Friday, August 27, 2010

Karachi! Is not any one father's property!!!!!


ڪراچي ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي!!!

وينگس


--------------------------------------------------------------------------------






25 اربع جو ڏينهن هميشه جيان گذري رهيو هو ۽ آفيس کان گهر ڏانهن واپسي دوران ساڳيو ئي سفر رهيو، انهي دوران منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ نينگريءَ کي فون آئي ته جلدي گهر پهچي وڃ حالتون خراب آهن، هن ٽٽل ديسي انگريزي ۾ جواب ڏيندي چيو ته OK Bhai Am coming na abhi . مون کي اندر ۾ کِل آئي ته اسان ٻولين ۾ ڪيترو نه بگاڙ ڪري رهيا آهيون. هن فون بند ڪندي مون ڏانهن پاسو ورائيندي چيو ته آپ ڀي صفوره ڪي طرف جائين گي نا. مون ڪنڌ لوڏيندي هاڪاري ۾ جواب ڏنو. هن يڪدم جواب ٻڌندي اڻ ٻڌو ڪندي چيو ته حالات بهت خراب هين ۽ مون ڦڪي مسڪراهٽ ڏيندي چيو ته حالات بهتر ڪب ٿي!

انهي دوران اسان ڪرن اسپتال پهچي وياسين جنهن تي ڊرائيور چيو ته باجي اسان اڳتي نه ٿا هلي سگهون توهان کي پنڌ وڃڻو پوندو. هن ڀيري گهٽ ماڻهن احتجاج ڪيو ته آخر گاڏي کي ڇا لاءِ روڪيو اٿوَ؟ انهي ڪري جو هاڻي گاڏي گلشن جي ايريا ۾ آئي جتي هر ڏينهن هڙتالون ٿيڻ ۽ قتل ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ماڻهن جي خاموشي ٻڌائي رهي هئي ته انهن لاءِ هي سڀ ڪجهه نئون ڪانهي.

خير مونکي ويهن منٽن جو سفر هاڻي پنڌ ۾ طئي ڪرڻو هو، ۽ مون پاڻ کي چيو ته So be ready march to home. ، انهي دوران مون کي پنهنجي دوست جي فون آئي ته ڪٿي آهين؟ مون اهو ئي جواب ڏنو جيڪو مان ڪجهه گهڙيون اڳ پاڻ کي جواب ڏئي چڪي هئس. مون ان کي چيو ته هينئر فون بند ڪر پوءِ ڳالهائيندس. اڳتي جيئن ئي هلي رهي هئس ته ان وقت منهنجي اڳيان پوليس ئي پوليس هئي، هڪ پوليس واري مون کي کلندي چيو ته آگي مت جائين وهان پئي پوليس ڪي آپريشن هو رهي هين. مون کي ڳالهه عجيب لڳي ته هي ڇا آهي؟ مون کي چڱي ريت اندازو هو ته اتي امدادي ڪئمپ لڳل آهي ۽ جنهن جي واهر حڪومت بجاءِ قومپرست ڪري رهيا آهن، مون ان جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري ٻه قدم اڳتي ڪيا، ان وري مون کي روڪندي چيو ته آپ ميري بات ڪيون نهي سن رهي ڪي آگي پوليس ڪي آپريشن هو رهي هي آپ ڪو بهي گولي لگ سڪتي هي. مون ان کان ايترو پڇيو ته ڪيا وهان په دهشتگرد هين؟ ان ٽهڪ ڏيندي چيو ته نهين نهين وهان په متاثرين ڪو هٽايا جا رها هي. مون اڳتي وڃڻ جيئن شروع ڪيو ته ان وري منع ڪندي چيو ديکين بي بي ناجائين مون هٿ سان اشارو ڪندي جواب ڏيندي چيو ته مجهه ڪو پرواهه نهي ڪيا ڪرين گي يه لوگ!

مان جيئن ئي اڳتي وڌيس ته اتي ٻه ميڊيا جا ماڻهو ۽ هڪ ڇوڪري جيڪا ڪنهن کي فون ڪري رهي هئي، نظر آيا، مون ڪنهن کان به ڪجهه نه پڇيو بس خاموشي ۾ چپل سٽي جي جاءِ کي ڏسندي هلي رهيس جتي مون کي ائين لڳي رهيو هو ته هتي ڄڻ وڏا گناهگار ويٺل آهن جن کي حڪومت جي مشنري گرفتار ڪرڻ آئي آهي، انهي دوران منهنجي ڀرسان ٽئي ٻارڙا جن ۾ ٻه نينگر ۽ هڪ نينگري مٿي تي سامان ۽ هٿ ۾ پراڻي بالٽي کڻي روئيندڙ چهري سان روڊ ڪراس ڪري رهيا هئا. منهنجي آڏو ماضي جو اهو منظر تري آيو جڏهن معصوم ٻارڙا هڪ گهر کان ٻئي گهر ۾ انهي ڪري ڪڍيا ويندا هئا ڇاڪاڻ جو اهو گهر جنهن ۾ اهي رهندا هئا، انهن جو نه هو. ۽ وقت انهن کي هميشه لاءِ جلاوطن ڪري ڇڏيو.

ائين ئي هڪ ڀيرو هي ٻارڙا به جلاوطن ڪيا پيا وڃن، انهن ڪيترو نه ڏک ڀري نگاهه سان مونڏانهن ڏٺو هو، انهي وقت مون بيٺل هڪ نوجوان کان پڇيو ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان اردو ۾ جواب ڏيندي چيو ته آپريشن هو رها هي.

مان جيئن ئي وڌيڪ اڳتي وڌيس ته ڪجهه نوجوان پوليس کي التجا ڪري رهيا هئا ته اسان کي هن گهٽي ۾ ئي رهڻ ڏيو ۽ ٻئي پوليس واري رڙ ڪندي چيو ته: او سنو ان ڪو وهان سي هٽائو، جلدي ڪرو. جلدي ڪرو...! مون کي هر چهرو خاموش نظر آيو. هڪ گهري خاموشي مون کي انهي ايريا ۾ نظر آئي سواءِ پوليس وارن جي آوازن کان مون سنڌين نوجوانن کي بي وس بيهندي خاموش ڏسندي رهيس. جيئن ئي مون سچل ڳوٺ جي روڊ تي قدم رکيو ته مون پوليس موبائيلس جون ٽئي گاڏيون لنگهندي ڏٺيون، جنهن مان پهرين گاڏي ۾ شايد پوليس جي آفيسر هو جنهن جي گاڏي جا شيشا ڪارا هئا، ۽ ان اندر ويٺل مين آفيسر جي هٿ ۾ پيپسي جو ٽن هو، مون ان کي غور سان انهي ڪري ڏٺو ڇو جو اها گاڏي منهنجي ڀرسان ئي آهستي ڪراس ڪري رهي هئي، ان جي پٺيان ايندڙ ٻيون موبائيلس ۾ ويٺل سپاهي گاڏي مٿان بيهي هٿيارن جي نمائش ڪندي سچل ڳوٺ جي ساڄي پاسي کان وٺي کاٻي پاسي تائين پکڙيل هئا، جن کي ڏسي نوجوان خوف زده نه ٿيا پر ٻارڙا روئي رهيا هئا، جيئن ئي مان پنهنجي گهر جي ويجهو پهچي رهي هيس ته ان وقت مون پٿرن مٿان ويٺل متاثرين ڏٺا جيڪي ڪيترو نه ٽٽل ۽ اداس هئا مون دل ۾ چاهيو ته اڳتي هلي انهن کان ڪجهه پڇان پر ڇا پڇان ها اهو ئي ته انهن کي پوليس ڪيئن گهلي ڪئمپن مان ڪڍيو ۽ گولين جي بوڇاڙ ۾ اهي ڇا محسوس ڪري رهيا آهن. هڪ نوجوان ونجهڻي سان هوا ڏيندي زمين کي غور سان ڏسي رهيو هو عورتون خاموش مٿي تي هٿ رکي ويٺل هيون ۽ ٻارڙا روئي رهيا هئا.

هي آڌر ڀاءُ ڪراچي ۾ متاثرين جو ڪيو ويو آهي، ان وقت توهان کي هي سڄو منظر ائين لڳندو ڄڻ انهن ماڻهن ڪو سنگين گناهه ڪيو آهي جنهن جي سزا انهن کي ملي رهي آهي ۽ پوليس جي گاڏين جو علائقي اندر گشت اهو پيغام ڏيندڙ هو ته توهان سنڌين کي ڪراچي ۾ موت ملي سگهي ٿو پر ٻه ٽڪر زمين نه ٿي ملي سگهي. حڪومت جا اتحادي سنڌين کي اهو ئي پيغام ڏئي رهيا آهن. ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو جيئن ڪراچي ۾ سنڌين سان رويو رکيو پيو وڃي؟

متحده آخر ڇا چاهي رهي آهي؟ ان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ان پنهنجي حڪمت عملي سان ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي، اسان اڳ ئي چئي چڪا هياسين ته متحده جو رجسٽريشن وارو مطالبو سنڌين کي نو اينٽري ڪراچي ۾ ڏيڻ آهي. جڏهن سنڌ حڪومت رجسٽرشن جو مطالبو نه نڀائي سگهي ته پوءِ متحده پردي پٺيان ويهي ڪري سنڌين تي حملا ڪري رهي آهي. متاثرين ڪئمپن ۾ ڪيترو نه غم آهي جهاتي پائي ڏسو. هي غم اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا جن وٽ دردمند دل هجي ته ان کي خبر پوي ته گهر جو ڊهڻ ۽ جلاوطني جو غم ڇا ٿيندو آهي؟ متحده ڇو وساري ويٺي آهي ته هن سنڌ ئي انهن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. ڪٿي آهن اهي سنڌي قومپرست جيڪي نائين زيرو تي وڃي رضا حيدر جي وفات تيcondolence ڪرڻ ويا هئا، انهن کي متاثرين جا لاش نظر ڇو نه آيا جن تي غير سنڌين فائر ڪيا.

ڪراچي ۾ هڪ طرف متاثرين جي سهائتا ڪرڻ وارا سنڌي آهن ۽ باقي سنڌ حڪومت جي مفاهمتي واري خاموشي آهي، جن تي هاڻي متحده وارن اهڙي ايلفي لڳائي آهي جو هاڻي اهي ڳالهائڻ کان به ويا، ڇاڪاڻ جو الطاف حسين اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اسان مارشل لا جو ساٿ ڏينداسين. جيڪڏهن پ پ پ ڪجهه سنڌين لاءِ ڪري ٿي ته متحده بيهندي اسٽبلشمينٽ جي طرف ۽ پ پ پ کان ووٽ آف ڪانفيڊنس جي گهر ڪئي ويندي. ۽ جيڪڏهن پ پ پ سنڌين کي واپس ڪيو جنهن جي گهرن ۾ پاڻي ئي پاڻي آهي، ۽ اوڏانهن واپس ڪندي مسڪين متاثرين کي سان تڪڙ ڪئي ته پوءِ هي ائين ئي آهي ڄڻ توهان انهن کي موت جي منهن ۾ موڪليو وڃي ۽ مفاهمتي پاليسي جي ڪري پ پ پ ائين ئي ڪندي جنهن جو مثال هي آهي جو ڪراچي مان متاثرين وڃي رهيا آهن.

پ پ پارٽي ڪهڙي مفاهمتي پاليسي تي هلي پئي جتي سنڌين جي لاءِ سواءِ موت جي ڪجهه به ناهي، پ پ پ انهن اتحادين تي يقين ڪري رهي آهي جن اين آر او ۽ هميشه الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن. اسٽبلشمينٽ پنهنجين وفادار cats جو گهڻو خيال رکندڙ آهي ۽ اهو ڪيئن تي سگهي ٿو ته ان ۾ متحده کي اڪيلو ڇڏي ڏئي، انهي ڪري متحده جي پٺي ٺپيندي اسٽبلشمينٽ چئي رهي آهي تُسي اگي چلو اسين تاڏي لان هوسين.

ڪراچي ۾ اصل وارثن کي لاوارث ڪيو پيو وڃي، انهي ٻوساٽيل ۽ سياسي لاوارثي واري ماحول ۾ مون کي چي مير جا اهي لفظ ياد اچي رهيا آهن جيڪي هن متحده کي وارننگ ڏيندي چيا هئا ته ڪراچي ڪنهن جي پيءُ جي ڪانهي.

اڄ اهو مون کي آواز انهن بي گهر ٿيندڙن لاءِ ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو آهي، سنڌي ڪڏهن کان ايترا خاموش ٿي ويا آهن؟ مان هي سوال سنڌ جي نوجوان نسل کان پڇڻ چاهيان ٿي ته آخر ڪيئن توهان جي اکيون هڪ قهر دؤران ناجائزي ڏسي رهيون آهن؟

ڇا به هجي ڪيئن به هجي ڪهڙي به مفاهمتي پاليسي ۽ اقتدر جي چاندي هجي!!! سڀ هڪ طرف پر روئيندڙ معصوم چهرا جن جو ڪجهه به نه رهيو آهي، انهن کي هن ملڪ جي رياستي مشينري روڊن تي آڻي گولين سان هيسائي رهي آهي. انهي کي انسانيت ۽ مسلمانيت جو نالو ڏيندؤ؟ سپريم ڪورٽ هن قهر تي خاموش ڇو آهي ته ڪراچي ۾ متاثرين سان اهڙو ورتاءُ ڇو پيو ڪيو وڃي؟

مان سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت سان گڏوگڏ يو اين او کان پڇڻ چاهيان ٿي ته متاثرين جا حق ڪهڙا ٿيندا آهن؟ ۽ اهي جيڪي پنهنجي ڌرتي تي هجن انهن جا حق چارٽر آف هيومين رائٽس ۾ ڪهڙا آهن؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ته معصومن جي تذليل تي خاموش ڇا لاءِ آهي؟ 25 آگسٽ تي متاثرين تي ٿيل آپريشن جو فيصلو ڪير ڪندو؟

هينئر مون کي اهي ٻارڙا ياد اچي رهيا آهن جن جي مٿي تي سامان ۽ هٿ ۾ بالٽي هئي جيڪي پنهنجي ڳوٺ کان گاڏي ۾ انهي ڪري چڙهيا هئا ته انهن کي ٻئي شهر ۾ ڇت ملندي، پر انهن کي ڪير ٻڌائي ته هن ديس جي انسانيت مفاهمتي زنجيرن ۾ قيد ٿي چڪي آهن. ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪٿي ڪا همدردي به آهي؟ پر جيڪي معصوم هٿ هيئنر به اميد جي نگاهه سان نهاري رهيا آهن، انهن جي نگاهه کي حڪومت ڪهڙي موٽ پئي ڏئي؟

No comments:

Post a Comment