Sunday, August 8, 2010

Bangles of reconciliation of ruling party PPP.

مفاهمت ۾ ڪَڙيل هيوي مينڊيٽ واري حڪومت!

پاڪستان جي اقتداري وايومنڊل ۾ سواءِ عوامي فيصلي جي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. جتي غير عوامي قوتون آسانيءَ سان هر ڪم ڪري وڃن ٿيون ۽ انهن کي سپورٽ به ڀرپور ملندي رهي ٿي. ڇا اسان 50 ڏهاڪي جا اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن جڏهن پنجاب ۾ پهريون ڀيرو مارشل لاءِ هنئي وئي هئي، ان وقت پنجاب جو وزير اعليٰ ممتاز دولتانه هو، مارشل لاءِ جو سبب احمدين کي غير مسلم قرار ڏيڻ هو. احمدين جي خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ نه پئسو پاڻيءَ وانگي وهايو ويو هو ايستائين جو ان وقت جي صوبائي حڪومت جي تعليم کاتي ٻن سالن ۾ ٻه لک رپين جي امداد اخبارن کي ڏني جن احمدين جي خلاف مهم هلائي هئي.

ان وقت صرف پنجاب جي حڪومت ئي نه پر پنجاب جون ايجنسيون به اڳيان اڳيان هيون. هتي احمدين جي ڳالهه کي ڪوڊ ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اسان سمجهي سگهون ته ڪيئن اينٽي عوامي قوتون شروع کان وٺي عوام جي ذهن کي غلط فيڊ ڪنديون رهنديون رهن ٿيون، اڄ به تخت لاهور طرفان اهي ئي سازشون ٿينديون نظر اچن ٿيون جيڪي انهن پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ڪيون هيون حرڪتون ساڳيون بس چهرا تبديل آهن، ڪڏهن معصوم انسانن کي احمدين جي خلاف ڪري معاشري ۾ انهن کي اڇوت جهڙو درجو ڏيڻ ته ڪڏهن وري ڊيمن جي اعلانن وسيلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪرڻ آهي. نام نهاد ميڊيا انهن جي حرڪتن جو ساٿ ڏئي رهي آهي صرف انهي ڪري جو انهن وٽ ميڊيا هڪ دڪان آهي جتان هو پئسو ميڙي سگهن. مٿان وري نڪ جي پڪائي سان انسانيت ۽ ايمانداري جي ڳالهه به ڪرڻ! انهن کي پنهنجي اندر مان ڌپ محسوس ڇو نه پئي ٿئي؟ شايد انهن وٽ سنگهڻ جي حس ئي ختم ٿي وئي آهي.

جيئن مٿي چيو ويو ته هن رياست ۾ غير عوامي قوتون گهڻيون مضبوط آهن ڇو جو انهن هر جڳهه تي مورچا ٺاهي رکيا آهن جن مورچن مان ويهي ڪري هو معصوم عوام تي حملو ڪندا رهن ٿا. موجوده حڪومت سان گهڻي مذاق ٿي آهي، انهن گهڻو پنهنجو نقصان پاڻ ئي ڪيو آهي. هيءُ هيوي مينڊيٽ جو دهل وڄائيندڙ حڪومت آهي، پر وقت اچڻ ته انهن جي تڪ جي پوليس آفيسر تي به نه هلي، پوءِ اهڙي هيوي مينڊيٽ کي توهان ڇا چوندوء؟ هي هيوي مينڊيٽ ائين ئي آهي جيئن توهان ڪنهن ماڻهو کي ترڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڇڏي ڏيو پر ان مٿان وزندار سامان رکي هي چئو ته هي سامان توهان جي حفاظت ڪندو، جڏهن توهان پاڻيءَ ۾ موڪليا ويندوء ان مهل توهان کان ترڻ ته ٿيندو نه پر توهان ان پوزيشن ۾ به نه هوندوء ته توهان ڳرو سامان لاهي سگهو. آخرڪار ڇا ٿيندو؟ يقينن توهان انهي پاڻيءَ ۾ ڦاسي پوندؤ.

جيئن موجوده حڪومت ڦاسي پئي آهي، اهو ڄاڻيندي به ته جن کي اسان اتحادي بڻايو آهي اهي الٽو اسان جو تماشو بڻائيندا پيا وڃن، سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به موجوده حڪومت خاموش آهي، انهيءَ ڪري ته هي چار ڏينهن جي اقتداري چاندي الاءِ ٻيهر ملي نه ملي؟ هينئر جيئن ٻوڏ آئي آهي ان لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته اها هٿرادو آهي ڇاڪاڻ جو پردي پٺيان وارا ڊيم جو ماحول جوڙڻ لاءِ ٻوڏ جو عذر پيش ڪري چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڊيم هجي ها ته اڄ ٻوڏ نه اچي ها. عوام جي لاشن تي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ڪيترو نه اڳتي نڪري چڪا آهن!؟ پر هن رياست ۾ غريب عوام جي قتل جي اهميت ناهي، جيڪڏهن هي ٻوڏ هٿرادو آهي ته پوءِ ان جي عدالتي ڪارروائي ٿيڻ کپي، مسئلو هي آهي ته شينهن جي آڏو ڪڇي ڪير؟

هڪ طرف ٻوڏ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف 2 آگسٽ 2010ع جي شام جو ڪراچيءَ کي ساڙيو ويو آهي ۽ هي باهه هينئر به هلي پئي. اهڙو ٿيو ڇا جو ڪراچي سڄي کي ساڙيو ويو. 2 آگسٽ 2010ع تي متحده جو اي ايم پي رضا حيدر کي ڪي نامعلوم هٿيار بند قتل ڪري هليا ويا، جنهن کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ٿي رهيو آهي ان پٺيان ڪير آهي؟ سڀ کان پهرين مان هتي هڪ ڳالهه ياد ڏياريندي هلان ته مان پنهنجن ڪالمن ۾ پهرين به ٻڌائي چڪي آهيان ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ هڪ سوچيل سمجهيل کيڏ آهي، جنهن ۾ اهڙا ماڻهو به مارجن جيڪي ڪن خاص ڌرين لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگهن ٿا ۽ انهن کي ماري، سندن مرڻ جو بار وري حڪومت جي ڪلهن تي رکي انهن لاءِ ڏچو پيدا ڪجي. هڪ طرف ٻوڏ جو ڏچو آهي ته ٻئي طرف وري ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ.

پڪ سان، رضا حيدر سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو بهتر عمل نه هو، پر سندس قتل کان پوءِ جيڪو ٿي رهيو آهي ڇا اهو بهتر عمل آهي؟ 50 کان مٿي جانيون قتل ڪيون ويون، گاڏين، جاين، ۽ دڪانن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان پٺيان ڪير آهي؟ صرف ڪراچي ئي نه پر حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڇا ٿيو؟ جتي جتي هڪ لساني ڌر جي اڪثريت آهي اتي اتي حالتون خراب ٿيون آهن.

رضا حيدر جي قتل پٺيان ڪهڙا عنصر آهن؟ ڪجهه ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن ته آخر هن ۽ بابر غوريءَ ۾ جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي هو ۽ هيڏن ماڻهن مان قاتل ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهي جڏهن اها ايريا ئي خاص لساني ڌر جي هيٺيان اچي پئي؟ ڇا رضا حيدر جي قتل پٺيان سندن پنهنجا ماڻهو شامل هئا يا وري هي هڪ سوچيل سمجهيل ٽارگيٽ ڪلنگ آهي جنهن ۾ هڪ تير سان گهڻا شڪار ڪري سگهجن. رضا حيدر جي قتل کان پوءِ اصل نشانو پٺاڻن ۽ بلوچن کي بڻايو ويو آهي، ٻئي نشاني تي سنڌ حڪومت جي رٽ ڏچي ۾ پئي آهي. ۽ ٻئي طرف متحده جي اعليٰ قيادت جي خاموشي جيڪي پنهنجي اهم ساٿي جي قتل ٿيڻ تي ڪجهه به ڪڇن نه پيا هي اها ئي قيادت آهي جيڪا حيدرآباد ضلعي جي هڪ ٿيڻ ته حالتن جي خراب ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي هئي اڄ اها قيادت پنهنجي سينئر ساٿي جي قتل تي خاموش آهي ڪا به عدالتي ڪارروائي ڪرڻ مطالبو نه ڪري رهي آهي.

موجوده حڪومت کان وڌيڪ ٻه شهر مضبوط آهن هڪ لاهور ۽ ٻيو ڪراچي جتي پ پ پارٽي جي هلي ئي نه پئي ۽ دلچسپ منظر هي آهي جو ٻنهي شهرن ۾ اباجي جون نشانيون آهن ٻنهي پارٽين کي ٺاهڻ وارو جنرل ضياءَ آهي، ۽ ٻئي پارٽيون پ پ پارٽيءَ جي مٿي جو سور بڻيل آهن. پ پ پارٽيءَ کي هميشه ڪيرائڻ لاءِ ڳجهن هٿن هٿرادو بحران پيدا پئي ڪيو آهي، هڪ هٿرادو ٻوڏ پيدا ڪري ۽ ٻيو ڪراچيءَ جو حالتون خراب ڪري. ٻوڏ جي اچڻ تي نقصان ٿيو آهي اتي سنڌ ۾ غريب عوام خوش آهي ڇاڪاڻ جو هو ٻوڏ جي پاڻيءَ تي پنهنجو روزگار ڏسي رهيو آهي. گهڻن هي به چيو آهي ته ٻوڏ کي بنجر زمين آواز ڏئي گهرائيندي آهي، ڇا واقعي ائين ئي آهي؟ جن ٻوڏ کي نقصان پيدا ڪرڻ لاءِ ڇڏيو هو ان پاڻي تي غريب مهاڻا گلن سان ان جو ڀليڪار ڪري رهيا آهن، پر اسان هي نه چونداسين ته ٻوڏ عوام کي نقصان نه ڏيندي، بلڪل ڏيندي. جيڪڏهن حڪومت درست انتظام ڪري ته انهن نقصانن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. پر ٻوڏ تي ڊيم ٺاهڻ وارو راڳ ڪامياب نه ٿي سگهندو، ڇو جو ڊيم ٺاهڻ سان ويتر ٻيڻو نقصان ٿيندو. انهيءَ لاءِ مسلم ليگين ۽ اسٽبلشمينٽ کي ڊيمن تي پهرين اسٽڊي ڪرڻ گهرجي.

ٻوڏ جي مسئلي کي اٿاري حڪومت لاءِ بهانو پيو بڻايو وڃي ته حڪومت ۽ ان جي نمائندن کي عوام جي پرواهه ناهي ۽ اهي ناڪام ٿي چڪا آهن، اتي ئي وري ڪراچيءَ جي حالتن کي به اڳيان رکي پ پ پارٽيءَکي سوڙهو ڪيو ويو آهي، ڇا شازيه مري جو بيان رڪارڊ تي ناهي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان گهڻا دهشتگرد نائين زيرو جي ايريا وٽان پڪڙيا آهن، پر اهڙي بيان ڏيڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عهدي تان لاٿو ويو.

هي جيئن هٿرادو بحران پيدا ڪيا پيا وڃن ۽ انهن مٿان وري حڪومت کي جيڪي مفاهمتي چوڙيون پاتل آهن انهيءَ حڪومت کان ڪڇڻ ئي کسي ڇڏيو آهي. حڪومت کي ياد هجي ته ڳجهن هٿن 50 واري ڏهاڪي کان وٺي هٿرادو بحران پيدا ڪري حڪومت کي ڪيرايو ۽ جوڙايو آهي، ان ڪري ڪجهه هوش سنڀالي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي حڪومت جي رٽ ڏيکاريو ۽ اسان سمجهون ٿا ته درست قدم کي ڪير به نه روڪي سگهندو؟

ڪراچيءَ ۾ جيڪي حالتون خراب ٿيون آهن ۽ معصوم جانين جو جيئن قتل ڪيو ويو آهي ڇا ان لاءِ انصاف ناهي يا وري اهي گهٽين ۾ اڇليل ڪُٺل جانور آهن جن لاءِ انصاف نه پر صرف ايڌي جي بس موجود هوندي آهي. سنڌ حڪومت کي ڄاڻ هجي ته اهي ضيائيت جي باقيات کي جمهوريت جي حقيقي نفاذ لاءِ جرئت ڀرين قدمن ۽ عوام دوست پاليسين وسيلي ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن سنڌ حڪومت هي به نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ڇا عوام سمجهي ته سنڌ حڪومت کي عوام کان مٿي اتحادين جا مفاد پرست مطالبا عزيز آهن. حڪومت مفاهمت جون چوڙيون پائي پاڻ کي ئي نقصان ڏئي رهي آهي.

City is burning,

City is burning,

Oh...No... Man is burning,

Is there any one?

I heard, a voice which calling for help,

But,

I can not be seen in mist of soot,

Every thing is burning,

Now they just burning,

Queen of justice,

So, there will be no remain justice for innocent earth,

All things are burnt,

City is burning,

City is burning. (Helena)

ڪاش! هن رياست جا اصل ٺيڪدار ڏسي سگهن ته عوام شهرن سميت جلي رهيو آهي، حڪمرانن کي ياد رکڻ کپي ته رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويل شهرن تي حڪومت ناهي ڪري سگهبي.

No comments:

Post a Comment