Sunday, August 8, 2010

Problem isnot flood..!!!

عوام سان مسئلو ڪهڙو آهي؟ اسان کي هاڻي انهي سوال تي سوچڻ گهرجي ته آخر عوام جا مسئلا حل ڇو نه ٿي رهيا آهن؟ انهن لاءِ ڪهڙي رڪاوٽ آهي جو ڪجهه به حل ٿي نه پيو سگهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته امير طبقو جيڪو مٿي ويٺل آهي اهو ڪڏهن به عوام جي درد کي محسوس ڪري ئي نٿو سگهي جيڪڏهن ان عوام جي درد کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ معاشري ۾ امير ۽ غريب طبقي ۾ فرق ئي نه رهي ها، انهي ڪري اسان امير طبقي کان ديا نه وٺنداسين ته اهي اسان تي رحم کائي ماني جا ٻه ٽڪر ڦٽي ڪن، غريب عوام جو پيٽ هڪ ويلي جي ماني تي به گذر ڪري وڃي ٿو.

اسان عوام جي ووٽ جي سهاري آيل حڪومت کان پڇڻ چاهينداسين ته سندس من اندر عوام جو درد 24 ڪلاڪن جي هر هڪ هلندڙ سيڪنڊ سان هلي رهيو آهي، ان جي باوجود به عوام جا پتڪڙا مسئلا حل ڇو نه ٿي رهيا آهن؟

اسان سمجهون ٿا ته رياستن مٿان قدرتي ۽ هٿرادو بحران ايندا رهندا آهن، پر جيڪي مسئلا پيش اچي رهيا آهن، انهن کي حڪومت حل ڇو نه پئي ڪري؟ هينئر سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ آئي آهي، جنهن جو بظاهر نقصان ضرور ٿيو آهي، پر سنڌ جي نقطي نگاهه سان مسئلي کي به ڏسڻ گهرجي ته هيڏن سالن کان عوام وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه هو، ۽ پنجاب پڻ ارسا جي داداگيري آن دي رڪارڊ آهي ته انهن هر موڙ تي ناجائزي ڪري سنڌ جو پاڻي روڪيو آهي، پنجاب پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري پيو ۽ ان جو مثال اسان جي آڏو آهي، ته چئني صوبن ۽ وزيراعظم جي رضامندي کان پوءِ چشما لنڪ جهلم ڪئنال کولڻو آهي، ارسا جي آڏو ته وزيراعظم جي به نه هلي، اهڙي ماحول ۾ جتي ملڪ گهڻن پاسن کان ڦاٿل آهي اتي وري ڊيم جي ڳالهه ڪئي وئي اهو به ڄاڻندي ته ٽئي صوبا ان معاملي تي راضي ناهن جڏهن ته سنڌ رڙيون ڪندي رهي آهي ته توهان 91 ٺاهه تحت پاڻي جو مسئلو حل ڪريو، پر ارسا کي هي ڳالهه ٻڌڻي ئي ڪانهي مٿان وري سنڌ مان متحده پنجاب ۾ پڱ پائي پاڻ کي سنڌ جي نمائنده پارٽي پيش ڪندي لاهور ۾ ڊيم ٺاهڻ تي راضپو ڏيکاريو. جڏهن ته هي راضپو صرف ۽ صرف متحده جو هو نه ڪي سنڌ جو.

هتي هي ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اسان سمجهي سگهون ته انهن ڊيمن ٺاهڻ لاءِ دهل لاڳيتو وڄائيندا اچن پيا، ان جو ثبوت سنڌ کي هي ڏنو ويو ته گڏيل قومي مفادن واري ڪائونسل 19 جولاءِ 2010 تي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڀاشاڊيم جي خلاف اڃا سنڌ ۾ تحريڪ شروع ٿي ئي هئي ته مسڪين عوام مٿان ٻوڏ جو پاڻي ڇڏيو ويو، هي اها ئي ارسا آهي جنهن وٽ 19 جولاءِ 2010 تائين پاڻي صوبن کي ڏيڻ لاءِ نه هو.

پر هينئر هي ٻوڏ ڪٿان آئي؟ ان جا ٻه مقصد آهن هڪ ڀاشا ڊيم تي خاموشي ڪرائڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم لاءِ راهه هموار ڪرڻ جو ڊرامو رچايو ويو آهي، هن ملڪ جي پياري لاڏلي قومي ميڊيا جي وات ۾ هي ڳالهه ناهي ته ٻوڏ متاثرين جون حالتون ڪيئن آهن؟

انهن وٽ هي مسئلو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ڇو نه ٺاهيو ويو آهي؟ اسان ڪيستائين عوام جي لاشن تي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهنداسين ماضي ۾ بنگالين جي علحدگي تي 73 جو آئين ڏنو ويو جنهن کي هينئر تائين ايمانداري سان ننڍن صوبن تي لاڳو نه ڪيو ويو آهن ڪنڪرنٽلسٽ کي ختم جهڙو نه ڪرڻ آهي. هاڻي ٻيهر موجوده حالتن ۾ عوامي ليڊر جي بحران جو فائدو وٺندي هٿرادو بحران پيدا ڪري مٿيان وارا پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن، هي ٻوڏ جنهن پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ جتي تباهي مچائي آهي، اتي سنڌ انهي پاڻي جو ڀليڪار گلن سان ڪيو آهي، هي اهو جواب آهي ڳجهن هٿن کي جيڪي تباهي مچائي عوام کي سوڙهو ڪرڻ چاهين پيا پر انهن جو پتو الٽو پئجي ويو آهي. مٿيان وارا پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن پر انهن جي هٿرادو بحرانن ۾ عوام مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪ خبر موجب ته سنڌو درياءَ آبپاشي جي سمورن ماهرن ۽ سرڪاري ادارن جي اندازن کي غلط ثابت ڪندي 11 لک 45 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪري سان گڊو بئراج ڏانهن وڌي رهيو آهي، اڄ گڊو بئراج وٽان ڏهه لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف آبپاشي ماهرن اهي اندازا لڳايا هئا ته گڊو بئراج وٽان سنڌو جو چاڙهه اٺ لک ڪيوسڪ کان نه وڌندو . جڏهن ته ڪالهه شام جو ئي گڊو بئراج مان ساڍا اٺ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ شروع ٿيو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن اندر خطرناڪ ٻوڏ (سپر فلڊ) ۾ تبديل ٿي ويو.

يقينن انهن وڏن وهڪرن سان عوام کي مالي ۽ جاني نقصان ضرور ٿي رهيو آهي، ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو صرف موجوده حڪومت جي سنجيده ڪارڪردگي سان ئي ممڪن آهي. حڪومت کي رليف ڪئمپن ۾ ڏسڻ گهرجي ته انهن عوام کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن، مسئلو هي ناهي ته عوام مٿان آفتون ڇو پيون اچن پر مسئلو هي آهي ته ان آيل آفت کي حڪومت ڪيئن ٿي منهن ڏئي عوام جي درد ۽ تڪليف کي سهارو ڏئي.

سنڌ حڪومت ڀاشا ڊيم تي خاموشي اختيار ڪري سنڌ جي مستقبل تي ڪارو ٽڪو هنيو، هاڻي سنڌ حڪومت پنهنجي غير موثر ڪارڪردگي ڏيکاري عوام کي بيزار نه ڪري ۽ نه ئي ڳجهن هٿن کي موقعو ڏئي ته اهي ڊيمن جي مرلي وڄائين.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت وري ٻيهر سنڌ مٿان ڪارو ٽڪو نه هڻڻ ڏيندي.

No comments:

Post a Comment