Sunday, September 19, 2010

On Shaheed Mir Murtaza Bhutto.


14th death anniversary of Braveheart Che Mir

Veengas


Why do people embrace martyrdom? Recently, my inner voice gave me the answer: People who lay down their lives for noble causes live in history’s hall of fame; most of us perish without leaving a trace. Shaheed Mir Murtaza Bhutto whom I call Che Mir, after Che Guevara, was one such historic figure who died for a noble cause. Today on the 20th of September, exactly 14 years ago, Che Mir was inducted in history’s hall of fame. And though he is no more with us, his struggle and spirit does. Still the pain of him leaving us remains after so many years. Among the myths about him is one which says that he had a militant or terrorist approach. While going to attend anniversary of his martyrdom, a well wisher asked me who was Che Mir and I explained Mir Murtaza Bhutto who spent his life in danger and who had to move with his family from place to place.

And yes he was outspoken because his sister was the prime minister but it did not save him from the murderer’s bullets. In fact he rebelled against dictatorship but was called a terrorist. His daughter Fatima Bhutto wrote a book “Whisper of Desert” which among many things reveals a broken heart because of her father’s untimely demise. Che Mir never cared for his wife and children when it came to his mission of fighting for the rights of the downtrodden. He was not a felon, rather he was labelled as such by those who hated his guts. If fighting for justice is terrorism then he was one. But no just person would call such a person a terrorist. During his whole life Mir never took any step against interests of the poor. General Zia propagated such notions as he could not justify his own dictatorship. Che Mir had not chosen to rebel rather he was living in the era of dictatorship and he had no choice but to rebel. He had to fight and resist an oppressive ruler.
It was the constant struggle of Che Mir that Zia ruled under threat from the ordinary people. It is sad that he and his sister Benazir Bhutto could not unite and became victims of conspiracies of those who did not want to see Bhuttos united. He died from bullets and so did his sister when she returned to her country. Mourning the death of Mir Murtaza Bhutto, Benazir said in an interview to the Indian channel Zee TV that the martyrdom of Mir has broken her backbone. She felt so weakened and sad by his demise. The Bhuttos have faced violent deaths for working for the cause of justice to the poor. Who will give them justice? Benazir’s sister Sanam Bhutto once said there was no justice in high profile murder cases. Well Chief Justice of Supreme Court Justice Iftikhar Chaudhry might give an answer to her question. Mir’s wife Ghanwa has long lost hope and had said that she has put her case in the court of the public. President Zardari talks of changing the party. He should follow the example and views of Che Mir and change the party according to these. Physically Che Mir is no more but his spirit is alive. People can die, spirits never die. He was a man who made his own history by his revolutionary spirit.

In a play by Shaikh Ayaz (Sindhi poet) the character of play on Death says to his sister Bhaaghi. Bhaaghi! If I give up life today, If I am offered to the earth, Yes, you will be truthful if you tell me that breath will be gone, But the faith in humans will not be gone. (Shaikh Ayaz) Che Mir is no more with us but his memory lives with the common and poor people who throng his tomb in Garhi Khuda Bux. He has found his place in the hall of fame of history.
http://www.thefrontierpost.com/News.aspx?ncat=ar&nid=261

Published in The Frontier Post on 20/september/2010.

On Shaheed Mir Murtaza Bhutto.

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي نسبت سان
”بس ايڪ اور شام گذرني دو!“

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------
زندگي جو چڪر صرف ڪلينڊر جي چوطرف ڦرندڙ ناهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي زندگي کي ڪلينڊر جي وقف ڪري ڇڏيندا آهيون. ڪلينڊر ۾ هر زندگيءَ جون مخصوص ڪيل تاريخون هونديون آهن، جن جو پلس ۽ مائنس سان ڳانڍاپو آهي. اهي ئي ڪَٽِ ۽ جوڙ اسان جي چهرن تي مسڪراهٽون ڏيندڙ آهن. پر اسان جي حصي ۾ مائنس پوائنٽس گهڻيون آهن. ان جي هوندي به زندگي کي اسان گهاري رهيا آهيون.

اهڙي ئي هڪ شام اسان جي حصي ۾ ڏني وئي، 20 سيپٽمبر جي خوني شام جنهن اسان کان اميد جو سهارو هڪ ڀيرو ٻيهر کسي ڇڏيو. هڪ گهات گهري شام جي اونداهي ۾ هنيو ويو. هي صرف ڪاغذي ڊائلاگ ناهي پر سچ جي نگاهه سان ڏسجي ته انهن اسان جي مٿان گهرو گهات ئي هنيو، جنهن کي هينئر تائين ڀري نه سگهيا آهيون. ها! 20 سيپٽمبر جي شام جو انهن ذوالفقار علي ڀٽي جو پٽ، شهيد بي بي ۽ شهيد شاهنواز جو ڀاءُ نه شهيد نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو معصوم ۽ مسڪين عوام جو اڳواڻ به هو ۽ آهي. شهيد چي مير مرتضيٰ ڀٽو جنهن جو جنم 70 ڪلفٽن ۾ ٿيو ۽ ان جي جهولي ۾ آيل سياسي ماحول به ڪنهن حدتائين يقينن خانداني ئي هو. چي مير جي حصي ۾ آيل خانداني سياست گهڻي تلخ هئي، پر ان کي صرف خانداني سياست سان ڳنڍي رکڻ به انصاف ناهي، چي مير هٿ ۾ آيل خانداني سياست کي پنهنجي من اندر سان رنگيو. هاڻي توهان ان کي دهشتگردي جو نانءُ ڏيو يا وري ٻيو ڪجهه ئي چئو! پر جيڪڏهن هو ويڙهه نه ڪري ها ته جنرل ضياء ڪڏهن به ڪمزور نه ٿئي ها. ڇا اسان تاريخ جي ورقن تي نقش ٿيل ويڙهاڪ وساري ڇڏيا آهن. چي گويرا، برونو، سڀاش چندر بوس ۽ شهيد هوش محمد شيدي تائين جي ويڙهه کي توهان سڀئي دهشتگردي جو نانءُ ڏيندوء؟ يقينن بلڪل به نه! پوءِ چي مير جي ڪيس ۾ توهان کي دهشتگرد جهڙا ناوَ ڇا لاءِ پيا ياد اچن؟ جن کي دهشتگرد چوڻ گهرجي اهي انهن جي لاءِ سياسي ماڻهو آهن، نائين زيرو جيڪو ڪجهه ماضي ۾ ڪيو سڀ گم، هاڻي هو انهن کي سياسي پارٽي جو نانءُ ڏئي رهيا آهن. چي مير کي مخالفت جو انڪري ۾ نشانو بڻايو ويو جو اسٽبلشمينٽ ان جي خلاف گهڻو زهر وهائي چڪي هئي. چي مير جي خلاف ڪنهن ڪنهن نه ڳالهايو؟

ڇا اسان کي ياد ڪانهي؟ چي مير جي پارليامينٽ سياست جي مخالفت ڪندڙن جي، جيڪي اڄڪلهه پاڻ به پارليامينٽ جي سياست جي سپورٽ ڪري رهيا آهن، پنهنجي لاءِ ان کي بهتر باقي ٻئي لاءِ ڪبيرو گناهه! ڇا اسان وٽ سياست کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پيمانو اهو ئي آهي؟ مان هتي هي بلڪل به نه لکنديس ته لکندڙ هٿ ئي درست ڳالهه ڪندڙ آهن، پر جيڪي وڏي واڪي سان تبديلي ۽ نئين جهان جوڙڻ جي هام هڻي رهيا آهن، انهن جا اعمال ڪيئن آهن؟ چي مير انهن مان نه هو! هن جنهن راهه جي چونڊ ڪئي اها ان وقت جي ضرورت هئي، صرف هي چوڻ ته نان وائلنس سان شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون ته صرف نان وائلنس سان ئي هر شيءِ حاصل نه ٿي ٿي سگهي. اسان وٽ گانڌي جو مثال ڏنو ويندو آهي، پر تاريخ اندر جهاتي پائي ڏسو جيڪڏهن ٻئي جنگ عظيم ۽ سڀاش چندر بوس پنهنجو رول ادا نه ڪن ها ته انگريز ڪمزور نه ٿين ها، اهي ڪمزور ٿيا ۽ انهن جي مجبوري هئي جو انهن کي وڃڻو پئجي ويو، صرف گانڌي جي ڪري ئي واپس نه ويا هئا.

ويڙهه ناانصافي جي خلاف اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، جنرل ضياء جي ڪاري دور خلاف، چي مير جي ويڙهه جائز هئي. اهو چي مير ئي هو جنهن جنرل ضياء کي سڪون سان ويهڻ نه ڏنو، جنرل ضياءَ رياست جي وڏي مشنيري هوندي به هڪ جلاوطن نوجوان کان خوف زده رهيو. ڪاش! چي مير پنهنجي جلاوطني تي ڪو ڪتاب لکي سگهي ها! جيڪو اڄ سنڌ جي نوجوان نسل ۾ ائين مشهور هجي ها جيئن چي گويرا جي ڊائري مشهور آهي. چي مير کان جيڪڏهن ڪا سرزد غلطي ٿي هوندي ته ان کان اها ئي سرزد غلطي ٿي جو ان پنهنجي تلخ ۽ مشڪل سفر کي قلمبند نه ڪري سگهيو. شايد زندگي ان کي ڪجهه پل نه ڏنا!

اڄ چي مير جي شهادت جو ڏينهن آهي، چي مير ڪيس تي جيئن فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنو آهي، ان جي موٽ ۾ اسان وٽ ٻه سوال آهن ٻن ڌرين لاءِ هڪ عدليه کان ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته چي مير تي ڪنهن گوليون هلايون؟ ان کي رت ۾ ڪنهن ڌوتو، ڪنهن 70 ڪلفٽن جي در تي ان کي هميشه لاءِ نه واپس ٿيڻ جي ٽيڪٽ ڏني؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ته عوام جي گوريلي کي ڪنهن نه واپس ٿيندڙ جلاوطني ڏانهن موڪليو؟ ڪير ته هوندا جن اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ٻيو سوال شهيد جي پارٽي کان آهي ته انهن ڪيس کي ان نموني سان ڇو نه کنيو جيئن انهن کي کڻڻ گهربو هو، جيڪڏهن هو هي ڪيس ڪنهن اعليٰ ۽ معتبر وڪيل کي ڏين ها ته شايد ڪيس جي ٻولي ۽ وزن ٻيو هجي ها. شهيد جي پارٽي ان سان ڪٿي انصاف ناهي ڪري سگهي؟

چي مير کي رياستي اندر انصاف ملي يا نه! پر چي مير کي تاريخ جي ديويءَ پنهنجي محل مان انصاف جي مالا کڻي پارائي آهي. چي مير نئين دور ۾ به هوش محمد شيدي ۽ چي گويرا جهڙن جي روايت کي قائم رکندي، جرئت مند راهه جي ذريعي موت کي مات ڏني آهي.

هن سَرَ جي گدلي سينورَ ۾،
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي،
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان،
هي ڏوههُ نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هُوءَ سانجهي جا ست رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪنان،
ٿو آگم آگم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
هُو ڌوتا تنهنجيءَ ڌرتيءَ جا،
پوءِ صوفي ها يا جوڳي ها!
هُو ٺانگر سارا ٺوڳي ها-
مون روز سگهارا گيت چيا،
هو راڳي تُنهنجا روڳي ها! (شيخ اياز)


مير جي زندگيءَ کي ياد ڪندي اياز جا مٿان ٻول ذهن تي تري اچن ٿا.
چي مير ئي آهي جو اڄ جن جن هن سان بي بنياد اختلاف رکيا انهن سڀني چي مير جي راهه ورتي آهي. قومپرستن جي پارليامينٽ ڏانهن منهن ڪرڻ کانوٺي ويڙهه تائين، ڪير اقرار ڪري يا نه پر انهن سڀني پنهنجي عملي مظاهري ذريعي چي مير راهه تي هليا آهن. ان کي ئي تاريخي جيت چئبو آهي. مير 70 ڪلفٽن ۽ ڀٽي خاندان جي اولاد ضرور هو پر هو پنهنجي انداز ۾ منفرد ويڙهاڪ اڳواڻ هو.

اڄ جي مير زندهه هجي ها ته سنڌي ڪراچي ۾ ائين جلاوطن نه هجن ها ۽ نه ئي سنڌي ٻوڏ ۾ لاوارث هجن ها ڪٿي هنن لاءِ ڪو سهارو ضرور هجي ها. پر هن 20 سيپٽمبر جي شام اسان جي حصي ۾ نه ختم ٿيندڙ صحرا جهڙو غم ڏنو آهي، آخر ۾ مون کي اردو جون ڪجهه سٽون ياد اچي رهيون آهن ته؛

هم سي نا پوڇ ڪي هم ڪب سي لوٽي هوئي هين،
هم سي ناپوڇ ڪي غم ڪي گهرائي ڪهان تڪ هي،
بس ايڪ اور شام گذرني دي، ايڪ اور دن گذرني دي،
ايڪ انتظار هي اس انتظار ڪو رهي ني دي

Published in Daily Ibrat on 20/september/2010

Imran Farooq muerder! Why & for What?

عمران فاروق جو قتل ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------

پاڪستان اهڙي رياست آهي جتي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، توهان جي آڏو گهڻا مسئلا هٿ ٺوڪا ڪري پيش ڪيا ويندا آهن. انهن مسئلن تي ايتري واويلا ڪئي ويندي آهي جو عام عوام به يقين ڪرڻ لڳندو آهي. عوام جا ڄاڻ جا ذريعا ڪهڙا آهن؟ هڪ ذريعو عام سطح جو هوندو آهي جنهن کي وڌيڪ اهميت ناهي ڏني ويندي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ عام سطح واري ذريعي کي غير پائيدار چئي باءِ پاس ڪيو ويندو آهي. ٻيو ذريعو امير طبقي طرفان ايندڙ ڄاڻ جو آهي جنهن تي اسان سڀئي جلدي متفق ٿي ويندا آهيون. ايئن ئي تاريخ دان E.H. Carr جو چوڻ آهي ته

“The Ideas of society are the Ideas of its ruling class”.

ڇا اسان جا خيال گهڻو ڪري حڪمران طبقي جي عڪاسي ڪندڙ ناهن؟ نائين اليون کان پوءِ امير عورتن ۽ مردن جيئن جيئن ڏاڙهي رکڻ ۽ عورتن برڪا پائڻ شروع ڪيا ته پوءِ عام مردن ۽ عورتن به ان کي فالو ڪرڻ شروع ڪيو. انهن اميرن چيو ته هاءِ ڙي اسان جو مذهب خطري ۾، ۽ ان جي موٽ ۾ غريب مسڪين عوام به چوڻ لڳو ته ها اسان جو مذهب خطري ۾ آهي.

مون کي چڱي ريت ياد آهي ته اسلام آباد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مون پنهنجي هڪ استاد سان اختلاف رکيو ته فوڪو ياما جي ٿيوري End of History غلط آهي، ان جي موٽ ۾ مونکي ڪلاس کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ويو هو. فوڪوياما کي چئلينج ڪرڻ جو مون غريب جي ڪهڙي حيثيت جنهن کي ٻن پنن تي لکڻ به نه اچي. خير فوڪوياما صاحب منهن ڪڍي ڪري چيو ته مان پنهنجي ’ٿيوري اينڊ آف هسٽري‘ تان هٿ کڻان ٿو. ان کانپوءِ سڄي دنيا مڃي ورتو ته ها! هي ٿيوري بي بنياد آهي.

هيڏا سال فوڪاياما اسان جو مٿو کائيندو رهو ۽ ان جو ڪنهن به حساب ڪتاب نه ورتو.

يقينن توهان سوچيندا هوندوء ته مان عمران فاروق جي قتل تي ڳالهائڻ جي بجاءِ ٿيوريز تي ڇو ڳالهائي رهي آهيان؟

ڳالهه سادي آهي ته اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ به اڪثريت حڪمران طبقي جي خيالن جي حڪمراني جي آهي. توهان ڪجهه به چئو پر توهان کي سنڌي صحافت جو چئي چپ ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو. يا وري ايڪس، واءِ ۽ زيڊ گروپن سان ڳنڍيو ويندو.

ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيڻ ويندو آهي ان جو اندازو توهان کي اڳ ۾ ئي ٿي ويندو آهي ڇاڪاڻ جو حڪمران طبقي وارا اڻ سڌي طرح سان اشارو ڏئي ڇڏندا آهن. اربع واري ڏينهن ڪراچي ۾ سنڌ جو ڏاهو ، ملڪي سطح جو Trainer جامي چانڊيو طرفان ميڊيا تي ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ ڪرايو ويو. ان ورڪشاپ دوران مون ذاتي طور محسوس ڪيو ته ڪجهه شيون اهڙيون ناهن هونديون جيڪي ٻڌايون وڃن ٿيون، ۽ اسان ٻڌندڙ شين تي جلدي يقين ڪري ٻين لاءِ خاڪا جوڙي ڇڏيندا آهيون. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته حقيقت جو عڪس ٻيو به ٿي سگهي ٿو. انهي ڏينهن مون کي ڪنهن همدرد جي ڪال آئي ته توهان ڪٿي آهيون؟ مون آرام سان چئي ڏنو ته مان هينئر گهر ۾ ئي آهيان. ان جي موٽ ۾ ان صرف ايترو چيو ته تون پنهنجو خيال رکجانءِ. مون کي عجيب لڳو ته هاڻي ڇا ٿيو جو مان پنهنجو خيال رکان؟ ڪراچي جي اِليٽ طبقي کي ڪٿي شايد ڌپ اچي چڪي هوندي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو ئي ٿيو. پاڪستان جي وقت مطابق خميس واري رات ۽ لنڊن شهر جي وقت مطابق شام جو ايم ڪيو ايم جو اهم ترين اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق ڇرين سان وار ڪري قتل ڪيو ويو.

ڊاڪٽر عمران فاروق گهڻي وقت کان لنڊن ۾ رهيل هو، عمران فاروق ٻن سالن کان غير فعال هو، کيس ڪجهه سببن ڪري معطل پڻ ڪيو ويو هو. جنهن ڏينهن عمران فاروق کي قتل ڪيو ويو انهي ئي ڏينهن الطاف حسين جي سالگره جو ڏينهن هو. هڪ دلچسپ منظر هي به آيو آهي ته ڪراچي ۾ الطاف حسين جي سالگره جون تياريون وڏي پيماني تي ڪيون وينديون آهن، پر هن ڀيري اهڙو ڪجهه خاص نه ڪيو ويو. لنڊن جي وقت مطابق عمران فاروق جو قتل شام جو ٿيو ۽ پاڪستان جي وقت مطابق 11 بجي ٿيو. پر ڪراچي ۾ شام جو ئي الطاف حسين جي سالگره جي ٿيندڙ پروگرامن کي روڪيو ويو.

سوال هتي هي ٿو پيدا ٿئي ته آخر متحده کي ايترو جلدي هي سڀ ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؟ جڏهن ته عمران فاروق جو قتل لنڊن جي وقت مطابق شام 5 بجي ٿيو ته پوءِ پاڪستان ۾ شام جو ئي سالگره جون تياريون ڪهڙي سبب ڪري روڪيون ويون؟

ڇا عمران فاروق اڳ ئي قتل ٿي چڪو هو؟ ڏسون لنڊن جي پوليس ڪهڙي ۽ ڪيئن ٿي رپورٽ ڏئي؟

سوال هتي هي پيو پيدا ٿئي ته متحده جا اڳواڻ قتل ڇو ٿي رهيا آهن؟ رضاحيدر 2 آگسٽ 2010 تي قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي وري عمران فاروق جو قتل؟ ڇا متحده ۾ اختلاف پئجي چڪا آهن؟ ان سان گڏوگڏ ٻه يا ٽي سال اڳ هڪ اردو رسالي لکيو هو ته عمران فاروق ۽ متحده جي ڪجهه اهم اڳواڻن کي قتل ڪيو ويندو؟ مون کي ذاتي طور هينئر ان رسالي جو نالو ياد نه پيو اچي پر مون کي ايترو ياد آهي ته ان ۾ عمران فاروق جي قتل بابت پيشن گوئي ٿيل هئي. متحده جي اهم ترين ۽ غير فعال اڳواڻن کي قتل ڪرڻ مان ڪنهن کي ڪهڙا فائدا حاصل ٿين ٿا؟

عمران فاروق ۽ الطاف حسين ۾ اختلاف هلندڙ هئا، يقينن اختلاف رکڻ خراب ناهي، پر عمران فاروق اهو ماڻهو هو جيڪو پارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي ويهڻ جو اهل هو. ڪجهه حلقن جي راءِ آهي ته عمران فاروق پارٽي جي اهم عهدي تي ويهڻ جو دعويدار ٿي پئي سگهيو، جيڪڏهن عمران فاروق هجي ها ته اڳوڻي جنرل مشرف کي متحده ۾ اهم عهدو نه پئي ملي سگهيو. ڇو جو هينئر شايد ايندڙ وقت ۾ الطاف حسين کي تاحيات چيئرمين شپ ڏئي پرويز مشرف کي وائيس چيئرمين شپ ڏئي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي واڳ ان جي هٿ ۾ ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو ٻاهرين قوتن کي به پاڪستان ۾ اهم اَڏا گهرجن جن اهم جڳهن مان ڪراچي اهم ترين آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي اهم ڪردار ادا ڪندا.

ڇا عمران فاروق کي رستي تان هٽائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ويو؟ ان ۾ شڪ ناهي ته عمران فاروق مهاجر قومي مومينٽ جي تحريڪ ۾شهه رڳ جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ هو. عمران فاروق جي قتل تي ٻي راءِ هي به آهي ته عمران فاروق جا متحده ۾ اختلاف ۽ ان جي معطلي به متحده ۾ مسئلا پيدا ڪري رهي هئي. رضا حيدر جي قتل کانپوءِ گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ته موجوده حڪومت کي ختم ڪجي جيڪو نه ٿي سگهيو. ڇا عمران فاروق جي قتل پٺيان به اها ئي سازش آهي ڇاڪاڻ جو عمران فاروق ۽ رضا حيدر وچ ۾ گهڻو فرق آهي؟

عمران فاروق جو قتل متحده کي اهم موڙ طرف کڻي ويندو؟ هاڻي ڏسڻو هي آهي ته هن رياست جو حڪمران ۽ امير طبقو ڪهڙا خيال کڻي عوام جي ذهن کي جوڙيندو. متحده هينئر پنهنجن اڳواڻن جي قتل تي سياست ڪرڻ جي موڊ ۾ ڏسجي پئي. ڏسون هي سياست انهن کي ڪٿي بيهاري ٿي؟

سڀ کان اهم ترين مسئلو هي آهي ته سنڌ متحده جي ڪنهن به ڳالهين ۾ نه اچي ڇاڪاڻ جو متحده هن وقت پاور جي موڊ ۾ آهي.

انتظار ان ڳالهه جو آهي ته ڇا عمران فاروق جي قتل جا پيرا ملي سگهندا ۽ ان جي قاتلن کي سزا ملندي؟ ان سڄي مرحلي ۾ متحده پاڻ کي ڪٿي بيهاريندي؟ هي سوال خود متحده لاءِ به اهم آهي.
Published in Daily Ibrat on 18/September/2010

Sunday, September 12, 2010

Interview with Nawab Khiar Bux Marri.

http://bolanvoice.wordpress.com/2010/08/13/by-socialism-an-equal-society-can-be-created-khair-bukhsh%c2%a0marri/

Published in Balochistan Magazine Bolan Voice

Mother! Where are clothes of Eid day?

امان! عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟

وينگس
--------------------------------------------------------------------------------

زندگي عجيب آهي يا وري ان کي بڻايو ويو آهي؟ اسان ان سوال جي گهيرائي ۾ نه پيا وڃون. پر هڪ حقيقت موجود آهي ته اسان رياست جي ميڙ ۾ گهڻا منجهي پيا آهيون جتي هر هڪ جي ڪوشش آهي ته ڪٿي کڻي شايد ڪنهن ڪنڊ ۾ زندگي گهارڻ جو درست دڳ ملي سگهي، هڪ اهڙي ڳولا جنهن جو اختتام ئي ناهي.

زندگي کي درست دڳ تي هلائڻ لاءِ هر هڪ کي پنهنجي ذاتي سوچ تحت فيصلا ڪرڻ گهرجن! هي ڪيترو نه خوبصورت جملو آهي جيڪو اسان کي ٻڌايو ويندو آهي. واهه ...! سچ هي آهي جو اسان مان ڪير به خودمختيار ناهي سواءِ ڪجهه شين جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اسان سڀئي رياستي ور وڪڙ ۾ وڪوڙجي محتاج ٿي ويا آهيون، هتي زندگي لاءِ ڪجهه به ته ناهي. ان ۾ زندگي جي درست راهه ڪيئن ٿي ملي سگهي؟

ڇا اسان جن جي جهول ۾ ذميوارين جا پٿر ڏنا ويا هجن انهن کي پَري ڦٽو ڪري ٻئي راهه اختيار ڪري سگهون ٿا؟ شايد ائين ڪري به وٺون پر اهي پٿر توهان جي پيرن ڏانهن هر پل وڌندا رهندا. گوتم ٻڌ جي پيرن آڏو به ته هڪ ڏينهن ان جي گهر واري آئي هئي جنهن ان کي ڪجهه پلن لاءِ روڪي ڇڏيو هو. پاڻ نه گوتم ٻڌ جيان آهيون ۽ نه وري پاڻ وارو هي زمانو گوتم ٻڌ وارو آهي. بس هن دور ۽ گوتم جي دور ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي اها هي ته امير رياستن ۽ غريب زندگين جو غم اهو ئي آهي. چوندا آهن ته آسمان هيٺ نه امير تبديل ٿيا ۽ نه وري غريبن جا حال تبديل ٿيا.

زندگي کي آرام سان ڪيئن ٿو هلائي سگهجي؟ رياست اسان جي ان سوال کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ان اڳيان رڪاوٽون آڻي ڇڏيون آهن. ڪٿي زندگي ائين نه هجي جيئن ان کي انهن اميرن مشڪل ڪري ڇڏيو آهي. ائين ئي هڪ ڀيرو ٻيهر اميرن جي دنيا مان اسان غريب تائين ٻوڏ آئي آهي. هي قدرت جي نالي هيٺ هٿرادو ٻوڏ آهي جنهن اسان جي غريبن جي گهرن کي لوڙهي ڇڏيو آهي. زندگي جي فلسفي تي نه پيا اچون، پر ان ڳالهه کان ته ڪير به انڪاري ناهي ته عوام جي جهول ۾ آيل درد گهڻو رياست جي طرفان هوندو آهي. ڇا اسان غلط آهيون؟ جيڪڏهن اسان غلط آهيون ته ٻوڏ سان پٽ پيل شهرن ۽ ڳوٺ ڏانهن نهاريون انهن کي ڪنهن برباد ڪيو؟ هن سوال جو جواب هي ڏنو ويندو ته توهان جي وڏيرن سڀ ڪجهه ڪيو. پوءِ اسان به انهن کي پڇڻ چاهيون ٿا ته پختونخواهه جي انهن علائقن ۾ ٻوڏ ايتري ڇو آئي جتي آرمي کي آپريشن ڪرڻو هو؟ جيڪڏهن وڏيرا ايترا خومختيار آهن ته پوءِ آرمي جو ادارو ڇا ڪري رهيو هو؟ اهي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن، ۽ انهن جي ملي ڀڳت ۾ لڙهيو صرف غريب آهي.

هتي ڪير ڇا به چوي پر غريبن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير به ناهي، پاڻ وٽ ته اهي هيرا به نه رهيا جيڪي عوام جي در تي ائين پهچي ويندا هئا ڄڻ اهو غريباڻو گهر انهن جو پنهنجو ئي هجي. ڪنهن تي ڪنهن تي آڱريون کڻجن ۽ انهن جي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ به انصاف ڪٿي ملندو؟ سڀ مسئلا هڪ پاسي پر انهن مسئلن مان هڪ سوال اڀري رهيو آهي ته هيڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ جيڪي بچي ويا آهن انهن تائين هيل ايندڙ عيد جو چنڊ ڪهڙيون خوشيون کڻي ايندو؟ اهي ننڍڙا ٻارڙا جيڪي گهٽين ۾ ڊوڙي رڙيون ڪري چوندا هئا ته عيد جو چنڊ نظر اچي ويو ... امان! مون کي سڀاڻي نئون وڳو وٺي ڏيندينءَ نه. ۽ ماءُ کلندي جواب ڏيندي آهي ته ها بابا حاضر ... بس هاڻي کٽ مٿان ٽپا ته نه ڏئي...!!!

عيد اسان جي زندگي ۾ جهٽ پل جي خوشين سان گڏ نه وسرندڙ وقت به ڏئي ويندي آهي. پر هينئر جن جن ڳوٺن ۾ ٻوڏ جي بربادي آئي آهي انهن جي گهٽين ۾ ٻارڙن جو ڊوڙون نه پر پاڻي ۽ گپ هوندي. انهن ڳوٺن ۾ ڪٿي به عيد جي خوشي ملهائڻ وارو نه هوندو، اتي هڪ گهري خاموشي آهي.

انهن ڪئمپن ۾ عيد ڪيئن هوندي جتي نوجوان نينگريون پنهنجو ڪنن جون واليون 32 تولن جي جاءِ تي 10 تولن جي اگهه ۾ وڪڻي گاڏي جو ڪرايو ڪري شهر ڏانهن آيون هجن. جيڪڏهن توهان انهن کان بيوقوفي وچان سوال ڪري ويهي رهو ته توهان عيد ڪيئن ملهائيندوء؟ موٽ ۾ توهان کي جواب به ڪوڙو ملندو. ڪئمپ جي دوري ڪرڻ دوران مونسان گڏ هلندڙ ساٿيءَ هي سوال ڪري ڇڏيو مون کي پهرين گهڻو تعجب ٿيو ته هي ڪهڙو سوال آهي؟ خير ان سوال جي موٽ ۾ هڪ نينگريءَ مون ڏانهن ڏسندي چيو ته ادي اهڙن سورن ۾ ڪير ٿو خوشي ملهائي سگهي؟ انهيءَ وقت ان جي ننڍڙي ڀيڻ روئيندي چوڻ لڳي ته اسان ڀل اتي مري وڃون ها پر هتي نه چئون ها. هڪ غمزده ماحول ۾ ڪيئن ٿي عيد ملهائي سگهجي؟ ۽ انهي ڪئمپ ۾ ڪا بيوهه عورت ڊوڙندي توهان ڏانهن اچي چوي ته امان! اسان جي ڪا واهر ڪريو منهنجن ٻچن لاءِ نوان ڪپڙا ناهن، هاڻي هن کي ڪيئن سمجهايان ته اسان جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو آهي، مٿي تي ڇت ناهي ڪپڙا ڪٿان آڻيان؟

ان جي ماءُ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر ننڍڙي ٻارڙي جو ساڳو ئي ضد هو ته امان!عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟ بس مون کي ڪپڙا ڏئي. ڪڏهن ڪڏهن سور توهان کي پنهنجي عمر کان گهڻو وڏو ڪري ويندا آهن، ائين جيئن ان ٻارڙيءَ جي ڀاءُ ان کي ڀاڪر پائيندي چيو ته اڙي پاڻ کي ڪير ڏيندو؟ اسان اڪيلا آهيون چپ ڪر ! اچ هلي ٻاهر راند کيڏون.

ان جو ننڍڙو ڀاءُ جهٽ لاءِ چپ ٿي ويو پر ان جو ضد ساڳو ئي هو. انهن جي زندگيءَ کي جيئن تڪليف ۾ وڌو ويو آهي ان جو ڪير ازالو ادا ڪندو؟

ان جي ماءُ جيڪا ڪجهه به ڳالهائڻ کان پهرين مسلسل روئيندي چئي رهي هئي ته مان پنهنجن ٻچن کي ڪجهه به نه ٿي ڏئي سگهان. هڪ ماءُ unconditional پيار کان مٿي ٻيو ڪجهه ڏئي به ڇا ٿي سگهي! هن دنيا ۾ جتي ڪٿي conditional پيار آهي ۽ جنهن پيار جي عمر گهڻي مختصر يا وري هڪ سمجهوتي تي هلي پئي. ماءُ جو ئي اهڙو پيار آهي جتي ڪنڊيشنل ناهي پر انهن ٻارن کي ڪيئن سمجهائجي ته انهن جي امان وٽ ته پيار جي دولت آهي پر ان وٽ مالي دولت ناهي ۽ ان جي نه هجڻ جو سبب هن رياست مٿان آهي، جن عوام کي روايتي خوشيون ملهائڻ جهڙو به نه ڇڏيو آهي.

هڪ طرف سرمائيدار رياستي حڪمرانن آهن ته ٻئي طرف ميڊيا ۾ سرمائيدار آهن جن کي هيڏي تباهيءَ تي به عيد جون خوشيون ملهائڻ جو ضرور آهن، انهن کي مسڪين عوام جو درد ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. اسان وٽ ايتري ناقص حڪمت عملي آهي جو ملڪي تباهيءَ تي به پروگرام تبديل نه پيا ڪيا وڃن.

هاڻي هن ملڪ جو اڌ حصو عيد جون خوشيون ملهائيندو ۽ ٻيا رڳو عيد ملهائيندڙن کي ڏسندا رهندا. اسان ڇا به چئون؟ پر اسان هي ڪيئن ٿا وساري سگهون ته معصوم ٻارڙن جي نفسيات تي ڪهڙا نقش جڙندا هوندا، انهن جي اندر وڌندڙ غم ڪٿي پهتو هوندو؟

زندگيءَ جو سفر طويل آهي،

ها! هي اهڙو سفر آ،

جنهن ۾ سواءِ غم جي ڪجهه ناهي،

مان اقرار ڪيان پئي ته

خوشين جي آمد ٿيندي آهي،

پر گل تي آيل ماڪ جيان،

جيڪا ڪجهه پلن کان پوءِ گم ٿي وڃي،

زندگيءَ جي سفر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جا نشان رهجي وڃن ٿا ته،

اهو صرف غم ئي آهي،

۽ ان جا نشان هر پل گهرا ٿيندا رهن ٿا،

زندگيءَ جي ڪلهن تي صرف غم جي گودڙي ئي رهجي وڃي ٿي. (هلينا).

شايد انهن ٻارڙن کي ڪير اچي ڪپڙا ڏئي به وڃي، ڇا انهن ڪپڙن ۾ اها خوشي هوندي جيڪا پنهنجي گهر ۾ هوندي آهي. ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺل ڪو ٻارڙو ائين ئي ضد ڪندو رهندو هوندو ته امان! عيد جا ڪپڙا ڪهڙا آهن؟ ۽ ان جي ماءُ مٿي تي هٿ رکي چوي ته ابا! هن ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو.