Sunday, September 12, 2010

Mother! Where are clothes of Eid day?

امان! عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------

زندگي عجيب آهي يا وري ان کي بڻايو ويو آهي؟ اسان ان سوال جي گهيرائي ۾ نه پيا وڃون. پر هڪ حقيقت موجود آهي ته اسان رياست جي ميڙ ۾ گهڻا منجهي پيا آهيون جتي هر هڪ جي ڪوشش آهي ته ڪٿي کڻي شايد ڪنهن ڪنڊ ۾ زندگي گهارڻ جو درست دڳ ملي سگهي، هڪ اهڙي ڳولا جنهن جو اختتام ئي ناهي.

زندگي کي درست دڳ تي هلائڻ لاءِ هر هڪ کي پنهنجي ذاتي سوچ تحت فيصلا ڪرڻ گهرجن! هي ڪيترو نه خوبصورت جملو آهي جيڪو اسان کي ٻڌايو ويندو آهي. واهه ...! سچ هي آهي جو اسان مان ڪير به خودمختيار ناهي سواءِ ڪجهه شين جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اسان سڀئي رياستي ور وڪڙ ۾ وڪوڙجي محتاج ٿي ويا آهيون، هتي زندگي لاءِ ڪجهه به ته ناهي. ان ۾ زندگي جي درست راهه ڪيئن ٿي ملي سگهي؟

ڇا اسان جن جي جهول ۾ ذميوارين جا پٿر ڏنا ويا هجن انهن کي پَري ڦٽو ڪري ٻئي راهه اختيار ڪري سگهون ٿا؟ شايد ائين ڪري به وٺون پر اهي پٿر توهان جي پيرن ڏانهن هر پل وڌندا رهندا. گوتم ٻڌ جي پيرن آڏو به ته هڪ ڏينهن ان جي گهر واري آئي هئي جنهن ان کي ڪجهه پلن لاءِ روڪي ڇڏيو هو. پاڻ نه گوتم ٻڌ جيان آهيون ۽ نه وري پاڻ وارو هي زمانو گوتم ٻڌ وارو آهي. بس هن دور ۽ گوتم جي دور ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي اها هي ته امير رياستن ۽ غريب زندگين جو غم اهو ئي آهي. چوندا آهن ته آسمان هيٺ نه امير تبديل ٿيا ۽ نه وري غريبن جا حال تبديل ٿيا.

زندگي کي آرام سان ڪيئن ٿو هلائي سگهجي؟ رياست اسان جي ان سوال کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ان اڳيان رڪاوٽون آڻي ڇڏيون آهن. ڪٿي زندگي ائين نه هجي جيئن ان کي انهن اميرن مشڪل ڪري ڇڏيو آهي. ائين ئي هڪ ڀيرو ٻيهر اميرن جي دنيا مان اسان غريب تائين ٻوڏ آئي آهي. هي قدرت جي نالي هيٺ هٿرادو ٻوڏ آهي جنهن اسان جي غريبن جي گهرن کي لوڙهي ڇڏيو آهي. زندگي جي فلسفي تي نه پيا اچون، پر ان ڳالهه کان ته ڪير به انڪاري ناهي ته عوام جي جهول ۾ آيل درد گهڻو رياست جي طرفان هوندو آهي. ڇا اسان غلط آهيون؟ جيڪڏهن اسان غلط آهيون ته ٻوڏ سان پٽ پيل شهرن ۽ ڳوٺ ڏانهن نهاريون انهن کي ڪنهن برباد ڪيو؟ هن سوال جو جواب هي ڏنو ويندو ته توهان جي وڏيرن سڀ ڪجهه ڪيو. پوءِ اسان به انهن کي پڇڻ چاهيون ٿا ته پختونخواهه جي انهن علائقن ۾ ٻوڏ ايتري ڇو آئي جتي آرمي کي آپريشن ڪرڻو هو؟ جيڪڏهن وڏيرا ايترا خومختيار آهن ته پوءِ آرمي جو ادارو ڇا ڪري رهيو هو؟ اهي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن، ۽ انهن جي ملي ڀڳت ۾ لڙهيو صرف غريب آهي.

هتي ڪير ڇا به چوي پر غريبن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، پاڻ وٽ ته اهي هيرا به نه رهيا جيڪي عوام جي در تي ائين پهچي ويندا هئا ڄڻ اهو غريباڻو گهر انهن جو پنهنجو ئي هجي. ڪنهن تي ڪنهن تي آڱريون کڻجن ۽ انهن جي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ به انصاف ڪٿي ملندو؟ سڀ مسئلا هڪ پاسي پر انهن مسئلن مان هڪ سوال اڀري رهيو آهي ته هيڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ جيڪي بچي ويا آهن انهن تائين هيل ايندڙ عيد جو چنڊ ڪهڙيون خوشيون کڻي ايندو؟ اهي ننڍڙا ٻارڙا جيڪي گهٽين ۾ ڊوڙي رڙيون ڪري چوندا هئا ته عيد جو چنڊ نظر اچي ويو ... امان! مون کي سڀاڻي نئون وڳو وٺي ڏيندينءَ نه. ۽ ماءُ کلندي جواب ڏيندي آهي ته ها بابا حاضر ... بس هاڻي کٽ مٿان ٽپا ته نه ڏئي...!!!

عيد اسان جي زندگي ۾ جهٽ پل جي خوشين سان گڏ نه وسرندڙ وقت به ڏئي ويندي آهي. پر هينئر جن جن ڳوٺن ۾ ٻوڏ جي بربادي آئي آهي انهن جي گهٽين ۾ ٻارڙن جو ڊوڙون نه پر پاڻي ۽ گپ هوندي. انهن ڳوٺن ۾ ڪٿي به عيد جي خوشي ملهائڻ وارو نه هوندو، اتي هڪ گهري خاموشي آهي.

انهن ڪئمپن ۾ عيد ڪيئن هوندي جتي نوجوان نينگريون پنهنجو ڪنن جون واليون 32 تولن جي جاءِ تي 10 تولن جي اگهه ۾ وڪڻي گاڏي جو ڪرايو ڪري شهر ڏانهن آيون هجن. جيڪڏهن توهان انهن کان بيوقوفي وچان سوال ڪري ويهي رهو ته توهان عيد ڪيئن ملهائيندوء؟ موٽ ۾ توهان کي جواب به ڪوڙو ملندو. ڪئمپ جي دوري ڪرڻ دوران مونسان گڏ هلندڙ ساٿيءَ هي سوال ڪري ڇڏيو مون کي پهرين گهڻو تعجب ٿيو ته هي ڪهڙو سوال آهي؟ خير ان سوال جي موٽ ۾ هڪ نينگريءَ مون ڏانهن ڏسندي چيو ته ادي اهڙن سورن ۾ ڪير ٿو خوشي ملهائي سگهي؟ انهيءَ وقت ان جي ننڍڙي ڀيڻ روئيندي چوڻ لڳي ته اسان ڀل اتي مري وڃون ها پر هتي نه چئون ها. هڪ غمزده ماحول ۾ ڪيئن ٿي عيد ملهائي سگهجي؟ ۽ انهي ڪئمپ ۾ ڪا بيوهه عورت ڊوڙندي توهان ڏانهن اچي چوي ته امان! اسان جي ڪا واهر ڪريو منهنجن ٻچن لاءِ نوان ڪپڙا ناهن، هاڻي هن کي ڪيئن سمجهايان ته اسان جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو آهي، مٿي تي ڇت ناهي ڪپڙا ڪٿان آڻيان؟

ان جي ماءُ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر ننڍڙي ٻارڙي جو ساڳو ئي ضد هو ته امان!عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟ بس مون کي ڪپڙا ڏئي. ڪڏهن ڪڏهن سور توهان کي پنهنجي عمر کان گهڻو وڏو ڪري ويندا آهن، ائين جيئن ان ٻارڙيءَ جي ڀاءُ ان کي ڀاڪر پائيندي چيو ته اڙي پاڻ کي ڪير ڏيندو؟ اسان اڪيلا آهيون چپ ڪر ! اچ هلي ٻاهر راند کيڏون.

ان جو ننڍڙو ڀاءُ جهٽ لاءِ چپ ٿي ويو پر ان جو ضد ساڳو ئي هو. انهن جي زندگيءَ کي جيئن تڪليف ۾ وڌو ويو آهي ان جو ڪير ازالو ادا ڪندو؟

ان جي ماءُ جيڪا ڪجهه به ڳالهائڻ کان پهرين مسلسل روئيندي چئي رهي هئي ته مان پنهنجن ٻچن کي ڪجهه به نه ٿي ڏئي سگهان. هڪ ماءُ unconditional پيار کان مٿي ٻيو ڪجهه ڏئي به ڇا ٿي سگهي! هن دنيا ۾ جتي ڪٿي conditional پيار آهي ۽ جنهن پيار جي عمر گهڻي مختصر يا وري هڪ سمجهوتي تي هلي پئي. ماءُ جو ئي اهڙو پيار آهي جتي ڪنڊيشنل ناهي پر انهن ٻارن کي ڪيئن سمجهائجي ته انهن جي امان وٽ ته پيار جي دولت آهي پر ان وٽ مالي دولت ناهي ۽ ان جي نه هجڻ جو سبب هن رياست مٿان آهي، جن عوام کي روايتي خوشيون ملهائڻ جهڙو به نه ڇڏيو آهي.

هڪ طرف سرمائيدار رياستي حڪمرانن آهن ته ٻئي طرف ميڊيا ۾ سرمائيدار آهن جن کي هيڏي تباهيءَ تي به عيد جون خوشيون ملهائڻ جو ضرور آهن، انهن کي مسڪين عوام جو درد ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. اسان وٽ ايتري ناقص حڪمت عملي آهي جو ملڪي تباهيءَ تي به پروگرام تبديل نه پيا ڪيا وڃن.

هاڻي هن ملڪ جو اڌ حصو عيد جون خوشيون ملهائيندو ۽ ٻيا رڳو عيد ملهائيندڙن کي ڏسندا رهندا. اسان ڇا به چئون؟ پر اسان هي ڪيئن ٿا وساري سگهون ته معصوم ٻارڙن جي نفسيات تي ڪهڙا نقش جڙندا هوندا، انهن جي اندر وڌندڙ غم ڪٿي پهتو هوندو؟

زندگيءَ جو سفر طويل آهي،

ها! هي اهڙو سفر آ،

جنهن ۾ سواءِ غم جي ڪجهه ناهي،

مان اقرار ڪيان پئي ته

خوشين جي آمد ٿيندي آهي،

پر گل تي آيل ماڪ جيان،

جيڪا ڪجهه پلن کان پوءِ گم ٿي وڃي،

زندگيءَ جي سفر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جا نشان رهجي وڃن ٿا ته،

اهو صرف غم ئي آهي،

۽ ان جا نشان هر پل گهرا ٿيندا رهن ٿا،

زندگيءَ جي ڪلهن تي صرف غم جي گودڙي ئي رهجي وڃي ٿي. (هلينا).

شايد انهن ٻارڙن کي ڪير اچي ڪپڙا ڏئي به وڃي، ڇا انهن ڪپڙن ۾ اها خوشي هوندي جيڪا پنهنجي گهر ۾ هوندي آهي. ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺل ڪو ٻارڙو ائين ئي ضد ڪندو رهندو هوندو ته امان! عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟ ۽ ان جي ماءُ مٿي تي هٿ رکي چوي ته ابا! هن ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment