Wednesday, August 11, 2010

Give pray to Indus River!!!


درياهه کي دعا ڪجانءِ...!!!

وينگس


”پٽ جيڪڏهن تنهنجو لنگهه سنڌو درياهه کان ٿئي ته ان کي منهنجي طرفان دعا ڪجانءِ ته هميشه ائين ئي موجن ۾ رهين.“ هي جملا منهنجي ماءُ جا منهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي هئا جيڪو لاهور کان ڪراچي ڏانهن اچي رهيو آهي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا سنڌ جي هر ماءُ ائين ئي دعا گهرندي هوندي جيئن منهنجي ماءُ گهري رهي آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجي ڪنن تي ڪنهن پوڙهي جو آواز پيو، جيڪو چئي رهيو هو ته اڙي ڇورا! توهان اچي ايترا نازڪ ٿيا آهيو اسان جي دور ۾ ته ٻوڏيون اينديون رهنديون هيون، منهن ڏيڻ مڙس ماڻهن جو ڪم آهي پر آيل پاڻي تي ناراض نه ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن هي درياهه بادشاهه جو پاڻي ناراض ٿي ويو ته پوءِ تون برباد ٿي ويندين.

هي ڪجهه اهڙا ردعمل آهن جيڪي مون پنهنجي ذاتي زندگيءَ دوران هلندي ڦرندي ڏٺا ۽ ٻڌا. ٻئي طرف جيئن ٻوڏ جي تباهي تي ڊيمن جي لاءِ مرلي وڄائي پئي وڃي، اهي سڀئي رويا جن ۾ هڪ طرف ماڻهو آيل پاڻي تي خوش آهن ته ٻئي طرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن. ان سڄي معاملي ۾ هڪ ڳالهه ڏسڻ گهرجي ته آيل ٻوڏ جي مسئلي کي ورتو ڪيئن پيو وڃي؟ سنڌ ڊگهي عرصي کان پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏيندي پئي اچي، جنهن ڪري سنڌ جي سڄي زمين بنجر ٿي وئي آهي، سنڌ جي پاڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ان کي ٻڌو به نه پيو وڃي، اسان مسلسل چوندا آيا آهيون ته رياستن اندر ڪجهه مسئلا هٿرادو پيدا ڪيا ويندا آهن جن پٺيان صرف ۽ صرف سياسي چالن کي ڪامياب ڪرڻ هوندو آهي.

هينئر سنڌ ۾ آيل ٻوڏ تي هر هڪ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هي ٻوڏ نه اچي ها ۽ هي پاڻي ڊيمن ۾ ڀريو وڃي ها ته ڪيترو نه بهتر ٿئي ها. پر سوال هتي اهو آهي ته انهن کي صرف ڊيمن جو کوڙو ڇو ياد آهي؟ آخر هي سنڌ جي مسئلي تي ڌيان ڇو نه پيا ڏين؟

هينئر آيل ٻوڏ يقينن پنهنجي جڳهه تي وڏو مالي ۽ جاني نقصان ڏنو آهي، ڇا ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ميان شريف برادرز جيان هر پريس ڪانفرنس ۾ ڊيمن جو راڳ ڳائجي يا وري نقصان کي منهن ڏئجي؟

اسان مان ڪير به پاڻي کي غصي ۾ وڃي چئي نه ٿو سگهي ته هليو وڃ هتان... آخر هڪ بنجر ڌر تي ڪيئن چئي ته هليو وڃ هتان...! جتي ٻوڏ جو پاڻي آندو يا وري اچي ويو آهي، ان جي ردعمل ۾ آيل تباهي کي منهن ڏيڻ گهرجي. انهي جڳهه تي مون کي ذاتي طور تي ننڍڙي بلاول ڀٽو جو عمل سڀني کان ميچور لڳو، جنهن ٻوڏ تي سياست ڪرڻ بدران امداد گڏ ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪندي پهرين پنهنجا طرفان پئسه جمح ڪرايا. ڇا اسان جي ميڊيا ان عمل کي ساراهيو؟ ايستائين جو ان تي ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو. ڪٿي لکيل هو ته اهي سڀئي پنهنجي من اندر ۾ ڪيترا نه ڪارا آهن.

اڄ بلاول بهترين عمل ڪري هي ظاهر ڪيو آهي ته ”Youngsters are more mature than elders“ يعنيٰ وڏن کان ننڍڙا ڪيترا نه ميچور هوندا آهن.

جيڪڏهن بلاول جيان پاڪستان ۾ ويٺل سياستدان، سرمائيدار ۽ امير طبقو ڪجهه لکن جا فنڊ ڏين ها ته اسان کي ٻاهرين امداد جي لاءِ هٿ اڳتي ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. پر امير طبقي جن ۾ سياستدان به شامل آهي جا من ڪارا آهن، انهن جا هٿ ٻاهرين فنڊن لاءِ جلدي اڳتي ٿين ٿا پر پنهنجي کيسي اندر وڃڻ لاءِ تيار ڪونهن.

اسان وٽ تباهي تي هاءِ گهوڙا ۽ مال جمح ڪرڻ هڪ روايت ٿي وئي آهي، ۽ هي به رويو رهندو پيو آيو آهي ته جڏهن به تباهي پ پ پارٽي دور ۾ ايندي آهي ان وقت پاڪستان جو امير طبقو ۽ ڪجهه اشرافيه طبقو منهن لڪائي ويهي رهندو آهي ان وقت انهن کي تباهي ۾ مرندڙ مسڪين مسلمان ڀائر ياد ناهن ايندا. ڇا اسان کان وسري ويو آهي ته مشرف دور ۾ آيل زلزلي دوران پاڪستان جو امير طبقو، اداڪار ۽ ڪراچي جي لساني پارٽيءَ جون ننڊون ئي برباد ٿي ويون ۽ انهن ايترو فنڊ گڏ ڪيو جو چوڻ ۾ هي آيو ته ان فنڊ کي موڪلڻ جي جڳهه تي گهڻو ڪجهه به کيسي ۾ ئي رکيو ويو ۽ ٻاهرين فنڊ تي مشرف پاڻ ئي ديرو ڄمائي ويهي رهيو. ڇا ان تي ڪنهن ڪجهه لکيو؟

پر هاڻوڪي ٻوڏ سان آيل تباهي تي هر هڪ کي درد آهي ته ڊيم ڇو نه ٺهيو؟

ڪير به مالي مدد ڪرڻ لاءِ انهي ڪري تيار ڪانهي ته ان تباهي سان آيل نقصان پ پ جي حصي ۾ وجهجي. جيڪو پ پ جي حصي ۾ وڃي به رهيو آهي ته ڇو جو پ پ جا وزير ٻوڏ جي آيل پاڻي کي ڏسڻ ضرور اچي رهيا آهن ۽ ان تي جذباتي پريس ڪانفرنس ڪري گاڏين ۾ هليا وڃن ٿا. پاڪستاني سياستدانن جو تباهي تي ردعمل ائين آهي جيئن ڪير پڪنڪ ڪري هليو وڃي، تباهي تي پڪنڪ ڪرڻ ۾ ٿورڙو فرق هي آهي ته انهن کي عوام جي درد لاءِ روئڻ جو ناٽڪ ڪرڻو پوي ٿو. ۽ جيئن هو هينئر ڪري رهيا آهن. ان ڪري هاڻي غريبن جي برباد ٿيل گهرن تي سياسي پڪنڪ ختم ٿيڻ گهرجي. مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جيڪڏهن بلاول ڀٽو جي عمل مان سکڻ چاهين ته گهڻو بهتر آهي جنهن امدادي عمل ۾ پهرين پنهنجي کيسي مان پئسه ڏنا آهن.

ٻوڏ کانپوءِ آيل تباهي تي ائين سياست کان پاسو ڪيو وڃي ته هي هن ملڪ جي لاءِ بهتر آهي، سنڌ، بلوچستان، پختونخواهه، ۽ پنجاب ۾ رهندڙ مسڪين عوام آهي جن کي مشڪل وقت ۾ مدد جي عملي طور تي ضرورت آهي.

ٻئي طرف سنڌ جو رويو هن ٻوڏ تي مثبت آهي ته سڪل زمين جي سيني تي ڪجهه پاڻي جو ڇنڊو ته پيو، ان سان گڏوگڏ هڪ نئين ڳالهه به سامهون اچي رهي آهي. اها هي ته پهرين ۾ ڀاشا ڊيم جي خلاف تحريڪ سنڌ مان اٿي رهي هئي جيڪا هاڻي هن ٻوڏ کان پوءِ ٿڌي ٿي وئي ۽ عوام جي ذهن تان به ڀاشا ڊيم جو مسئلو ختم ڪيو ويو.

هن ڀيري وري رياستي ڳجها هٿ ڪامياب ٿي ويا جو انهن هڪ اهم مسئلي تان ڌيان هٽائي ٻيو مسئلو ٻوڏ جو پيدا ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي پارٽين کي اهم مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي بدران اهم مسئلي کي کڻڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ آيل تباهي ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ٻوڏ تي سياست نه چمڪائڻ گهرجي، پر ان جي جڳهه تي عوام جي امدادي ڪئمپن تائين ايمانداري سان سامان پهچايو وڃي، ڪئمپن ۾ رهندڙ عوام آهي ڪي ڍور ڍڳا ناهن جن کي کليل آسمان هيٺيان ڇڏيو ويو آهي.

حڪومت جي وزيرن کي درياهن جي بندن جي بدران عوام جي ڪئمپن ۾ وڃي وقت گذارڻ گهرجي پر هي ڪم هتان جي سياستدانن کان نه ٿيندو. هونءَ به اهي سياستدان ويا هليا جن جو دل عوام لاءِ ڌڙڪندو هو، جيڪڏهن اڄ شهيد پنڪي ۽ مير مرتضيٰ هجي ها ته ڇا انهن جا قدم ڪئمپن ۾ رهندڙ عوام ڏانهن نه وڌن ها؟

اسان درياهه جي موجن کي ان ماءُ جيان ئي دعا ڏينداسين ته شل! تون سدائين موجن ۾ رهين. ۽ ان پوڙهي بابا جيان ته مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ مڙس ماڻهو جو ڪم آهي. ۽ سنڌ هر ويل مشڪلاتن کي منهن ڏيندي آئي آهي. هي آيل ٻوڏ جي تباهي کي به سنڌ منهن ڏئي ويندي پر هن ٻوڏ تي وڄندڙ ڊيم جي مرلي تي سنڌ جو عوام سخت مخالفت ڪري پيو. برباد به اسان ٿيون ۽ اسان جي ئي بربادي تي هڪ ٻيو تباهي جو محل اڏيو وڃي ان کي ڪير به قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي.

No comments:

Post a Comment