڀري نه سگهيا آهيون. ها! 20 سيپٽمبر جي شام جو انهن ذوالفقار علي ڀٽي جو پٽ، شهيد بي بي ۽ شهيد شاهنواز جو ڀاءُ نه شهيد نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو معصوم ۽ مسڪين عوام جو اڳواڻ به هو ۽ آهي. شهيد چي مير مرتضيٰ ڀٽو جنهن جو جنم 70 ڪلفٽن ۾ ٿيو ۽ ان جي جهولي ۾ آيل سياسي ماحول به ڪنهن حدتائين يقينن خانداني ئي هو. چي مير جي حصي ۾ آيل خانداني سياست گهڻي تلخ هئي، پر ان کي صرف خانداني سياست سان ڳنڍي رکڻ به انصاف ناهي، چي مير هٿ ۾ آيل خانداني سياست کي پنهنجي من اندر سان رنگيو. هاڻي توهان ان کي دهشتگردي جو نانءُ ڏيو يا وري ٻيو ڪجهه ئي چئو! پر جيڪڏهن هو ويڙهه نه ڪري ها ته جنرل ضياء ڪڏهن به ڪمزور نه ٿئي ها. ڇا اسان تاريخ جي ورقن تي نقش ٿيل ويڙهاڪ وساري ڇڏيا آهن. چي گويرا، برونو، سڀاش چندر بوس ۽ شهيد هوش محمد شيدي تائين جي ويڙهه کي توهان سڀئي دهشتگردي جو نانءُ ڏيندوء؟ يقينن بلڪل به نه! پوءِ چي مير جي ڪيس ۾ توهان کي دهشتگرد جهڙا ناوَ ڇا لاءِ پيا ياد اچن؟ جن کي دهشتگرد چوڻ گهرجي اهي انهن جي لاءِ سياسي ماڻهو آهن، نائين زيرو جيڪو ڪجهه ماضي ۾ ڪيو سڀ گم، هاڻي هو انهن کي سياسي پارٽي جو نانءُ ڏئي رهيا آهن. چي مير کي مخالفت جو انڪري ۾ نشانو بڻايو ويو جو اسٽبلشمينٽ ان جي خلاف گهڻو زهر وهائي چڪي هئي. چي مير جي خلاف ڪنهن ڪنهن نه ڳالهايو؟

ڇا اسان کي ياد ڪانهي؟ چي مير جي پارليامينٽ سياست جي مخالفت ڪندڙن جي، جيڪي اڄڪلهه پاڻ به پارليامينٽ جي سياست جي سپورٽ ڪري رهيا آهن، پنهنجي لاءِ ان کي بهتر باقي ٻئي لاءِ ڪبيرو گناهه! ڇا اسان وٽ سياست کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پيمانو اهو ئي آهي؟ مان هتي هي بلڪل به نه لکنديس ته لکندڙ هٿ ئي درست ڳالهه ڪندڙ آهن، پر جيڪي وڏي واڪي سان تبديلي ۽ نئين جهان جوڙڻ جي هام هڻي رهيا آهن، انهن جا اعمال ڪيئن آهن؟ چي مير انهن مان نه هو! هن جنهن راهه جي چونڊ ڪئي اها ان وقت جي ضرورت هئي، صرف هي چوڻ ته نان وائلنس سان شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون ته صرف نان وائلنس سان ئي هر شيءِ حاصل نه ٿي ٿي سگهي. اسان وٽ گانڌي جو مثال ڏنو ويندو آهي، پر تاريخ اندر جهاتي پائي ڏسو جيڪڏهن ٻئي جنگ عظيم ۽ سڀاش چندر بوس پنهنجو رول ادا نه ڪن ها ته انگريز ڪمزور نه ٿين ها، اهي ڪمزور ٿيا ۽ انهن جي مجبوري هئي جو انهن کي وڃڻو پئجي ويو، صرف گانڌي جي ڪري ئي واپس نه ويا هئا.

ويڙهه ناانصافي جي خلاف اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، جنرل ضياء جي ڪاري دور خلاف، چي مير جي ويڙهه جائز هئي. اهو چي مير ئي هو جنهن جنرل ضياء کي سڪون سان ويهڻ نه ڏنو، جنرل ضياءَ رياست جي وڏي مشنيري هوندي به هڪ جلاوطن نوجوان کان خوف زده رهيو. ڪاش! چي مير پنهنجي جلاوطني تي ڪو ڪتاب لکي سگهي ها! جيڪو اڄ سنڌ جي نوجوان نسل ۾ ائين مشهور هجي ها جيئن چي گويرا جي ڊائري مشهور آهي. چي مير کان جيڪڏهن ڪا سرزد غلطي ٿي هوندي ته ان کان اها ئي سرزد غلطي ٿي جو ان پنهنجي تلخ ۽ مشڪل سفر کي قلمبند نه ڪري سگهيو. شايد زندگي ان کي ڪجهه پل نه ڏنا!

اڄ چي مير جي شهادت جو ڏينهن آهي، چي مير ڪيس تي جيئن فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنو آهي، ان جي موٽ ۾ اسان وٽ ٻه سوال آهن ٻن ڌرين لاءِ هڪ عدليه کان ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته چي مير تي ڪنهن گوليون هلايون؟ ان کي رت ۾ ڪنهن ڌوتو، ڪنهن 70 ڪلفٽن جي در تي ان کي هميشه لاءِ نه واپس ٿيڻ جي ٽيڪٽ ڏني؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ته عوام جي گوريلي کي ڪنهن نه واپس ٿيندڙ جلاوطني ڏانهن موڪليو؟ ڪير ته هوندا جن اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ٻيو سوال شهيد جي پارٽي کان آهي ته انهن ڪيس کي ان نموني سان ڇو نه کنيو جيئن انهن کي کڻڻ گهربو هو، جيڪڏهن هو هي ڪيس ڪنهن اعليٰ ۽ معتبر وڪيل کي ڏين ها ته شايد ڪيس جي ٻولي ۽ وزن ٻيو هجي ها. شهيد جي پارٽي ان سان ڪٿي انصاف ناهي ڪري سگهي؟

چي مير کي رياستي اندر انصاف ملي يا نه! پر چي مير کي تاريخ جي ديويءَ پنهنجي محل مان انصاف جي مالا کڻي پارائي آهي. چي مير نئين دور ۾ به هوش محمد شيدي ۽ چي گويرا جهڙن جي روايت کي قائم رکندي، جرئت مند راهه جي ذريعي موت کي مات ڏني آهي.

هن سَرَ جي گدلي سينورَ ۾،
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي،
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان،
هي ڏوههُ نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هُوءَ سانجهي جا ست رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪنان،
ٿو آگم آگم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
هُو ڌوتا تنهنجيءَ ڌرتيءَ جا،
پوءِ صوفي ها يا جوڳي ها!
هُو ٺانگر سارا ٺوڳي ها-
مون روز سگهارا گيت چيا،
هو راڳي تُنهنجا روڳي ها! (شيخ اياز)


مير جي زندگيءَ کي ياد ڪندي اياز جا مٿان ٻول ذهن تي تري اچن ٿا.
چي مير ئي آهي جو اڄ جن جن هن سان بي بنياد اختلاف رکيا انهن سڀني چي مير جي راهه ورتي آهي. قومپرستن جي پارليامينٽ ڏانهن منهن ڪرڻ کانوٺي ويڙهه تائين، ڪير اقرار ڪري يا نه پر انهن سڀني پنهنجي عملي مظاهري ذريعي چي مير راهه تي هليا آهن. ان کي ئي تاريخي جيت چئبو آهي. مير 70 ڪلفٽن ۽ ڀٽي خاندان جي اولاد ضرور هو پر هو پنهنجي انداز ۾ منفرد ويڙهاڪ اڳواڻ هو.

اڄ جي مير زندهه هجي ها ته سنڌي ڪراچي ۾ ائين جلاوطن نه هجن ها ۽ نه ئي سنڌي ٻوڏ ۾ لاوارث هجن ها ڪٿي هنن لاءِ ڪو سهارو ضرور هجي ها. پر هن 20 سيپٽمبر جي شام اسان جي حصي ۾ نه ختم ٿيندڙ صحرا جهڙو غم ڏنو آهي، آخر ۾ مون کي اردو جون ڪجهه سٽون ياد اچي رهيون آهن ته؛

هم سي نا پوڇ ڪي هم ڪب سي لوٽي هوئي هين،
هم سي ناپوڇ ڪي غم ڪي گهرائي ڪهان تڪ هي،
بس ايڪ اور شام گذرني دي، ايڪ اور دن گذرني دي،
ايڪ انتظار هي اس انتظار ڪو رهي ني دي

Published in Daily Ibrat on 20/september/2010

No comments:

Post a Comment